نانءُ ئي قربان آ، ان کان مٿي ڪھڙي سخا...محمد يعقوب ڏاھري

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 120.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    نانءُ ئي قربان آ، ان کان مٿي ڪھڙي سخا-
    داغستاني شاعر رسول حمزه توف چيو آھي تہ: ”شاعر خانہ بدوش پکين جيان نہ ھوندا آھن، اھي شاعر جن کي ڌرتي، دل ۽ پنھنجو گھر نہ ھوندو آھي. اھي ائين ھوندا آھن، جيئن بنا پاڙن جي وڻَ ۽ بنا آکيري جي پکي ھوندا آھن“.
    منھنجي خيال ۾ شاعريءَ سچ ۽ صداقت جو روح ھوندي آھي يا ڏات ۾ ذات جي اجتمائي سچ ۽ صداقت جو روح سمايل ھوندو آھي.
    اُھو ئي عشق آفاقي عشق ھوندو آھي، جنھن جي رتيءَ ۾ بہ وسيع ڪائنات ماپِي سگھبي آھي ۽ جنھن جا آلاپ سُر سنگيت بنجي جھر جھنگ پيا جھونگارجندا آھن.
    ملي حيوان جي ڪو روپ ۾ انسان جيڪر پوءَ،
    سٺو ٿيندو انھيءَ کي انسان ڪري ڇڏجي.
    احساس ۽ اظھار ۾ رتل فڪر شاعريءَ جو سدا کان موضوع رھيو آھي. آجپو جڏھن آشڪارگيءَ سان گڏجي دلين ۾ اتساھ جاڳائيندو آھي تہ پوءَ ڪيئي ننڊاکا نيڻ محبوبيت ۾ مجذوب ٿي حسِين شاعراڻو فڪر جوڙي وٺندا آھن.
    شاعري ھڪ اھڙو فلسفو آھي. جيڪا شاعر لاءَ ھڪ ئي وقت رمز تہ ھڪ ئي وقت نجات ھوندي آھي. بطور شاعر جي ڪيفيتن جي ان پروڙ ۽ خيالن جي واڌ ويجھ جو عمل ھڪ ئي وقت ۾ ڪيئي سندر ۽ سُريلا سنگيت جوڙي وٺندو آھي.
    اُھا ڏات جيڪا ڀٽائيءَ جي پاڙي منصوره جي زنده دل ڪردار سائين ڌڻي بخش”قربان“ جي ويراڳيءَ طور سڃاڻپ رھي.
    نانءُ ئي قربان آ، ان کان مٿي ڪھڙي سخا،
    تنھنجي شفقت تي لکان يا پنھنجي مروت تي لکان.
    سندس ذات جو پاسو رڳو شاعراڻي سڃاڻپ رکندڙ نہ ھو پر ھُن امن ۽ محبتن جو پيغام ڦھلائيندي، مذھبي انتھاپسنديءَ کي ڪڏھن بہ پنھنجي علائقي ۾ اسرڻ نہ ڏنو. ھونءَ بہ سندس شاعري آزاديءَ ۽ امن جو ڀرپور اظھار آھي.
    مرزا غالب چيو آھي تہ:
    راه زين ديده وران پُرس کہ در گرم روي،
    جاده چون نبض تپان در تن صحره بينند.
    معني: ”راھ انھن کان پڇ جيڪي پنھنجي گرم رفتاريءَ ۾ رستو صحرا جي تن بدن ۾ ڪنھن تپيندڙ نبض وانگر ٿا ڏسن“.
    ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ بہ ناھي تہ تخليقڪار بطور شاعر جي نظر ڏورانھن منظر جي عڪاسي ۽ فڪري التماس اُچاريندي آھي.
    جي ڏسجي تہ شاعريءَ جو مقصد رڳو دل بھلائڻ نہ پر انساني ذھني سجاڳيءَ جو عمل پڻ آھي.
    شعر و شاعريءَ کي سمجھڻ لاءَ ارسطوءَ جي راءَ مطابق: ”محاڪاتي پھلو شعر جو روح آھي“. در اصل تخيل ئي شعر جو روح آھي ۽ محاڪاتي پھلوءَ جو مقصد ئي نقش نگاري ڪرڻ آھي.
    اھڙو ئي فڪر، اھڙي ئي نقش نگاري اسان کي ڌڻي بخش ”قربان“ ڏاھريءَ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي.
    اڃان ڀي آرزو آھي حياتي ھيءَ گذاري گڏ،
    ڪفن ويڙھي دفن پنھنجو، مٺا ارمان ڪري ڇڏجي.
    سائين ڌڻي بخش ”قربان“ جي شاعري گلن جي مک تي ماڪ جھڙي آھي ۽ پرھ جي اوتيل ساک جھڙي آھي.
    سندس شاعري زندگيءَ کي جيئارڻ جي پُر نئين اميد ٿي لڳي. توڙي جو کڻي گڏ رھڻ جي آرزو ھڪ عام رواجي خيال آھي پر ارمانن کي دفن ڪرڻ وارو استعارو شعر ۾ نواڻ ۽ جدت ڀريو بيٺو آھي.
    سائين ڌڻي بخش ”قربان“ جي شاعريءَ جي اوسر تي نظر وجھبي تہ ائين محسوس ٿئي ٿو تہ اھا پنھنجي فن، ھئيت ۽ روانيءَ سان ڀرپور فڪري تخيل جي لحاظ کان منفرد آھي. سندس شاعريءَ ۾ اصل شيءَ خيال جو ملندڙ آھي، خيال جيڪو شاعريءَ جو روح آھي. ۽ روح بنا اشعاري اکرن کي پرکبو تہ وزنائتي تور تڪ وڃي بيھندي.
    سندس شاعري ۾ فڪر ۽ تخيلاتي گھرائيءَ حوالي سان وڏي پختگي آھي نہ صرف ايترو پر فني ۽ فڪري اوسر بلڪہ موضوعاتي لحاظ کان بہ سندس شاعري وڏي اھميت جي حامل آھي.
    رومانيت شاعريءَ جو حُسن ۽ جوھر آھي. ان ڪري اھا شيءَ ڪنھن بہ شاعري/ٻوليءَ مان ختم تہ نہ ٿي آھي پر جيستائين شاعري پنھنجي اوسر سان اڳتي وڌندي رھي آھي، تيستائين محبت جو اھو احساس شدت سان تازو ۽ توانو رھندو.
    بحر ھزج مثمن سالم جي وزن چار دفعا مفاعلن ۾ سرجيل سندس غزل جا ٻہ شعر ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
    نگاھن تي بندش آھي زبان تي ماٺ جون مھرون،
    خبر ناھي ڇا کان ايڏو ڏمر آھي اڃان تائين.
    غم طوفان مان ڪشتي اميد آھي تري ويندي،
    فقير جي دعائن ۾ اثر آھي اڃان تائين.
    شعرن ۾ سندس خيال پختو ۽ باڪمال ان ڪري بہ آھي، ڇو جو پاڻ پنھنجي زندگيءَ ۾ انھن سڀني مشاھدن مان گذري چڪو ھوندو. ۽ پوءَ اُھي سڀ مشاھدا فڪري انداز ۾ ھميشہ لئہ محفوظ ڪري ورتا ھوندائين.
    جت جوانيون ڪوٺن منجھ جلن،
    بيوس پوءَ سي ڪيئن ڪُڇن،
    ھت روز مسئلا انا جا اٿن،
    ٿيون عرشن آھون جت پڄن،
    ھي منھنجي سنڌ ڏسو اڄ يار.
    جڏھن ڌرتيءَ تي ھر طرف مايوسي ڇانيل ھجي ۽ جڏھن ديس واسي تڪليف ۾ ھجن. انھن سڀني ڪيفيتن جي چَڪيءَ ۾ شاعر پاڻ پيسجي شعر سرجيندو آھي. ڇوتہ تخليقڪار بہ ان ئي سماج جو فرد آھي. جٿي ڪڏھن ڪڏھن گلن جي معطر خوشبودار ماحول ۾ زھر جي زھريلي بدبوءَ محسوس ٿيندي آھي.
    ۽ پوءَ لفظن جي اھا گونج تاريخ ۾ ڪنھن ”قربان“ کان قربان ٿي ھھڙا نظم تصنيف ڪرائيندي آھي. اُھي نظم جن ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي ڏکن جا ڏوراپا سمايل ھوندا آھن. جيڪي ادب جي تاريخ ۾ ورق بنجي ھميشہ لاءَ لائبريرين جا قيدي بڻجي وڃن ٿا.
    ستم تنھنجو پيو سھبو ستمگر !
    اڃان ڀي جان ۾ ڪجھ جان آھي.
    سائين ڌڻي بخش ”قربان“ جي غزلن ۾ اھڙا ڪيترائي شعر آھن. جيڪي شاعراڻي ادراڪ ۽ جمالياتي، رومانوي خوبين ۽ معنوي حُسن سان رچيل آھن. جن ۾ ڪٿي بہ احساسيت جي ڪمي محسوس نہ ٿي ٿئي.
    سندس مٿيون خيال، عاشقيءَ جي رمزن ۾ پر ڪيف، بسمل ۽ تشنگيءَ جو احساس رکندڙ ۽ مستيءَ ۾ گوناگون عاشق ئي سرجي سگھي ٿو.
    سائين ڌڻي بخش ”قربان“ جي شاعريءَ ۾ نرالن ۽ سندر رچنا رکندڙ لفظن جو ايترو استعمال ٿيل آھي جو ھڪ دفعو پڙھڻ سان ورلي پڙھڻ لئہ دل ان ڪري بہ چوي ٿي ڇو جو پاڻ فن جي ماڻ ۽ ماپ رکندڙ تخليقڪار ھو/آھي.
    سندس شاعريءَ ۾ موجود تشبيھون، تلميحون ۽ استعارا سندس شاعريءَ کي ويتر حَسِين بڻائين ٿا.
    سندس شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اھا بہ آھي تہ سندس شاعريءَ ۾ جيتري سادگي ۽ آسان ٻوليءَ جو استعمال آھي اوتري ئي معنوي پختگي ۽ فڪر جي جھجھائپ موجود آھي. سندس لفظن ۾ جيڪو انسانيت ۽ ڌرتي لاءَ پيار وسي ٿو يا جيڪا بغاوت ۽ انقلابيت نظر اچي ٿي، در حقيقت اھا سماجي تعمير لاءَ آھي.
    ڌڻي بخش ”قربان“ سائين توڙي جو ھينئر کڻي ظاھري طرح اسان جي وچ ۾ موجود ناھي پر سندس تخيلاتي فڪر، شاعريءَ روپ ۾ ڪيترين ئي اڃايل دلين جي اڃ اجھائڻ جو ڪم ڏئي پيو.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    سندس ايندڙ ڪتاب لئہ لکيل پيپر.
    ٽائيم:
    رات جو 27: 02 منٽن تي
    لکي پورو ڪيل.
    05 آڪٽوبر 20ع.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو