دوستو اڄ نيٽ تي فني ڪلپس ڏسڻ جو ارادو ڪيم۔۔۔ ائين ڀلاري گوگل ۾ سنڌي فني ڪلپس لکيم ته ڪافي دير کانپو وڃي ڪنهن هنڌ تي وڃي رسايائين۔۔۔۔ بس پو انهي ويڊيو کي کوليم پر اصل کلي کلي کيرو ٿي پيم ۽ اصل صفا پيٽ ۾ وڪوڙ پئجي۔۔۔۔ سوچيم ته شايد اها ويڊيو مون کان اڳم ڪنهن دوست سنڌ سلامت تي چاڙهي هجي۔۔۔ جي ڪنهن دوست چاڙهي به هجي ته انتظاميه وارن کي منهنجي اپيل ٿيندي ته اسان واري هن تحرير کي ڀلي مٽائي ڇڏجو۔۔۔ ته جيئن ان دوست جي تحرير ڪافي رهندي۔۔۔۔ اچو ته دوستو هي ڪلام ٻڌون هڪڙي مولانا کان جيڪو ڪنڌڪوٽ جو آهي۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=1EWlv7FZtWY
جواب: زال تريا پڪوڙا منهنجو به هڪ دوست ڪنڌ ڪوٽ جو آهي پر اهو مُلن کان ايئن ڀڄندو آهي جيئن مان۔۔۔۔ برحال مُلو پڪوڙن سان گڏ فلمن ۽ شاعريءَجو شوقين به لڳي پيو جو اهڙي شاعري سُٺي نموني پيش ڪئي اٿس۔۔۔ باقي لفظن ۽ ادائيگي کلائي کلائي پيٽ ۾ سور وجهي ڇڏيو آهي۔۔۔ وڏا لاهه آهيو،
جواب: زال تريا پڪوڙا سائين مست جي اوهان جي مُلن سان ڪونه ٿي لڳي ته پو هن ويڊيو ۾ ڏسندا ته مُلو ڪيئن ٿو مري۔۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=X4ZfO9gMVSU
جواب: زال تريا پڪوڙا وڏي تنهنجي مهرباني۔۔۔۔۔۔ فقير سائين مهرباني اوهان جي جو اوهان هن ويڊيو کي پسند ڪيو۔۔۔ باقي ڪالهه اوهان منهنجي ڪال اٽينڊ نه ڪئي ڇو ڀلا ناراضگي آهي ڇا۔۔۔۔۔ متان نه مڃين سائين۔۔۔
جواب: زال تريا پڪوڙا موڊ آف ٿي ويو دماغ صاف ٿي ويو کيسو صاف ٿي ويو گهوڙا گهوڙا واه جا پڪوڙا باقي چنڊو مليو چنڊي سان ته موت اچي ملي کي ۔۔۔ اها ڳالهه به ٽهڪي ٿي ۔۔۔ هائو يار فقير هائو ۔۔۔ بيشڪ ۔۔۔ فقير زاهد اوهان ڪڏهن ٿا هٿ ڳاڙها ڪيو ۔۔۔ گهٻرائجو نه ملان مري يا ملان جي آڪهه، توکي اهي لڏو کائڻا پوندا ۔۔۔ سنڌ سلامت جي سنگت به ٻاهر ويهي شرطون رکندي ۔۔۔ ڪئين؟؟
جواب: زال تريا پڪوڙا ادا مست بابلا ، سائين نه فقيرن سان ڏاڍي ڪندو باقي ڪنهن کي طاقت آهي جو فقيرن سان هٿ چراند ڪري )))
جواب: زال تريا پڪوڙا ادا زاهد سومرو جا ٻئي وڊيو شاندار آهن ، مولوي صاحب زال جي تريل پڪوڙن کي اصل کڻي ويو۔ هونئن به چوندا آهن ته مُلان کائڻ جا اصل ست سيرا آهن۔لڪڙ هضم ، پٿر هضم۔