فطرت جي ڳجھن اِسرارن جو ڄاڻو.......محمد يعقوب ڏاھري.

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو: ”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون -117.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    فطرت جي ڳجھن اِسرارن جو ڄاڻو.
    موجوده سنڌي ادب وارو دور حقيقت ۾ ادبي اوسر، سڀ طرفي واڌاري ۽ نيسر جو دور آھي. ھينئر جٿي جدت سان گڏ نيون روايتون ۽ نوان اشعاري تجربا ٿي رھيا آھن.
    موجوده سنڌي شاعري ۽ تخليقون لفظياتي آھنگ ۽ فني معراجن ڏانھن مرغوب ٿي اڏام ۾ روان دوان آھن. اُھو ان ڪري ڇو جو ھڪ تخليقڪار بطور شاعر جي دل سمونڊ جي گھرائي جيان ھوندي آھي، جنھن ۾ سوين طوفان روز جنم وٺندا رھندا آھن پر سندس ذھني سطح تي پُر سڪون، لطيفِ خاموشي، ترنم ۽ جمال طاري ھوندا آھن.
    بقول ارسطوءَ جي:
    “The beatiful is that good which is pleasant because it is good”.
    ھونءَ بہ سونھن ڪائنات جو عظيم المظھر آھي. جنھن ۾ فطرتي جھان جون سڀئي سھڻيون وسعتون سمايل آھن.
    ڀلي کڻي سونھن جو تصور ھر دور ۾ الڳ الڳ نزاڪتن ۽ گھرجن پٽاندر نظر ۾ رکيو ويو پر پوءَ حُسن ۽ سونھن، ڏات ڌڻين جي قلم ھيٺ داخليت ۽ خارجيت ۾ سندن موجودگي اشعاري بحث ھيٺ رھندي آئي آھي.
    سنڌ جي عظيم الشان شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ وٽ بہ جمالياتي تصور انوکو ۽ فطرتي سونھن عشق محبت سان مشروط آھن.
    حَوصِلو حَيرت ۾، ڪَري ڪِينَ دَرڪ،
    جو حُسن سَندو حق، سو ڪور پروڙي ڪِين ڪِي.
    سر آسا (شاھ).
    ھڪ شاعر وٽ سوين سڄڻن ۽ ورھہ جي چوراسي چانڊوڪين جي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ تخيل ۽ ان ڀيٽ ۾ محبوب جي سونھن ان کان بہ سرس ۽ نھايت ئي زبردست رومانوي تصور موجود ھوندو آھي. جنھن ۾ عشق جي سندر الماسي رنگ جي جذبن ۽ احساسن جي داخلي دنيا سان گڏ تخيل ۾ وسيع اڏام پڻ ھوندي آھي.
    سونھن تنھنجي سنگيت جھڙي آ،
    گفتگو لوڪ گيت جھڙي آ،
    تنھنجي گھر جي ڀِت تي ھٿ رکيم، پَتِ ڪر،
    ڇوتہ مون لئہ مسيت جھڙي آ.
    (استاد بخاري).
    شاعراڻي ڪيفيت اڪثر شاعر جي ذھن تي طاري ٿيندي رھي آھي، ڇوتہ شاعري سگھارن جذبن جي اُٿل آھي ۽ ھڪ شاعر فنائتي احساسن ۽ ڪيفيتن کي شاعريءَ جي قالب ۾ اوتيندو آھي.
    ۽ ائين منھنجي سمجھ مطابق جماليات بہ شاعراڻي فلسفي جي شاخ جيان آھي.
    حقيقت ۾ حُسن، سونھن ۽ سندرتا رڳو فطرتي منظرن کان ويندي ثقافتي رنگن تائين محدود ناھي پر اُھو معراجي حُسن جٿان لفظ ”ڪُن“ گونجيو ۽ پوري ڪائنات پل ۾ جڙي پئي. اُن ڏات جي ورڇ انساني دلين تي اُمنگي ڌارائن جي احساسن ۾ پنھنجي جاءَ ٺاھيندي، مختلف وقتن تي ڏات جو روپ وٺي، ويراڳيءَ روپ ۾ نروار ٿي.
    ھو جڏھن ناز مان نھاري ٿو،
    عشق آڪاش تان پڪاري ٿو.
    (راشد لکمير).
    عبادتن جي واچوڙن ۾ جڏھن عشق مچندو آھي ۽ پڇندو رھندو آھي تہ اصل ۾ اُھو ئي وقت ھوندو آھي، جڏھن ڏات جي تشنگي تارُ ٿي فڪر بنجي ڪا شيءَ تصنيف ڪرائي وٺندي آھي.
    اِھو قلم جي احساس ۾ سمايل حُسن ئي ھوندو آھي، جيڪو فن جي تخليق جو باعث بڻجندو آھي.
    ادبي کيتر جي ميدان ۾ جڏھن سائين راشد لکمير جون شاعراڻيون لکڻيون پڙھجن ٿيون تہ انھن ۾ فڪر ۽ فلسفي سان سرشار سرمستي ۽ سرمديءَ جي آشنائيءَ جام پڙھڻ لاءَ ملندي.
    درجا دلين تي ھوندا آھن ۽ دلين کي موت ڪڏھن مات ناھي ڏئي سگھندو.
    محترم سائين عبدالحڪيم ارشد جي وڇوڙي/وجودي رحلت کان پوءَ ڪڏھن ڪڏھن ائين لڳندو ھو تہ ھاڻ شايد سندس فڪري پڙاڏو، ڄڻ پڙاڏو سوئي سڏُ، ڪن ٻن ٽن مخصوص شاگردن تائين کان محفوظ ٿيندي ڪتب خانن ۾ بند ٿي رھجي ويو آھي. پر وقت جون وڇوٽيون ڀاري موزونيت سان تحقيقي عڪس ۾ فڪر انداز ٿيندي، سندس ادبي پوک ذريعي راشد سائينءَ جن کي اڳيان آڻي نروار ڪري بيھاريو.
    القرآن: ”ماجعل الله لرجل من قلبين في جوفہ“.
    معني: ”الله ماڻھوءَ جي سيني ۾ ٻہ دليون نہ ٺاھيون آھن“.
    (سورة الاحزاب: آيت: 3).
    ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ ڏات جو فلسفو فڪري روپ ۾ الھام بنجي ھڪ دل کان ٻي دل تائين بخشش ۾ رسائي ڪري ٿو. اھا ئي شيَ ڏات جي وصفاتي پھلو آھي.
    ائين ئي جڏھن سندس فڪري ۽ پختا دليل ٻڌڻ کان پوءَ ائين لڳندو آھي، جيئن قدرت ھُن تي مھربان ھجي. بس فرق صرف ايترو آھي جو جڏھن محترم سائين عبدالحڪيم ارشد جن سان ڪچھريون ٿينديون ھيون تہ ائين لڳندو ھو ڄڻ تاريخ پاڻ ڳالھائي رھي آھي ۽ جڏھن راشد سائين ڪچھرين ۾ مخاطب ٿيندو آھي تہ ائين محسوس ٿيندو آھي جيئن تحقيق خود زباني آھي.
    راشد سائينءَ جو فڪر فائيقيءَ واري رمز ۾ مڪمل تار آھي. عربي، فارسي، اردو، سنڌي چئن ٻولين ۾ شاعريءَ جا گل نڇاور ڪندڙ، نج سنڌي شعري لھجو استعمال ڪندڙ راشد سائينءَ جي تخيل جي اوچي اڏام ۽ تخيلاتي پنڌ ۾ روان روان رھندي پئي اچي.
    بحرِ خفیف مسدس مخبون محذوف مقطوع جي وزن افاعیل: فاعلاتن مفاعلن فِعْلن ۾ سرجيل سندس ھڪ بھترين غزل ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
    ھو جڏھن ناز مان نھاري ٿو،
    عشق آڪاش تان پڪاري ٿو.
    زندگي آفاقي ۽ فني تخليقن مان پيدا ٿيندڙ، احساساتي ڪيفيتن کي لڀائيندڙ سھڻو تجربو آھي. جيڪو جذبن ۽ توڙي احساسن کي لفظي ۽ تصويري روپ ۾ اظھاري ٿو. ھُن جي فڪر جي اُپت ايتري آشڪاري ھوندي آھي جو پاڻ جڏھن شرف نگاھ سان فضل ڪرم ڪندو آھي تہ عشق جي پڪار آڪاش کان مئل وجودن ۾ شريعت جو روح ڦوڪي، فڪر جي پوک ۾ ڪيئي وجود ۽ سندن دليون زنده ڪري وٺندي آھي.
    سور مون سان سلي ٿو ايئين ڄڻ،
    درد پنھنجا سڀئي ڌتاري ٿو.
    درحقيقت درد ھڪ اھڙي انساني جبلت آھي، جيڪا نہ صرف انسان جي انفرادي سطح تي تعمير ۽ تخليق ڪري ٿي پر اندر جون پيڙائون ڪيترو ئي ئي ڀڃ ڊاھ جو عمل دھرائينديون رھن ٿيون.
    سچ پچ تہ درد ۽ سُور ۾ بہ اھڙي تخليقي وٿِ آھي. جيڪا ھڪ شاعر جي اندر ۾ ڪيترين ڪيفيتن کي اُڀاري ٿي. جيڪا اڪثر نفسيات تي اثر انداز ٿيندي ڪيئي فڪر، تفڪر بيدار ڪري ٿي وجھي.
    بقول ارسطوءَ جي: ”الميو، جيڪو بذات خود اٿاھ درد جي پيداوار ھوندو آھي“.
    راشد سائينءَ جي غزل جي ھن بند ۾ عاشقاڻين رمزن ۾ مست، بنواسي محبتن ۾ چُور خيال ائين اظھاري آھي، جيئن محبوبي چَپ ٻڌائيندا ھجن تہ ھُوءَ شاعري پنھنجي دردن سُورن جا داستان يَڪ ساھيءَ ۾ ٻڌائي ڄڻ پنھنجي دل جو بار ھلڪو ڪري ٿي.
    اِھا دردن جي ڌڌڪار جي ڪھاڻي، عاشقن جي محبوبن سان آپ زباني تڏھن ٿيندي آھي، جڏھن مِلن جا ميلا مچندا آھن ۽ ٻہ وجود طويل وڇوڙي جي کان پوءَ ڀاڪرن جي ميلن ۾ پروانا ٿي پچندا آھن.
    پيار جي عزم سان ڪو گڏ ھلندي،
    خواب ڪھڙا نوان ڏيکاري ٿو.
    پيار جي عزم جو استعارو جڏھن تہ منشائتي ۽ پر ڪشش خيال تہ آھي ئي پر جڏھن راشد سائينءَ جي ھن خيال ۾ گھرائيءَ کي ڏسبو تہ موضوعاتي وسعت جماليات سان گڏ گڏ بيٺل نظر ايندي.
    سندس شعر تخليقي ۽ زندگيءَ جي رنگن ۾ روح سان سرشار آھي.
    ڪير هٿ جي لڪير کي پڙھندي،
    منھنجي تقدير کي سنواري ٿو.
    راشد سائينءَ جي سڄي شاعري تخليقي جماليات، ساز ۽ سنگيتي رڌمن ۾ ائين سرشار آھي. جيئن ڪو آفاقي فلسفو نئون نرمل ۽ ترنمي روپ وٺي لٿو ھجي. سندس شاعريءَ ۾ ڪئي سندس ئي زندگيءَ جا ڪيئي منفرد حوالا آھن. جن جي تفھيم ۽ تشريح ڪندي بہ پاڻ ٻڌائيندو ويو آھي.
    جيڪڏھن مان غلط ناھيان تہ ڪنھن ماڻھوءَ جي سڃاڻپ بطور شاعر جي حاصلات ئي اُن جو تعارف ھوندي آھي.
    انھن سڀني خوبين جي پرک سندس نرمل ۽ لفاظي لھجي مان محسوس ٿيندي آھي. ان ڳالھ ۾ رتيءَ برابر شڪ بہ نہ ٿو ڪري سگھجي تہ پاڻ فلاسافيت ڄاڻيندڙ مفڪر پڻ آھي.
    راشد سائينءَ جي ذات، عربي ۽ فارسيءَ کان سواءَ قرآن پاڪ، حديث، فقہ ۽ فلسفي، تصوف ۽ ويدانيت، علم نحو جھڙن ڳوڙھن علم جو وسيع مطالعو رکندڙ آھي. ان کان علاوه ھٿ جي لڪيرن جي علم پاميسٽري کان ويندي تدبير ۽ تقدير جي سُتت تائين، ۽ وحدت الوجود ۽ وحدت الشھود جو فلسفو سندس معصوم زبان جي ميٺاس آھي.
    پيار جي پرک مان ھو پار پيئي،
    منھنجي اميد ھر جياري ٿو.
    ڏات ھڪ اھڙو فڪري فيض آھي، جنھن لفظي اڱڻ ۾ پوري ڪائنات سميٽي سگھجي ٿي.
    اميد کي جيارڻ جي منفرد تشبيھ غزل جي بند کي سُندرتا بخشيو بيٺي آھي.
    منھنجي من جي مراد سمجھي پو،
    مرڪ پنھنجيء سان هو اجاري ٿو.
    راشد سائينءَ جي شاعريءَ جو گھڻو تڻو لاڙو مشاھدي ۽ غور فڪر تي مشتمل آھي. پاڻ پنھنجي مزاج مطابق رومانوي افسانا جن ۾ ڪيئي من جون مرادون ماڻڻ لئہ پرينءَ جو آڀاري رھي ٿو.
    دل تہ قربان ھن ڪڏھن جو ڪئي،
    جان پنھنجي بہ ھاڻي واري ٿو.
    دل ٿي راشد کي ڳولھي ھر پل پر،
    ھو الائي ڪٿي گذاري ٿو.
    ھُونءَ تہ محبتن جي منزل قرباني گھرندي آھي پر سندس ھن خيال مان لڳي ٿوتہ زندگيءَ پاڻ عاشقي پھلوئن مان ٻکن جون تار تار تعبيرون کڻي سندس وجود تي نڇاور ٿيڻ لڳي آھي. سندس مٿين شعرن ۾ سھڻائيءَ سان استعارو محبت جي سخا طور پڙھڻ لاءَ ملي ٿو.
    شاعريءَ جي پاسي کان ھٽي ڪري سندس ذاتيات تي نظر ڦيربي تہ راشد سائين پاڻ لغت، لسانيات، تفڪر، تفسير ۽ فلسفي راءَ جو ماڻھو لڳندو.
    ان ڳالھ کي سمجھڻ لئہ سندس ئي مضمون جو ننڍڙو ٽڪرو ھتي پڙھندڙن لاءَ رکنداسين:
    ”بيشڪ عقل ۽ شعور ئي انسانيت جي امتياز جو ڪارڻ آھن، پر جيڪڏھن انھن کي وحيءَ جي ذريعي ڏنل خدا تعالي ا جي قانونن ۽ ضابطن جي روشني عطا ٿي وڃي تہ اُھي پوري ڪائنات جي بي لوث خير خواھي ۽ منفعت جو ڪارڻ بڻجي ويندا آھن.
    سو عقل ۽ شعور کان اڳڀريون آھي. ايمان ۽ يقين جون منزلون ايمان ۽ يقين جي پختگي عشق جو مقام آھي.
    پر جيڪڏھن عقل کان عشق جي پنڌ ۾ خدا تعالي ا جي ڏنل اٽل، ابدي ۽ غير متبدل ضابطن کي خارج ڪبو تہ عقل اڻپورو ناتمام ۽ عشق گمراه ٿي ويندو“.
    راشد سائينءَ جي شاعريءَ جا سمورا موضوع، ڪردار، انساني سماج ۾ عام ماڻھن، سندن مسئلن ۽ اسلوب سان تعلق رکن ٿا. سندس شاعري ھونءَ ئي انيڪ صفتن ۽ چڱاين سان مالامال آھي پر ان ۾ جيڪو مخصوص تُز ۽ ٺھندڙ تشبيھ ۽ تمثيل جو استعمال آھي. اُھو سندس معرفتي فڪر جي ڏانءُ کي اوچائين تي کنيو بيٺو آھي.
    بقول ٻڌل فقير جي ھن سھڻي سِٽ جي تہ:
    ”وڄَ ٿي وجود ۾، برھ تنھنجي ڀِير“.
    راشد سائينءَ جي شاعريءَ جو شاعراڻو رنگ، قومي مزاج، عوامي رنگ، ثقافتي سونھن، پورھئي سان پيار، محبوبي ماڻن ۽ سماجي وارتائن جي نشاندھيءَ تي ٻڌل آھي.
    سچ سدائين سرخرو تاريخ ۾،
    ڪوڙ آ ڪاتي ڪٽيندي دوستو.
    (راشد لکمير).
    تاريخ جي اسڪرين تي بہ اُھي شاعر سرخرو ٿي زنده رھيا آھن جن سماجي درد سھي سچ جي بياني ڪئي آھي.
    اندر جي آس ھيء اجڙي
    اکيون آليون سدائين ٿيون
    وھن ٿا نير ڳوڙھن جا
    ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
    جيئڻ آزار بڻجي ويو.
    يونان جو ھڪ ڏاھي پروٽو گورس (420 کان 490-ق م) چيو ھوتہ: ”انسان سڀني شين جو پئمانو آھي، اِھو ئي اصل فلسفو آھي“.
    جيڪڏھن نقاد واري نظر رکي سندس ان خيال کي پنھنجي فڪري ڏانءُ ۾ ڏسبوتہ سندس پيش ڪيل فلسفو اشعاري ڪيفيتن جي آرسي ۾ بہ گھڻو تڻو ڪو مَٽِيل ناھي.
    راشد سائين جي ھن نظم کي فڪري انداز ۾ پرکبو تہ اجڙيل آسُن ۾ اندر جي متضاد ڪيفيتن ۾ ڀڃ ڊاھ جي عمل ۾ دھراءَ سان، جيئڻ آزار جيان لڳندو آھي.
    دلين ۾ خوف ڌڙڪي ٿو
    جياپو جنگ وانگي ٿيو
    رڙن ٿا روح سڀني جا
    ڪرونا وائرس ڀي ڄڻ
    ضدي ڪو ٻار بڻجي ويو
    ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
    جيئڻ آزار بڻجي ويو.
    ڪلاسيڪي شاعرن جي تخيل جو اگر فني اڀياس ڪبو تہ سندن شاعريءَ ۾ فڪري اڏام نھايت ئي دانشمنديءَ سان پيش پيش ملندي. يادن جي روانيءَ وانگر ساڳي طرح راشد سائينءَ جي شاعريءَ ۾ دلفريب ۽ دلڪش اسرار کوجڻ ۽ وقتائتي مشاھدن، موجوده منظرن جي عڪاسي نھايت ئي پختگيءَ سان پڙھڻ لاءَ ملندي.
    دلين ۾ خوف ڌڙڪي ٿو،
    جياپو جنگ وانگي ٿيو.
    خوف جا خيال ايندي ئي ٻہ شيون وسوسا بنجي جيءُ کي جڪڙي پونديون. ھڪ خوف سبب ڪنھن ٿيندڙ اوچتي غلطيءَ جو انديشو ۽ ٻي خوف جي ڇانوَ ۾ سوچي سمجھي قدم کڻڻ واري ڳالھ.
    خوف جو دلين ۾ ڌڙڪڻ وارو استعارو، نئين ۽ مستقبل ۾ ڀرپور قدم کڻڻ جي علامت جو مشاھدي طور ڏنل آھي.
    ھي ڌرتي درد ۾ جڪڙيل
    بري بد حال بک آھي
    نوان ناسور وک وک تي
    عقل ۽ فھم کان عاجز
    عزم افڪار بڻجي ويو
    ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
    جيئڻ آزار بڻجي ويو.
    درد ۾ وجود تڙپندا آھن، لڇندا آھن ۽ بيقراريءَ ۾ روح ڀٽڪندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن دردن متعلق ڪنھن ٻي انسان لاءَ جيڪا شيءَ محسوس ٿيندي آھي يا ڪنھن لاءَ ائين ٻڌڻ ۾ ايندو آھي تہ: سُورن سڄو وجود وڪوڙيو اٿس.
    پر راشد سائينءَ جي نظم جي ھن ٽُڪري ۾ ڌرتيءَ کي دردن جي جڪڙ ۽ عقل فھم کان عاجز عزم افڪار (فڪر) بڻجڻ واري ڳالھ علم نحو مطابق ترڪيب توصيفيءَ ۾ باڪمال تمثيلي جدت ۾ اچي ٿي.
    ھُونءَ بہ پھريون دفعو ائين ٿيو آھي، جو سڄي دنيا جو ڪاروھنوار ھڪ وائرس ڪورونا سبب ٺپُ ٿي بيھي رھيو ۽ عقل فھم اڃان ان افڪار ۾ ٻڏل ڪورونا وائرس جو علاج ڳولھڻ ۾ ڪارج آھن.
    سڀئي نسخا حڪيمن جا
    ٿيا ناقص ڇو ھن ڀيري؟
    ھر ھڪ هي قول ڪافر ٿيو
    قضائون ياد سڀ ڪنھن کي
    ڀرم ڪو بار بڻجي ويو
    ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
    جيئڻ آزار بڻجي ويو.
    ھڪ تخليقڪار جي تخليقي ۽ تحقيقي اُڃ سدائين وڌندي رھندي آھي. جيڪو سندس ادبي مسافت جو سبب بڻجندو آھي.
    سڀئي نسخا حڪيمن جا
    ٿيا ناقص ڇو ھن ڀيري؟
    اسان وٽ ھڪ قديم چوڻي مشھور آھي تہ: ”ڦڪِيون تڏھن فرق ڪن، جڏھن امُر ٿئي الاھي“.
    انسان ازل کان مونجھارن جو شڪار رھيو آھي. ۽ سدائين کان اَمر ۽ زوراور ٿيڻ جي چڪر ۾ ھڪ ٻئي پٺيان وري وري ورجائي غلطيون ڪندو رھيو آھي. نتيجن ڪڏھن ڪڏھن سندس ڪيل تجربن کيس ايترو نقصان ڏنو آھي جو وٽس يادن ۽ پڇتاءَ کان سواءَ باقي ڪجھ ناھي بچندو.
    حقيقت ڇا ٻڌايان مان؟
    سڀئي قاعدا ويا ٽوڙيا
    وساريو ويو ھو آئينو
    ضميرن ظرف ۾ ڪاٿي؟
    ڏٺو هو پنھنجو ڪو چھرو؟
    ڇو ماڻھو آفتن جو
    سڀڪو پيروڪار بڻجي ويو
    ڪھڙو سنسار بڻجي ويو
    جيئڻ آزار بڻجي ويو.
    ھي روحاني آھن رمزون
    ڪٿي ھي وس ۾ هن ڪنھنجي
    پڇيو آٿت ھو گھاون کان
    اسان جو عشق راشد ڪيئن؟
    سچو سالار بڻجي ويو
    ڪھڙو سنسار بڻجي ويو؟
    جيئڻ آزار بڻجي ويو.
    لاشڪ ھي سڄو نظم ئي اھڙي سچي حقيقت تي ٻڌل آھي. جنھن تي اگر ڪنھن جون بہ نظرون ٽِڪن تہ نظم جو فڪر سندن روح جي گھرائيءَ ۾ لھي ويندو. راشد سائينءَ جي تخيل ۾ ھي لوازمات جي شعري سھيڙ ۽ اشعاري ادراڪ ئي آھي جو سندس شاعري روايت ۽ جدت جو سنگم لڳندي آھي.
    ھڪ پختو شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ نہ رڳو انفرادي پيڙائن جو پوتاميل بيان ڪندو آھي پر ھُو سماج جي اجتماعي درد کي بہ پنھنجي دل جو روڳ تصور ڪندو آھي. اھا ئي سندس قلم جي سچائي ھوندي آھي.
    راشد سائينءَ جي نظم جا مٿيان بند نہ صرف پنھنجي دور جي تاريخ آھن بلڪہ سندس انھن شعرن/بندن ۾ ڪيئي اونھا، اڳڪٿيون ۽ اشاره پڻ آھن.
    منھنجي من جي پڪار پيڙا جا ٿي پنڌ ڪري،
    ڇو تجديد جو وعدو پرين هو وري نہ ٿو ورجائي؟
    دل جي حسرت ۾ هئ سدائين آس رھي ٿي ھڪڙي،
    لفظ منھنجا ھي پڙھي پو ڪو دل پنھنجي کي ڌڙڪائي.
    آس اها ئي دل ۾ منھنجي ۾ ڪر کڻي جيڪر،
    مونکي پرچائي ۽ پنهنجا ڏوھ ڪيل بخشائي.
    جيئن ڪيفيتون دل جي زبان آھن ۽ تيئن وري دل ڏات جي جھوپڙي آھي. جٿان ٿورو ٿورو ماپو ٿي تخليقڪار کي الھامي خيالن سندو فيض ملندو رھي ٿو.
    راشد سائين جي غزل جا مٿيان بند ڀرپور سماعي اسڪرين پلي جا عڪس آھن. جن جو تخيلاتي Sound پنھنجي لھرن ذريعي ھر دل جي ڌڙڪن تي اثرارانداز ٿيندو رھي ٿو.
    راشد سائينءَ جي شاعري گھڻ رخي، گھڻ رنگي ۽ موضوعاتي لحاظ کان گوناگون آھي. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ ۽ تصوف ۾ سرشار جمالياتي ذوق پڙھڻ لاءَ ملي ٿو. سندس شاعريءَ کي اگر ڪير بہ پڙھي تہ اُھو پڙھندڙ ائين ڀائيندو جيئن ھُن جا لکيل شاعراڻا لفظ کيس امرت پيا آڇين.
    منھنجي سمجھ مطابق شاعري ھڪ اھڙو فن آھي، جنھن ۾ ادراڪ ۽ تخيل جي مدد سان مسرت ۽ صداقت ۾ امتياز پيدا ڪيو ويندو آھي ۽ اُن جو فن روحِ ايجاد جيان آھي. ۽ ان روح ۾ تخيل ۽ جذبات جو ھجڻ بہ ايترو ئي ضروري آھي. شاعري جنھن تي اگر تخيلاتي نظر وجھبي تہ اندر جون ڪيئي وسعتون جمالياتي حُسن بنجي ڪا نہ ڪا صنف جوڙي وٺنديون.
    يورپ جي مشھور مصنف: ھينري آءَ ڪرسٽ عظيم، پنھنجي ڪتاب Modern English in Action ۾ شاعريءَ جي وضاحتي راءَ ڏيندي لکي ٿوتہ ”ڪنھن اعلي درجي جي شعر ۾ خيال، تصور، موسيقي ۽ جذبات جو ھجڻ نھايت ضروري آھي. انھن کان سواءَ شعر جي عمدگي ۽ معيار جو تعين نہ ٿو ڪري سگھجي“.
    راشد سائينءَ جي نظم توڙي غزل تي اگر گھري وجھبي تہ سندس تخيل ۾ مشاھدي، شعور ۽ حساسيت جو سنگم ملندو ۽ ھينري آءَ ڪرسٽ عظيم جي شاعريءَ لئہ ڏنل راءَ مطابق اُھي سڀئي شيون ملنديون، جيڪي باڪمال شاعر جو قلم سرجيندو آھي. ڇوتہ ادب ۾ ھڪ شاعر جو درجو صانع يا Trend Maker جيان ئي ھوندو آھي.
    شاعريءَ جي تجزياتي آئيني ۾ اگر راشد سائين جي شاعريءَ جي تشريح ڪبي تہ اسان کي سندس سڄي شاعري تشبيھن، ترڪيبن، تمثيلن ۽ استعارن سان ڀرپور ڪلام لڳندي. جنھن ۾ ڪٿي بہ ڪو جھول محسوس نہ ٿيندو بلڪہ شريعت ۽ عڪست جو منفرد احساس لڳندي.
    سڄي سنسار کي ڄاتو،
    جڏھن مون پيار کي ڄاتو.
    مون ھر ھڪ ياد کان اڳتي،
    سڄڻ جي سار کي ڄاتو.
    لڪيل مرڪن جي مامن ۾،
    منافق وار کي ڄاتو.
    بظاھر ھا انھن جي ھئي،
    مگر انڪار کي ڄاتو.
    پراڻي پيڙھ مان نڪري،
    نئين آزار کي ڄاتو.
    راشد فلڪ جي فطرتن ۽،
    ڳجھي اسرار کي ڄاتو.
    شاعري جي فڪري پاسي کان مٿانھون راشد سائينءَ جي فڪر خاص ڪري سندس عربيت ۽ فارسيت لکيل فلسفي کي پڙھبو تہ سندس قلم مفڪر طور سڃاڻپ ڪرائيندو.
    سندس فارسيءَ ۾ لکيل مضمون "منزل ما کبريا است" جو سنڌي ترجمي سان ھڪ اقتباس ھيٺ پڙھندڙن لاءَ پيش ڪجي ٿو:
    ”نظريہ ارتقا متعلق“-
    1) ھڪ اھڙو سفر جيڪو ڪنھن منزل بنا ھجي ۽ محض وقت سان گڏ طبعي قانونن Physical laws سان ختم ٿي وڃي اھو آوارگي کانسواء ڪجھ نہ ھوندو آھي .
    ”وحدت الوجود متعلق“-
    2) ھڪ اھڙو سفر جنھن جي منزل جو انتخاب غلط ھجي ..اھو گمراھي ء کانسواء ڪجھ به ناھي .
    ”بخود محکم گذار اندر حضورش
    مشو ناپيد اندر بحر نورش“-
    خدا جي سامھون بيھي بہ پنھنجي سڃاڻ ۽ پنھنجي خودي برقرار رک. قطري وانگر سمنڊ ۾ ضم ٿي ناپيد نہ ٿي وڃ، تہ جيئن محب ۽ محبوب، خالق ۽ مخلوق، عابد ۽ معبود جو فرق باقي رھي.
    سڄي ڪائنات ۾ پاڻ کي ”مان“ ۽ خدا کي *توھان* ڪري پڪارڻ جو مطلق حق ۽ شرف صرف انسان کي ئي حاصل آھي. جڏھن تہ ٻي ڪنھن بہ شيءَ کي سڄي ڪائنات ۾ اھو حق حاصل ھجڻ ثابت ناھي. پر شرط اھو آھي تہ ٻي کي ”تون“ چوڻ کان پھريائين پاڻ کي ”مان“ ثابت ڪرڻ بہ ضروري آھي. اھو ئي انسان جو مقام آھي.
    3) ھڪ اھڙو سفر آھي، جيڪو صراط مستقيم وانگر سڌي رستي تي، بلندين ڏانھن ھجي ۽ ان جي صحيح منزل متعين آھي.
    والي ا ربڪ المنتھي
    اھو سفر اھو ئي آھي جنھن جو رخ خدا ڏانھن آھي.
    اھو سفر خدا جي رنگ ۾ رنگجي وڃڻ ۽ خدا جون صفتون پنھنجي ذات ۾ منعڪس ڪرڻ جو سفر آھي. انسان جي انفرادي ڪردار کان وٺي نظريي ۽ نظام کي خدا جي اٽل اڏول ابدي ۽ غير متبدل قاعدن ۽ ضابطن ۾ رنگجڻ جو سڪون آور اطمينان بخش، امن جو بيحد حسين سفر آۡھي. جنھن جو رخ Direction الي ا متعين ڪري ٿو.
    شعله در گير زد بر خس و خاشاک من،
    مرشد رومي که گفت منزل ما کبريا است.
    دنيا جي سڀ مايا مون آڏو ڇار ۽ دز وانگر ڦوڪي ڇڏي جو جڏھن رومي پنھنجي مرشد جو قول ورجايو تہ اسانجو سفر ڪبريا ڏانھن آھي.
    منزل ما کبريا است.
    راشد سائينءَ جو لکيل فلسفاتي نثر، جيڪو سنڌيءَ کان سواءَ گھڻو مواد اسان کي عربي ۽ فارسيءَ ۾ بہ ملندو ۽ ائين وري سندس شاعري بہ چئن ٻولين سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ملندي. پر ھت اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل شعرن بابت ڳالھائينداسين تہ سندس شاعريءَ جي اھم خوبي اھا بہ آھي تہ اُن ۾ ڪلاسيڪي روايتن جي پاسداري ملي ٿي ۽ اِھا پنھنجي عصري حالتن جي عڪاس بہ رھي آھي.
    سندس شاعريءَ ۾ تخيل جي تازگي، تصوراتي سگھ ۽ تفڪر جي گھرائيءَ کان علاوه علامتن ۽ عڪسن جي چٽسالي ۽ گلڪاري وارا منظر بيان ڪندڙ لڳندي آھي.
    ھي دھشت جو سمنڊ،
    جي ماٺ ٿي بہ وڃي،
    تہ بہ واري تي نشان ڇڏي ويندو.
    ھي سندس ھڪ نظم جو اُھو ننڍڙو ٽُڪرو آھي، جنھن فڪر ۽ محيط ڪيڏا وسيع معلوم ٿين ٿا. خوابن، خيالن ۽ صداقتن تي مشمتل ھي ننڍڙو ٽُڪرو نہ صرف تخيلاتي محور طور ڏيک ڏئي رھيو آھي پر سندس عشق ۾ لڇ پڇ ۽ تڙپندڙ ڪيفيتي انداز بيان جي پڻ گواھي ڏئي رھيو آھي.
    ابتدا کان انتها تائين،
    اي زندگي
    تون کنڊر وانگي ويران ڇو؟
    ۽ مڪليءَ جيان مايوس ڇو؟
    خاموش ڇو؟
    ايڏي اداس…!
    سندس ھي خيال طبيعت جي اداسين ۽ تاويلن جو بيان آھي، جيڪي شايد تنھائيءَ ۾، ڪنھن جي جيءُ جھوريندڙ بنواس ۾ تڙپائينديون ھونديون.
    لاطيني آمريڪا جو عظيم شاعر اوڪتاويو پاز شاعري بابت لکي ٿوتہ ”شاعريءَ جا بنيادي جُزا تاريخ، سماج ۽ زبان آھن“.
    آئون جڏھن راشد سائينءَ جي شاعري پڙھندو آھيان تہ اُھا تاريخ، سماج ۽ زبان جي پِيلرَن تي بيٺل نظر ايندي آھي. سندس شاعري تخيلاتي حساب سان ڀرپور ۽ سماجي وارتائن ۽ حقيقتن جو مڪمل ڊائيلاگ آھي، سندس شاعري، مختلف وقتن تي سندس الڳ الڳ ڪيفيتن ۾ جدا جدا موضوعن کي ڇھيو ۽ ڇيڙيو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ فن ۽ فڪر جي پالوٽ پڻ ڪئي آھي. جنھن ڪري مون سندس ڀرپور شاعريءَ ۾ ڪٿي بہ ڪابہ ڪمي پيشي ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي.
    توتي اعتبار ڪيم
    مون کي معلوم ناهي
    تہ عشق جي دل
    ڪيترو برداشت ڪري سگهي ٿي.
    راشد سائين جا اھي سمورا شاعراڻا عڪس سندس حسي تجربن کي ظاھر ڪن ٿا. ان ڪري راشد سائينءَ جي آزاد خيالن/شاعريءَ ۾ بہ سچ جي رسيلائي، نرمل ۽ نيازي آھي.
    سندس شاعريءَ ۾ رومانيت داخلي قوت جيان آھي، جيڪا کائنس نئين شيءَ جي تخليق ڪرڻ تي آماده ضرور ڪندي ھوندي.
    راشد سائينءَ جا غزل توڙي نظمن ۾ انيڪ موضوع، ڪيفيتون سمايل آھن.
    سندس شاعري خاص ڪري نظم ۾ پاڻ سماجي وارتائن، ناانصافين، انياءَ جي لڱ ڪانڊاريندڙ چِٽا عڪس پڙھڻ لاءَ ملندا.
    ڪوڙ جي اونداھ ۾ لڪي ويساھ گھاتيون ڪندڙن، چوريءَ پُٺن ۾ ڇُرو کپائيندڙ ڇسن ڪردارن لاءَ ڏاڍي سھڻي نموني سمجھايو آھي.
    روشني حق جي حڪايت
    ڪا بہ ڪونھي ٻي حقيقت
    خوف کي جيڪا نہ ڪڏھين
    ڪنھن بہ خاطر ۾ ٿي آڻي
    ڪوڙ آ اوندھ جو نالو
    آڙ ۾ جيڪو لڪي ٿو
    فائدو وقتي وٺي ٿو
    نيٺ رسوا ھو ٿئي ٿو.
    سچ کي برداشت ڪرڻ لاءَ درد کي ڄاڻڻ ضروري آھي. ۽ چوندا آھن تہ وڏي ۾ وڏو درد ننڍڙي سچ ۾ سمايل ھوندو آھي. پر اگر ان شيءَ جو ٻيو رُخ ڏسجي تہ درد ئي دنيا جو سڀ کان وڏو سچ آھي. اُھو سچ جيڪو ھر انسان جي جيون ۾ ڪٿي نہ ڪٿي پاڻ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ جڏھن اھو سچ ماڻھوءَ جي ڪيفيتن تي حاوي ٿيندو آھي تہ سُتل اڌما جاڳي اٿندا آھن ۽ پوءَ اندر جو آواز اشعاري فقرن ۾ ڪا نہ ڪا صنف تصنيف ڪرائي وٺندو آھي.
    ائين ئي شاعري درد جي زبان آھي ۽ شاعر ڏک جا راجدوتُ ڪردارن جيان ھوندا آھن. ۽ اندر جي پيڙاءَ ۾ سرجيل شعر سندن ان مھل جي ڪيفيتن جو تسلسل ھوندا آھن. جن ۾ ھڪٻئي پٺيان اچڻ جي ڳانڍاپي جي رواني طور جڙي پوندي آھي.
    ھيءَ بستي ڏک جي بستي آ،
    ھت روز نوان ناسور ڦٽن،
    ٿِيو دانھون ڪوڪون ۽ درد اٿن.
    ٿا جذبن جا هت قتل ٿين،
    ٿا جوڌن جا ھت لاش لڙھن،
    ۽ ھاري ھيڻا حال ملن.
    سڀ مفلس ۽ ڪنگال ملن.
    ظالم جو آهي زور ھتي،
    آ ڏاڍ ڏمر جو دور ھتي،
    ٿو جابر جو ھت جنڊ ھلي،
    ۽ چمچن جو ھت منڊ ھلي.
    راشد سائين جي گھڻي ڀاڱي شاعري جبرواستبداد جو نوحو آھي. جنھن ۾ سچ جي تَلخِياتي رمز علامتن طور گھڻي ڀاڱي ملندي.
    آ ڌوتن جو دھمان ھتي،
    ۽ منشين جو آ مانُ ھتي،
    سقراط ٿا زھر جا ڍڪ پين،
    منصور ٿا ڦاهيءَ وڍ سھن.
    سندس ھي نظم اسان جي طبقاتي نظام ۾ موجود ڪڙاڻ جي چِٽي تصوير آھي. ھي اُھي شعر/نظم جا بند آھن. جن ۾ پنھنجائپ جو استعمال ڪيو ويو آھي. جيڪي ڪٿي بہ ۽ ڪنھن بہ ريت ڌاريائپ جو احساس نہ ٿا ڏيارين. جن ۾ فڪري رمز جي ڳالھ واضع طور پڙھڻ لاءَ ملندي. راشد سائينءَ جا ھي مٿيان لفظ جيڪي شعري لفظيات جو مظھر آھن. تن جي فڪر ۾ قوميت، مزاحمت ۽ آزادي سمايل آھي.
    اڪثر اھڙي شاعري تڏھن جيءَ ۾ جنم وٺندي آھي، جڏھن سماجي حالتون زھر آلود ٿينديون آھن تہ ھڪ شاعر جو اندر آتش فشان جبل جيان ڦاٽ کائي ٻُڙڪي پوندو آھي.
    اِھو ئي فڪر انقلابي ۽ سماجي شعور ۽ شاعريءَ جو اھم حوالو ھوندو آھي. جيڪو حوالو ھينئر اسان کي راشد سائين جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو.
    سندس شاعريءَ بنيادي فڪر ۾ موسيقيت سان سرشار ۽ سُرن، سازن ۽ آلاپن سان رچيل ملندي آھي.

    * ادا راشد لکمير کي
    10 سيپٽمبر،
    جنم ڏھاڙي مناسبت
    سان ڏنل ڀيٽا.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    اربع جي رات: پئوڻي ٻہ بجي
    لکي پورو ڪيل.
    09 سيپٽمبر 20ع.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو