صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“.
تعارفي مضمون - 119.
محمد يعقوب ڏاھري.
خوابن جي ترتيب کي وقت ڏيندڙ تخليقڪار-
جڳ مشھور ادبي نقاد ٽِي ايس اَيلٽ جو چوڻ آھي تہ: ”شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏھن اوھين ڪنھن جدت ڪار (Innovetor) کي تاريخوار ويھي جانچيندا تہ اوھين ھن کي سندس من جي ڪنھن اُجھل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم ان جي پورائيءَ ۾ وڌندي ڏسندا“.
ڏکيو فلسفو آ حياتي مگر،
خوابن جي ترتيب کي وقت ڏي.
(امداد سولنگي).
سائين امداد سولنگي، سنڌ ڌرتيءَ جو اُھو ٻھڳڻو شاعر آھي، جنھن جون تخليقون پنھنجي اندر جي گھرائيءَ ۾ وسيع جھانَ رکن ٿيون. ڪير بہ اگر سندس شاعري کي پڙھندو تہ ان ۾َ رومانوي فڪر جو اونھو تصور ھر وقت پڙھڻ لاءَ ملندو.
مون سندس شاعريءَ کي شدت سان پڙھيو ۽ پرکيو آھي. سندس شاعريءَ ۾ موجود محاورا ۽ مثالن سان گڏ ڪافي شيون اھڙيون پڙھڻ لئہ ملن ٿيون، جيڪي جيئن سندس شاعريءَ جو ضمير بڻجي ويون ھجن.
جيڪڏھن ڏسجي تہ ھينئر شاعريءَ جو گھڻو تڻو رجحان، لھجو، تور تڪ ۽ طرز فارسي بحر، وزن ۽ لفظ پڻ شاعريءَ ۾ داخل ٿي رھيا آھن. جنھن سبب ڪري جدت پسند شاعرن جي اشعارن ۾ گھڻو عمل دخل ۽ شاعراڻي سنوار عروضي وزنن ۾ سرجيل نظر ايندي. ان شيءَ ۾ سرجيل تخليق کڻي جو وزن ۽ روانيءَ ۾ پابند پڻ رھي ٿي ۽ شاعريءَ ۾ ھمواريءَ جو واھپو جام پڙھڻ لئہ پڻ ملي ٿو.
اِھو ئي سبب آھي جو امداد سائين جي شاعري محوراتي انداز ۾ عروضي پختگيءَ ۽ موسيقيت ۾ روان لڳندي.
امداد سائينءَ بذات تخليقڪار ھجڻ سان گڏ بھترين قانوندان پڻ آھي. ھن پنھنجي زندگيءَ ۾ جيڪو سماجي وارتائن جي ور چڙھيل زھر ڳيتون ڏئي پيتو آُھي، جيڪو ڪجھ پنھنجي جيون ۾ سَٺو ۽ ڀوڳيو آھي. ان جي سوايو ئي زھر ھن پنھنجي اشعارن ۾ اوتيو آھي.
انھيءَ کان اڳي جو، وڇوڙا اچن،
عذابن جي ترتيب کي وقت ڏي.
سندس ھھڙا شعر انھن ڪيفيتن جي زبان آھن، جن محبوب جي جدائيءَ جي چُڪي چکي، پاڻ ستم سھي، عذابن کي ميڙي سھيڙي شعر لکيا.
سندس شاعري عروضي پدن ۾ پابند بيٺل ۽ خيال جي وسيع اڏام رکندڙ آھي.
سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي حوالي سان غزل اڄ ڪلھ مقبول عام صنف آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ ايندڙ ھر ٻيون ڪتاب اسان کي غزل تي لکيل ملندو ۽ ان کان سواءَ سوشل ميڊيا تي بہ نون شاعريءَ جي پيچرن تي پنڌ ڪندڙ شاعرن جو رجحان غزل ڏي ملندو.
بقول موھن ڪلپنا جي: ”اسان جي شاعرن غزل سان اھڙي ڪار ڪئي آھي، جيئن گلاب جي نازڪ پنکڙي تي بم رکي ڇڏجي“.
تمام گھٽ شاعر اھڙا بچيا آھن جن صنف غزل کي پنھنجي اصليت ھيٺ رکيو آھي. جن ۾ سائين امداد سولنگيءَ جو نالو سر فھرست ان ڪري بہ لکي سگھجي ٿو ڇوتہ امداد سائينءَ جي غزل ۾ رڳو موضوعن جي انڊلٺ، فڪر جو دريائي وھڪرو ۽ تخيلاتي ڪائنات تہ سمايل آھي ئي پر ھن وٽ شاعريءَ جو انوکو آرٽ موجود آھي. تاريخ ۾ ملندڙ تلخ سچائي ۽ سونھن، سندرتا ۽ گلابي جام سندس شاعريءَ جي زبان آھن.
رنگريزڻ جي دل ڦاسي وئي،
رنگ ڪچن جي ڪاريگر سان.
ھڪ شاعر ان کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڇا چئي سگھي ٿو. نفرت جون حدون اورانگھيندڙ، پيارَ جو اظھار سندس قلم جو سھڻو سنيھو آھي.
شاعرن جون دليون ھُونءَ بہ پرينءَ جي نيڻن تي نڇاور ٿيندڙ ۽ متواليون ھونديون آھن.
اھڙي ساڳي ڪيفيت امداد سائينءَ جي خوبصورت شاعريءَ ۾ بہ پڙھڻ لاءَ ملي ٿي.
گذريل ڏينھن ۾ جڏھن منھنجي ساڻس ملاقات ٿي تہ ان مھل پاڻ ڪڏھن بہ اوپرو لھجو رکندڙ نہ لڳو. بلڪہ سندس خيال نازڪ ۽ نفيس لڳا.
جيئن سندس لفظ دل جي زبان ڳالھائيندي مخاطب ٿيندا ھجن تہ:
ڏات چوي ٿي ملندس ھاڻي،
دور نئين جي ڪوتاگر سان.
شاعري روح جي ٻولي آھي. ان ۾ جيترو ترنم ھوندو اوتري دل کي وسعت بخشيندي. امداد سائينءَ جي ھر ڪوتا ۾ پنھنجو حُسن ۽ پنھنجي جاذبيت آھي.
شيخ اياز صحيح لکيو ھوتہ: ”حُسن جو احساس موت کي شڪست آھي“.
محبت ڄڻ ڪا سائو بڙ آ،
جنھن جي گھراين ۾ جڙ آ.
سندس تصور سونھن کي ئي جيون بڻائي ٿو. ۽ سونھن جيڪا سڀني مفھومن جو سُريلو نچوڙ آھي. ھڪ عاشق ئي حُسن کي زندگيءَ جي تشبيھن سان ڀيٽا ڏئي سگھي ٿو. جنھن جي پاڪ من ۾ ڪا ميرِ باقي نہ ھجي.
امداد سائينءَ جي سڄي شاعريءَ ۾ حُسن جا جلوه ۽ رومانوي رنگ گھرو نظر اچي ٿو.
سندس غزل ۾ غضب جو تشبيھون ملن ٿيون، جن جي نفاست ۽ موزونيت روايتي خيال تي اثر انداز ھرگز نہ ٿي ٿئي پر انھن جو تاثر سندس تخيل جي سماعتن تي پوري طرح سان حاوي ۽ سرشار ملي ٿو.
سندس اشعاري لفظ ڪٿي بہ نداردي ڪميءَ جي ور ناھن چڙھيا بلڪہ فڪري آڪاش ۾ سندن اوچي اڏام جيئن پوءَ تيئن گھرائيءَ ۾ گُم ٿيندي اکين کان اوجھل ٿيندي ويندي.
ڪارونجھر تي وسڙي بادل
مور پکين جي گھايل رڙ آ.
سچائيءَ جا عڪس ڏيندڙ مٿيون شعر/خيال ائين آھي تہ ھڪ پاسي اگر ڪو ڪارو ڪڪر ٿر جي وارياسي مٽيءَ جي اُڃ اجھائي ٿو تہ ٻئي پاسي ان ڌرتيءَ جي خوبصورت پکيءَ جي رڙ پري ڪٿي ڪارونجھر ۾ رڙندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
مٿئين شعر ۾ ڏنل سندس تشبيھون ڪو خيالي نہ بلڪہ سچ جي ڪٿا بيان ڪندڙ سچا داستان آھن.
امداد سائينءَ جي شاعريءَ مان جسماني پيار جو گھرو احساس اُڀري ٿو. ۽ پيار جيڪو سڀني ڪيفيتي رمزن تي حاوي ٿي، تڪميل ڏئي ٿو. ڇوتہ پيار ۾ ئي جيون جي لذت ۽ پيار ۾ ماڻھوءَ جي مُڪتي آھي. پيار اھو اُفق آھي، جنھن لاءَ چئي سگھجي ٿو تہ پري کان ڏسڻ ۾ ايندڙ زمين ۽ آسمان جتي پاڻ ۾ ملندي اوپرائپ ۽ ڌار ڌار ٿيندي محسوس نہ ٿين ۽ جٿي اک جي نھار بہ ڄڻ محدود ٿي وڃي ٽُٽڻ جي ڪا ٽارِي ٻھارَ ٿيندي نہ ٿي ملي.
امداد سائين پنھنجي فڪر ۽ تخيل کي انوکين علامتن ترڪيبن، استعارن تشبيھن ۽ استعارن وسيلي اظھاري ٿو.
غزل ھجي، نظم يا وائي، سندس فڪري اڏام انتھائي وسيع ڦھلاءَ ۾ ملندي.
مٺ ۾ ساھ مروڙيل ســـارو،
ھر پل کي آ پل جــو پيڇــو
مڪتي جو امڪان نہ ڪوئي.
خوشبو ٿي وئي ساري قيدي،
گل به ڪري ٿو گل جو پيڇو.
مڪتي جو امڪان نہ ڪوئي.
ڏينھن ڏســي ٿو ڏائڻ وانگر،
رات ڪري ٿي ھل جو پيڇو.
مڪتي جو امڪان نہ ڪوئي.
ھر ماڻھون جـي پويان آھي،
ڌاتوري جـــي ول جو پيڇو.
مڪتي جو امڪان نہ ڪوئي.
اک ۾ آتـــــشدان ٻــــــري ٿــو،
خواب ڪري ٿو جل جو پيڇو.
مڪتي جو امڪان نہ ڪوئي.
ھُونءَ بہ نقاد واري نظر ۾ ڏسجي تہ علامت ۽ فڪر شاعريءَ جي سونھن ھوندا آھن. پر واجب الشرط اِھو آھي تہ اُن ۾ ابلاغ، تمثيلي تاثر جھجھو پڙھڻ لاءَ ملي. ۽ جيڪڏھن اھڙي نظر امداد سائين جي شاعريءَ تي وجھبي تہ اُن ۾ اُھي سڀئي شيون عام پڙھڻ لاءَ ملنديون.
سندس ھر اُھا تحريري صنف، جيڪا اشعاري رڌم جي معيار ۽ مقصد تي پوري لھندڙ ۽ ترڙندڙ ملندي. اُن جي ھڪ خاص وجہ اِھا بہ ھوندي آھي تہ امداد سائين ڪلاسيڪل شاعريءَ جي سفر ۾ تخليقي جوت ۽ فني جھانَ جو پراڻو ڄاڻيندڙ تخليقڪار آھي.
امداد سائين جي سڄي شاعري پنھنجي فني ڏانءَ ۾ فڪري ۽ جمالياتي رخن ۽ رعنائن جو خوبصورت عڪس آھي. سندس ڇلڪندڙ شاعريءَ ۾ چاھي صنف ڪھڙي بہ ھجي پر اُن ۾ ڪيئي علامتون ۽ سُندر تشبيھون، حَسِين منظرن کي پاڻ اظھاري پيش ڪندي نظر اينديون.
اھڙي ئي ھڪ سُندر غزل جا ڪجھ شعر/بند ھيٺ پيش ڪجن ٿا.
پکين جا پر ڀڳل آھن، گلن جو رنگ وکري ويو،
پروڙن ڪئين ڀلا پوپٽ ڏکن جي مام تنھائي.
صدين کان ٿو لکان ويٺو مگر تو ڪو نہ ڄاتو آ،
وڏي مشڪل سان ٿيندو آ غزل ڪو نام تنھائي.
قصا ڀي تو ٻڌا ھوندا ڪھاڻيون ڀي تہ ڄاڻين ٿو،
اچي ڪنھن وقت ڏسجان تون اسان جي رام تنھائي.
اسان ھن شھر جو نالو ڏکن جو ڏيھ رکنداسين،
ھتي ھــــــر اک آلي آ ھتـي آ جـــام تنھائــــــي.
ھڪ شاعر جي قلم جو سفر علامتي انداز ۾ پيادل ھوندو آھي. ۽ ان جي ھر اکر، ھر شعر جو صوت علامتي وجد ۾ گُم سُم ھوندو آھي. ۽ انھي فڪري، اشعاري علامت جون ٻہ سطحون ھونديون آھن. ھڪ سطح پنھنجي اصلوڪي حالت ۽ ٻي سطح لغوي، لفظي معني ۾ سمايل ھوندي آھي. ۽ اردو ڪھاوت: ”سوني پي سھاگا“ جيئن ھڪ شاعر جا خيال جڏھن ڪيفيتن جي رڌمن ۾ پچي راس ٿيندا آھن، تڏھن ھر شعر جي معني، تصور ۽ مفھوم جو مظھر ٿي ويندي آھي.
جيڪڏھن اِھي سڀئي شيون اسان امداد سائينءَ جي شاعريءَ ۾ پرکينداسين تہ امداد جي شاعريءَ جو فڪر بہ ان شيءَ کان ڏورانھين پنڌ تي بيٺل نظر ڪونہ ايندو. بلڪہ گھرائپ جي گھرائپ ۾ اڃان بہ وڌيڪ ٻڏل نظر ايندو.
امداد سائينءَ جي شاعريءَ جي ھڪڙي خاصيت ھيءَ بہ آھي تہ ھُو شعري لفظ تڪي توري ناھي کڻندو پر لفظ پاڻ خيالي روپ ڌاري ھم آھنگ ٿي موتين جي ھار وانگر مرتب ٿي وڃن ٿا.
امداد سائينءَ جي شاعري ھُونءَ تہ تخيلاتي ۽ موضوعاتي حوالي سان گوناگون آھي. پر ان ۾ ڪيئي خوبصورت شعري رنگ ملندا، جيڪي پنھنجي رنگينين جا سڀئي مرحلا طيءَ ڪري پنھنجي جوڀن تي بيٺل نظر ايندا.
گُگھ ڄڻ انڌيرن تي،
عَڪس ڪيڏو ڀاري آ.
ڏات هر مصور جي،
ڏيهہ جي ڏِياري آ.
اک ڏس مصور جي،
روڳ ڪيڏا پالي ٿي.
سُونهن کي سَميٽي ٿي،
دؤر کي سنڀالي ٿي.
شاعر جي ھر عڪس جو تصور ان جي مشاھداتي نظر سان جڙيل ھوندو آھي. امداد سائينءَ جي نظم جي ننڍڙن بندن ۾ سندس فڪر جي گھرائيءَ ۽ مشاھداتي فڪر پنھنجي مزاج سان تشبيھ ڏيندڙ ٿو لڳي.
سندس شاعري سُرن ۾ سمايل اھڙي موسيقي آھي، جنھن زماني ۾ کيس الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ڏئي بيھاريو آھي.
…
سندس جنم ڏھاڙي جي مناسبت سان،
محبتن ۾ ارپيل پيپر.
محمد يعقوب ڏاھري.
26 سيپٽمبر جي رات
12:32 منٽن تي لکي پورو ڪيل.
سورج جو گھر، ڄام ڏاھري- سڪرنڊ.