پيار، مزاحمت ۽ انقلابي فلسفو رکندڙ تخليقڪار.......محمد يعقوب ڏاھري

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 121.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    پيار، مزاحمت ۽ انقلابي فلسفو رکندڙ تخليقڪار.
    ٿر جي وارياسي مٽي ادب، تھذيب، تمدن ۽ ثقافت جي حوالي سان ھميشہ کان شاھوڪار رھي آھي. کوڙ سارا ڪلاسيڪل توڙي جديد ڀاڳوند شاعر، شارح ۽ محقق ۽ دور انديش تخليقڪار، اسان جي سنڌي ادب کي، سنڌ ڌرتيءَ جو غريب خطو ٿر ارپيندو رھيو آھي. جن پنھنجي اصلاحي شعور وسيلي شاعريءَ ۾ سمايل فڪري رمزن، فني پيچرن کي نروار ڪندي، پوري دنيا ۾ پنھنجو شاعراڻو فڪر پھچائي سنڌي شاعريءَ جا درجات بلند ڪرڻ ۾ ٿورو گھڻو ڪردار ادا ڪيو آھي.
    موجوده دور ۾ اھڙو ادبي ۽ اصلاحي شعور رکندڙ تخليقڪار، شارحن ۾ ”حاجي ساند“ جو نالو وڏي اھميت جو حامل آھي.
    اُھو ان ڪري ڇو جو سندس خيال نرمل ۽ سچ تي مبني احساس، ڌرتيءَ لئہ انصاف در دانھيندڙ ھوندا آھن. ھُن جي قلم سدائين سچ جي زبان ڳالھائي آھي. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ سچ جو وجود ۽ خيالي ڪيفيتون صنفي تفريق کان مٿانھون، حق سچ جون حامي رھيون آھن.
    ھُونءَ بہ مٽيءَ ماءُ سان پيار ڪندڙ شاعرن جا لفظ، مٽيءَ جي سچي زبان ھوندا آھن. ۽ جيڪڏھن ھتي چئجي تہ سائين حاجي ساند سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ۽ سچ جو حامي آھي تہ ان ڳالھ ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
    سندس شاعريءَ ۾ گھرو تخيل، تفڪر، فھم ۽ ادراڪ ۽ انوکي ڏات موجود آھي.
    شاعري جٿي گلاب، چنبيلي ۽ موتيي جي خوشبوءَ آھي تہ ڪٿي گلابي چپن جي مرڪ جي خاموش ڌُن آھي ۽ ڪٿي وري اندر جو الڪو ۽ ڏکن سورن ۾ اک مان وھايل گرم نيرن جو گرم پاڻي بہ آھي. چوڻ جو مطلب تہ ٻنھي صورتن ۾ شاعري اندر جي ڪٿا ۽ ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ڌرتيءَ جو سچو بيان سمايل ھوندو آھي.
    ويئي هوندي وحشت جي ئي ور چڙهي،
    جلدي جلدي جوانيءَ جا پيرا ڳول.
    (حاجي ساند).
    بقول تنوير عباسيءَ جي: ”شاعري تاريخ نويسي نہ پر اھا جذبن جي تاريخ نويسي آھي. ھر شاعر ڪنھن نہ ڪنھن دور ۾ رھندو آھي ۽ سندس شعور ۽ لاشعور تي ان دور جا اولڙا پوندا رھندا آھن، ائين چئجي تہ ھر شاعر جو شعر سندس دور جي جذبن ۽ احساسن جي تاريخ آھي تہ غلط ڪونہ ٿيندو“.
    محترم حاجي ساند جي شاعري ڪڏھن بہ مفرد موضوعاتي نہ بلڪہ ڌرتيءَ جي اجتماعي موضوعن جي عڪاس رھي آھي. اِھا ئي حاجي ساند جي خوبي آھي تہ ھُو بذات استحڪام رکندڙ آدرشي انسان آھي. اُھا ھڪ الڳ ڳالھ آھي تہ منھنجي ساڻس ڪا ملاقات يا ڪڏھن بہ ڪا ڳالھ ٻولھ ناھي ٿي پر پوءَ بہ جڏھن سندس تخيلاتي فڪر کي پڙھبوتہ اُھي سڀ خوبيون جيڪي سماجي تعمير جو حصو آھن، سندس شاعريءَ ۾ بخوبي پرکي سگھجن ٿيون.
    حاجي ساند جي شاعريءَ کي جڏھن بہ پرکبو ۽ پڙھبو تہ اُھا متحرڪ سوچن، جذبن، احساسن ۽ امنگن طور ھم ڪلام ٿيندي پاڻ متعارف ٿيندي.
    مشاھداتي نظر ۾ ڏسجي تہ شاعريءَ جي ٻولي سماجي ڪارج، وارتائن، ارٿ ۽ ڪيفيتن جي اڌمڻ سان بہ پنھنجا شاعراڻا جذبا اجاگر ڪري سگھي ٿي.
    بقول حاجي ساند جي:
    وڄ هئي سيلها ڪندي ۽ ڊڄ هو ڍرندو اچي،
    ياد پئي جادو ڪندي هئي، سانوڻي ٻرندي هئي.
    سيءَ سيمن جي اچي، سا ھ ۾ سمهندا هيا،
    رٺ لهندو هو رڳن ۾، ڪامڻي ٻرندي هئي.
    راند ۾ ڀي هٿ ڪنهن جو توکي جي لڳندو هيو
    وٽ کائيندي پئي هئي، هوءَ گهڻي ٻرندي هئي.
    اندر جي اڌمن ۽ جذبن جي نچوڙ جا سرڙاٽ يا اُھي اشعاري لفظ جن ۾ سماج جي سُورن ۽ ناسُورن جو ڦٽُ ۽ انھن جو علاج ڏسجي، اھا سڀ شاعري آھي.
    سماجي تبديلي ۽ پختا دليل ۽ انھن سڀني شين جي تشريح جيڪا شعري لفظن مان ظاھر ٿئي، اُھي سڀ مفرح وصفون اسان کي حاجي ساند جي شاعريءَ ۾ پڙھڻ لاءَ جام ملنديون.
    حاجي ساند جي شاعريءَ ۾ تصور ۽ تخيل جي دنيا تمام گھڻي، گھري، حسين ۽ رنگين آھي.
    سندس غزل جا ٽي شعر/بند ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
    زخمي هو تہ بہ ڳايئين ويٺي،
    ها هي ڪنهن پاڳَلَ جو ڪم هو.
    اسان وٽ ھڪ ڪھاوت مشھور آھي تہ ”عشق وارا چريا سڏبا ئي آھن“. سندس غزل جو مٿيون بند شعري حُسن ۽ تخليقي سگھ جو مظھر آھي. سندس مٿئن شعر ۾ ڪوبہ نقاد پنھنجي افڪار ذريعي ڪيئي استعارا ڏئي سگھي ٿو.
    ”زخمي ھجڻ باوجود بہ ويراڳي ۽ پاڳل طور“ استعاري واري ڳالھ کي جيڪڏھن ھن پد تي پَسجي تہ خيال سھي وڃي بيھندو تہ: ڪنھن لاءَ چريائيءَ جي حد تائين رسائي بہ ڪنھن عاشقاڻي منزل جو نانءُ آھي.
    شاعريءَ ۾ استعاري جو اعتدالي پڻ اھڙو محوراتي ھجڻ گھرجي، جھڙو حاجي ساند جي شعرن ۾ ملي ٿو.
    باھ تہ لھجن ساڻُ وسامي،
    هي ٿورئي ڪو جَلَ جو ڪم هو.
