غزل تنهنجَي ڳَلَ جَي چُگھَ ٻُڌايو : مونکي رَستو نيٺ خُدا جو! مُلان جو هر وَاعظُ ھَو ڄڻ مون لئه هِڪڙو ڦَڳُ فَنا جو! ڪينَ ڏٺو هَو رَبُ ڪڏھن مون توکان اڳ ۽ توکان پَوڪو؛ مسجد مندر گرجا گهرَ ۾ - مون نه ڏٺو ڪو بُتُ بَقا جو! لحظو لحظو وَقتُ قضا آ - تَختُ قضا آ - بَختُ قضا آ لافاني هڪ تون ئي آهين! تو ۾ سارو راز قضا جو! چشما ۽ سرچشما سارا - مِرگھ تِرشنا رستا سارا؛ گُلَ ڦُلَ ٿي ويا بي معني سڀ- تنهنجو غَبۡ غَبۡ ھاءِ بلا جو! دوزخَ جنت هتڙي ئي آ - باقي سارا جهانسا آهن: تو بِن هان مان بُتُ سزا جو - توسان هان مان بُتُ جزا جو! رِم جِهم رِم جِهم پيرَ اوهانجا - ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم نيڻَ اوهانجا: تون ئي تون آن رقص هواجو-مان ئي مان هان سازصداجو! توکان ٻاهر ڪجھ به ته ناهي سڀ ڪجھ تنهنجي اندر آهي؛ تو ۾ ئي تهذيبَ وسي ٿي - تو ۾ رقصم روح ڪلا جو! پروفيسرساجدسومرو