• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“غزل“ ڳاڙهي سِجَ ۾ ڳوڙهو آ ڄڻ... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
ڳاڙهي سِجَ ۾ ڳوڙهو آ ڄڻ
وقتُ ويو ٿي پوڙهو آ ڄڻ
سمنڊُ مڇي ۽ ٻارَ مهاڻا؛
دنيا ھُنَ لئه ھَوڙهو آ ڄڻ
پُٽَ ڪڍيو آ گهر مان ھُن کي؛
پوڙھو ھُو ڪو ڪوڙھو آ ڄڻ
حال وڃي ٿو ماضي ٿيندو؛
وقتُ ھَوا جو گهوڙو آ ڄڻ
سنڌ ابد جو آڳر آهي:
سنڌ ازل جو لوڙھو آ ڄڻ
بند گهٽيءَ ۾ موت اچي ويو؛
جيون ٿي پيو سوڙهو آ ڄڻ
سَنُ لَڪيءَ جو چشمو آهي؛
سامهون ڀَڳو ٽَوڙو آ ڄڻ
عشق شروع ۾ جَوڳُ ھُجي ٿو؛
ھئه ھئه انت وڇوڙو آ ڄڻ
روح مٽائي ويسَ هلي ٿو؛
جسم اسان جو جوڙو آ ڄڻ
پروفيسرساجدسومرو
 
Back
Top