    ويراڳي فڪر ۽ تياس جي قطع بريد، سُر سارنگ ۽ ديپڪ راگ جي وچ جي راند. سندس مٿئين شعر پڙھڻ سان ذھن ۾ جڳ مشھور راڳي تانِسَين ۽ مشھور راڳي استاد منظور علي خان جون تصوراتي مورتيون ڦرڻ لڳن ٿيون.
    مينهن وٺي کان پوءِ هي انڊلٺ،
    تنهنجي ٻانهن اُڇَلَ جو ڪم هو.
    حاجي ساند جا مٿيون شعر تخيل جي پرواز، لفظن جي نغمگي ۽ احساسن جي تازگيءَ جي ساک بخشيندڙ آھي.
    حاجي ساند پنھنجي فڪر ۾ ھڪ جدت طراز شاعر آھي. سندس اسلوب ۽ تخليقي سطح تمام مٿانھين آھي. سندس شاعريءَ جي ھڪ اھم خوبي اِھا بہ آھي تہ اُن ۾ ڪلاسيڪل روايتن جي پاسداري ملي ٿي. نہ صرف ايترو پر سندس غزلن ۾ رومانوي رنگ موضوعاتي حوالي سان وڌيڪ سگھارا ۽ حاوي ٿيندڙ ملن ٿا، اِھا ئي سندس شعري احساسن جي حُسناڪي آھي.
    ھونءَ بہ شاعري توڙي جو کڻي ڪھڙي بہ زبان ۾ ھجي. اُن ۾ موجود جمالياتي حُسن، گوناگون علميت ۽ حقيقت پسنديءَ سبب فلسفاتي موضوع رھي آھي. ٿي سگھي ٿو تہ آئون پنھنجي خيال مطابق غلط بہ ھجان پر شاعريءَ ۾ سونھن جي اَرپَ ازلي حيثيت ۾ داخلي ۽ حقيقتي ھجڻ سان گڏوگڏ روح وانگر لافاني ٿئي ٿي.
    فلسفاتي نظر ۾ اگر حاجي ساند جي شاعري کي انھن تڪن تي توربو تہ اُھا انھن سڀني پاسن کان پنھنجي پس منظر ۾ پوري ۽ خوبصورت بيٺل نظر ايندي.
    حاجي ساند غزل ۽ نظم جو منفرد شاعر آھي. سندس ٻئي صنفون فڪري جدت ۽ تخليقي حُسناڪيءَ سان گڏ غنا جي جامع شاعراڻي پختگيءَ سان سرشار ملن ٿيون.
    ورڊس ورٿ شاعريءَ لاءَ چيو ھوتہ: ”شاعري سمورن انساني عملن جي جان ۽ ان جو لطيف ترين روح آھي. شاعري جذبات جي اھڙي پُر جوش علامت آھي، جيڪا سموري علم ۽ حڪمت جي چھري ۾ چٽي ھوندي آھي“.
    دنيا ۾ شاعريءَ لاءَ استعمال ٿيندڙ سڀئي تشريحون ۽ علم ميڙي ڀلي کڻي ڇونہ گڏ ڪجن پر ھڪ ڳالھ وري بہ واضع نڪري ايندي تہ شاعريءَ لاءَ جدت ۽ خاص ڪري ترنم ۽ رواني لازمي آھي.
    حاجي ساند جي شاعريءَ ۾ اسان کي اھي سڀني خوبيون چٽيون نظر اينديون، جيڪي خوبيون صنفن جي جان ھونديون آھن. جن ۾ تخيلاتي معيار پوري محور ۾ بيٺل ۽ جن ۾ تبديليءَ جي ڪا خواھش باقي محسوس ناھي ٿيندي.
    سندس شاعريءَ ۾ سنڌ لاءَ پيار، مزاحمت ۽ انقلابي فلسفي جي جرڪندڙ جوت، ھر باشعور ۽ شاعريءَ جي فن کي ڄاڻيندڙ انسان محسوس ڪري سگھي ٿو.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    10 آڪٽوبر 20ع جي رات،
    02:55 تي لکي پورو ڪيل.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو