نوازَ نينھن نشي ۾ - ڏات رقاصہ........محمد يعقوب ڏاھري.

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو: “ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 116.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    نوازَ نينھن نشي ۾ - ڏات رقاصہ.
    شاعريءَ تي لکڻ وقت ڪي لفظ ميڙڻا ناھن پوندا، شاعري پڙھڻ سان ئي تہ بس جملا جڙي پوندا آھن ۽ نثر پنھنجي رفتار ۽ روانيءَ سان اڳتي وک وڌائيندو ھلندو رھندو آھي.
    اسڪاٽ لينڊ جي آزادي پسند سرزمين جو شاعر رابرٽ برنس (1759-1796) انگريزيءَ ٻوليءَ جو مشھور عوامي شاعر ٿي گذريو آھي.
    سندس شاعري انساني پيار ۽ عوامي جذبن سان ٽمٽار آھي.
    سندس چوڻ مطابق: ”شاعري جو نج مفھوم پيار جو پيغام عوام تائين پھچائڻ جو نانءُ آھي“.
    ھڪ شاعر جي اندر ۾ ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاھ جو عمل ٽئين نواڻ سان ڀرپور شيءَ اڀاري ٿو.
    مولانا رومي: سندس ھڪ بيت جي معني:
    اسان جو جوش ۽ ولولو،
    خوشين ۽ ڏکن جو محتاج ڪونھي،
    اسان جو ھوش ۽ سمجھ،
    خيالن ۽ وھمن کان بلند آھي.
    (مولانا رومي).
    شاعريءَ جو فلسفو پنھنجي تخليقي نوعيت جي حساب سان ڪيترو پابند ٿي رھيو آھي؟
    ان ڳالھ جو تت معلوم ڪرڻ لئہ اسان جڏھن تاريخ جا ورق اٿلائينداسين تہ اسان کي فطرت جي سڀني تخليقن کان ويندي ڪائنات، زندگيءَ ۽ ان ۾ موجود حقيقي ازلي ۽ ابدي، مفھوم، کوجنا کان سڦلتا تائين جي سفر ۾ ڏات ۽ شاعريءَ جو عالمي قدرن ۾ اھم ڪردار ملندو.
    ڪيفيتن طور زندگيءَ تي دائمي ۽ شاعراڻو اشلوڪي اثر ڇڏيندڙ ڏات، صدين تائين تاريخ ۾ پاڻ کي ھڪ منفرد نانءُ طور روشناس ڪرايو.
    سنڌي ادب پنھنجي تاريخي آئيني ۾ شاعري اعلي حيثيت جي حامل رھي آھي. اھا ئي وجہ آھي جو ھينئر تائين بہ پوري دنيا جي ادبي لھرن ۾ سنڌي ادب ۽ شاعري ادبي توڙي فڪري وھڪرن ۾ درياءَ وانگر وھندي رھي پئي.
    ڀيدن کان وٺي صحيفن تائين شامل انگن اکرن جي ٻوليءَ جو سڌو اڻ سڌو ڇھاءُ شاعريءَ سان رھيو آھي. توڙي جو کڻي اھي سڀ شيون بہ افلاڪ کان لھندڙ الھامي ڏات جو حصو رھيون آھن.
    صدين جو سفر طيءَ ڪندڙ جديد سنڌي شاعري ھينئر پوري دنيا ۾ شاعراڻي اساسي قانون ۾ محورات تي بيٺل آھي.
    اھا اسان جي خوشقسمتي آھي جو سنڌي شاعري جنھن باڪمال تخليقي عروج واري دور مان گذري رھي آھي. ماضيءَ جي امر ڪردار شاعرن جي شاعريءَ کي ھينئر بہ پڙھڻ سان ڪنھن نقاد جو ذھن شانت ۾ بيھي رھندو.
    ڇوتہ انھن جي شاعريءَ ۾ موجود فن، فڪر، رايو ۽ رديف عروج تي بيٺل ملندا.
    ان ڳالھ کي سمجھڻ لاءَ اسان شاھ عبدالطيف جو ھڪ بيت کڻنداسين تہ:
    سو ھي، سو ھو، سو اجل، سو الله،
    سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واھرو.
    (شاھ).
    ھي بيت تجرديديت ۽ تمثيلي جو گڏيل سنگم آھي.
    شاھ کان پوءَ جنم وٺندڙ ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ ۾ نج ٻھراڻو لھجي ۾ ملندڙ ڪلام چورائيندڙ ۽ مدحَتُ جي ململ ۾ مڪمل سنگيت آھي.
    ورتو دامن محمد آل اطھر ۽ صحابن جو،
    فتح ۾ ڪو شڪ ناھي آ ٻيڙو پار بسم الله.
    تاريخ جي ورقن کي اگر ٿوري گھڻي ڇنڊ ڦوڪ ڪبي تہ عربي ادب ۾ اسان اھي عڪس ڏسي سگھنداسين جن ۾ قصيدي کي وڏي ۽ اھم اھميت حاصل رھي آھي. تنھن وقت جي شاعري ڀلي کڻي پنھنجي پدن ۽ ترڪيبن ۾ ايتري پابند نہ ھئي پر پوءَ بہ سندس اشعاري سنوار جو مرڪز ۽ اھم موضوع عورت ھئي.
    ان دور جي ٿوري ئي وقت کان پوءَ سماجي تبديلي شاعريءَ ۾ رقص، ساز کڻي اچڻ سان گڏ پابند وزنن جي چادر ۾ ويڙھجي ويئي. اِھو اُھو ئي دور ھو جڏھن غزل قصيدي کان ڌار ٿي الڳ ٿيو.
    پيار پيو لکرائي مون کان گيت، ڪافيون ۽ غزل،
    درد جنھن ۾ ڪونہ آھي سو شعر آھي ڪٿي.
    شاعريءَ جي زبان، وسندڙ مٺڙي رمجھم آھي. ھُوءَ جڏھن پنھنجي رفتار وسندي آھي تہ ڪيترين ئي دلين جا رڻ پٽ ۽ ريگستان آباد ڪري وجھندي آھي.
    سنڌ ڌرتيءَ کي اھڙا ڪلاسيڪي توڙي جديد طرز جا شاعر ۽ سڄاڻ شارح ملندا رھيا آھن، جن پنھنجي ادبي شعور اندر سلھاڙيل سندن شاعريءَ، جنھن ۾ سمايل فڪري رمزن ۽ نظرياتي پيچرن کي نروار ڪندي نون دڳن جو ڏس ڏيندا رھيا آھن.
    ھينئر آئون قاضي احمد شھر سان تعلق رکندڙ غزل جي سڄاڻ تخليقڪار ميان نواز علي نواز جي ايندڙ پنجين ڪتاب لاءَ مھاڳ لکي رھيو آھيان.
    حالاڪہ سندس شاعريءَ کي پڙھڻ کان پوءَ اھا ڳالھ وڏي واڪي چوڻ بہ غلط ثابت ڪونہ ٿيندي تہ نواز علي نواز شاعراڻو ادبي ۽ نظرياتي رويو رکندڙ خوبصورت تخليقڪار آھي، جنھن جي شاعريءَ جو ھي شعري مجموعو ان لحاظ کان منفرد ۽ لاڀائتو درجات رکندڙ، اشعاري فڪر ۽ دقيقي لوازمات سان سرشار آھي.
    حالاڪہ آئون لکڻ مھل ان شيءَ جو مخالف رھيو آھيان تہ خيالن کي ڪڏھن بہ ساھميءَ ۾ توري نہ ٿو سگھجي. پر جڏھن سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ٿو تہ ان جي تشريح، مڻ ماپا مختلف وقتن ۾ منفرد ۽ مختلف تہ رھيا آھن پر سندس شعري لغت ڇند و عروض، لفظيات، دقيق، ترڪيبن، تشبيھن، عڪسيت، استعارن، تمثيلن، رديف ۽ قافيي ۾ مختلف تشريحن جو خوبصورت ترنم ڏيندڙ ڀرپور ڪلام طور محسوسيات ڏيندي رھي آھي.
    جن ڪيو پٿراءُ مون تي ھوش مان،
    بالغن تن عاقلن کي نانءُ ڏجي.
    حقيقت ۾ اڀياس تخليق جي اصل جوت ۽ جوھر کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جو بھترين عملي ۽ معقول ذريعو آھي.
    نواز علي نواز جي ھڪ غزل جي ھن بند ۾ حسين بن منصور الحلاج جي تشبيھ ڏيندڙ مورت ڏسڻ ۾ پئي آئي.
    نواز علي نواز جا ھي سھڻا خيال، فن جي نرملتا، سرمدي روا ۾ پيوستہ ٿيندي قادارِ الايزل جو ابدي سفر طيءَ ڪندي دل تي لٿا ھوندا.
    غزل جي بندن ۾ تاويلن ۽ تشبيھن جو انداز بيان پيش ڪرڻ جو آرٽسٽڪ انداز بيحد منفرد ۽ جمالياتي آھي.
    پيو ثنا مان خدا جي ڪندس اي نواز،
    جنھن آ توکي مون کي گڏائي ڇڏيو.
    نواز علي نواز پنھنجي اشعاري انداز ۾ مختلف فني، فڪري ۽ جمالياتي پھلوئن کي محاسبي انداز ۾ تُز ڪندي پيش ڪندو رھيو آھي. اھو سندس اعلي شعور آھي، جيڪو اصلاحي ڪيفيتن مان شاندار ڏات بنجي رچي پچي، ڦُٽي ٻاھر نڪتو آھي.
    اوھان کي جيئن آ سڃاتو اصل ۾،
    تيئن پاڻ پنھنجو آ ڄاتو اصل ۾.
    حقيقت بہ تون آ مجازي بہ تون آن،
    اسان پيچ توساڻ پاتو اصل ۾.
    ڏيو پاڻي پنھنجي زبان کي اچن پيا،
    انھن ئي نڀايو آ ناتو اصل ۾.
    سچائي رکين پرينءَ لاءَ ليڪن،
    پرينءَ پير تن ۾ نہ پاتو اصل ۾.
    جڙُن سان نہ پنھنجي جڙي سو وڌيو،
    اجھو اڄ سڀاڻي ھُو کاتو اصل ۾.
    سائين نواز علي نواز جي غزلن ۾ ڪيئي انوکيون لفظي ترڪيبون ۽ منفرد استعارا پڙھڻ لئہ ملن ٿا. جيئن: پاڻ پنھنجو آ ڄاتو، پيچ توساڻ پاتو، نڀايو آ ناتو، پرينءَ پير تن ۾ نہ پاتو، وغيره. انھن استعارن جي استعمال سان سندس غزل ھيڪاري پڙھڻ ۾ ڀلا لڳن ٿا.
    سندس غزل جي نج سنڌيت سان ڀرپور ثميلي ٻوليءَ جنھن تي ھڪ نظر ڏسجي:
    پيار منھنجي جي سادي ڪھاڻي ھئي،
    ھڪ ھو راجہ ۽ ھڪ راڻي ھئي.
    نواز علي نواز جي ھن مطلع کي پڙھڻ کان پوءَ ڪوبہ نقاد پنھنجي معصوم بچپن ۾ جھاتي ضرور پائيندو. جڏھن سندس ننڍپڻ رات جو بستر تي پنھنجي ماءُ يا پيءُ کان ڪھاڻي ٻڌندي ننڊ ڪرڻ لاءَ اتائو ھوندو ھو. يادن جي نيري نديءَ جيڏي گھرائي رکندڙ نواز علي نواز سائين جي غزل جو مطلع سچ پچ تہ ماضيءَ جا عڪس ٻيڙيءَ جيان تاريندڙ ٿو لڳي.
    سندس شاعريءَ جي تخليقي معيار ۾ ڪلاسيڪيت کان ڪير بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگھجي.
    ڳل جي ڳولا ۾ ھن جي گھڻي وقت کان،
    پيار جي ھڪ چمي بس اڏاڻي ھئي.
    ننڍپڻ جون ٻاراڻيون محبتون، جڏھن شباھتي طور روپ ۾ سنوارجي جوانيءَ جي جوءَ ۾ جمال ٿي مچنديون آھن تہ ڪيئي ڪوٽ ۽ ڪڙا سندن رستن ۾ رڪاوٽون بنجي بيھندا آھن ۽ پوءَ پيار جا ويري رشتا سندن وجودن تي پھرا بنجي پيا ڦرندا آھن.
    انھي تصوراتي ديد ۾ پيار جي چميءَ جو اڏامي پھچڻ جو استعارو، انھي چقمقي ڇڪ مثل عشق ۾ اڃان بہ وڌيڪ لذت ۽ فڪر جاڳائيندڙ لڳندو آھي.
    سائين نواز علي نواز جي غزل جي ھن بند ۾ جدائيءَ ۽ بنواس جا سُور جھلڪندي نظر اچن پيا.
    پنھنجي گھر تو نظر ڪانہ ڪئي اي عمر،
    ماروي ڀي ڪنھن جي تہ نياڻي ھئي.
    تاريخي ورق طور سھائي ڏيندڙ ھي بند، اصل ۾ تاريخ جو اھم حصو ئي آھي. جنھن مان امرڪوٽ جي عمر جو ڏاڍ، جبر ۽ مارئي جي پاڪيزگي ۽ رشتن جي اٽوٽ ٻنڌڻن طرف خيال راغب ٿيندي معلوم ٿئي پيو.
    ٻن ٽن پٽن جي پٺيان ھن کي نياڻي ھئي،
    سا نياڻي ٻنھي کان سياڻي ھئي.
    شاعرَ مشاھداتي پرچار رکندڙ ھوندا آھن، سندن شاعريءَ ۾ اھي سڀ شيون ملنديون آھن، جن کي ھُو پنھنجي اک جي تاري ۾ ماپيندا آھن. اھڙو ئي ھڪڙو خيال جيڪو نواز علي نواز سائين جي قلم ڪاڳر تي پابند ڪيو.
    ھُونءَ بہ نياڻيءَ جو اولاد پٽن جي مقابلي ۾ سياڻو ھجڻ سان گڏ باوفا بہ ھوندو آھي.
    ھڪ ڪبوتر چٺي کنئي تہ منزل رسي،
    وچ ۾ ان جي گز ۽ ڪماڻي ھئي.
    غزل جي ھن بند پڙھڻ کان پوءَ سچ پچ تہ بابا سائينءَ جو آواز ڪنن ۾ گونججي رھيو آھي. بابا جيڪو 1988ع ۾ امان جي ڪينسر وگھي انتقال کان پوءَ، ڄڻ اڪيلو ٿي رھجي ويو ھو. پوءَ پاڻ ڪڏھن پيءُ تہ ڪڏھن ماءُ بنجي ممتا جو پيار ارپيندو رھندو ھو. پاڻ اسان جي ننڍپڻ ۾ جڏھن مرحوم سائين محمد صديق ڏاھريءَ (بابا جي ناناڻن جو عزيز ھو) جا بيت، سائين جانڻ چن جي شاعري، پيراڻي ڀنڀري جا بيت ۽ ڳجھارتون تہ ڪڏھن وري ۽ آکاڻيون ٻڌائي مون کي ۽ احمد کي پاڻ سان گڏ ٻانھن تي سمھاريندو/ننڊ ڪرائيندو ھو.
    سندن واتان ٻڌل اھڙو ئي ھڪ قدامتي ۽ خوبصورت بيت ياد اچي ويو، جنھن جي شاعر جو نالو تہ ٻاراڻي طبيعت ھئڻ ڪري بابا جن کان معلوم ڪري تہ نہ سگھيو ھيس پر ھينئر اھو اندازو لڳائي سگھان ٿو تہ ان وقت پراڻي دور ۾ سنياسي فقير ۽ ويراڳي جيڪي ڪڏھن جوڳين ۽ سامين روپن ۾ ڳوٺن ۾ ڳائڻ وڄائڻ ايندا ھئا، تن کان شايد بابا ٻڌو ھجي ڇوتہ اھو شاعر اڄ بہ نامعلوم ٿي اونداھين جي گمنامين ۾ گُم ٿي ويو.
    اھو بيت ھيٺ پيش ڪجي ٿو:
    پکيءَ کي پريت جي، سڄو ڏينھن سعيو،
    وٺي سِير سمونڊ جي، اڏاڻو آيو.
    ڪڍي ڪانُ ڪماڻ مان، ويريءَ وھايو،
    محبت مارايو، نہ تہ ڪانُ وھڻو ھو ڪِينڪِي.
    (نامعلوم).
    سائين نواز علي نواز جي سڄي شاعري پنھنجي اسلوبي انداز ۾ رومانييت، تفڪر، تصوري وجدان، تاثر لفظي لوازماتي جدت ۾ سرشار ملندي.
    سندس شاعريءَ جي گھرائي ماپبي تہ اُن ۾ فصاحت، بلاغت، جدت، تجنيس، تلميح ۽ اشعاري تشريحون سندس غزلن جو حُسن اڃان بہ ويتر وڌائيندي نظر اينديون.
    سندس شاھڪار غزل کي جڏھن پڙھجي ٿو تہ انھن ۾ اسان کي ڪيئي اڇوتا، اڻ ڇھيا ۽ تازا خيال ملن ٿا. جن ۾ نئون لفظياتي جھان آباد آھي. پاڻ فڪر جي حوالي سان گھرائي ۽ گرفت رکندڙ ڏاڍو سگھارو شاعر آھي. ڇوتہ ھردفعي سندس احساسن ۽ خيالن مان نئون Inspire جڙندي محسوس ٿيندو آھي. تمام گھٽ شاعرن ۾ ھينئر اھا شيءَ ملي ٿي.
    نواز علي نواز جديد سنڌي شاعريءَ جو اھڙو سھڻو تخليقڪار آھي، جنھن وٽ پنھنجو ڌار حسي تجربو ۽ آرٽ آھي. پاڻ اندر جي ان لفاظي ولولي کي ڄاڻي ٿو تہ ڏانءُ جي ھئيت ڪٿي اپٽيل اُڀار ۽ ڪٿي وري گھرائيءَ جو روپ ڌاري ٿي.
    بقول وليم ورڊس ورٿ جي تہ:
    ”شاعري ھيجان وقت نہ پر سڪون وقت ۾ پيدا ٿيندي آھي“.
    ٿي سگھي ٿو ان وقت وليم ورڊس ورٿ شاعريءَ جي اھا ننڍڙي وضاحت کي فڪر جي درستگيءَ ۾ ڏٺو ھجي پر ھينئر ھيترو ڳچ وقت گذرڻ کان پوءَ جڏھن شاعريءَ جدت ۽ ڪلاسيڪيت ۾ پُر اظھارڻ جا نوان نوان دڳ ڳولھي ورتا آھن.
    بحيثيت شاعر طور آئون سندس ان ڪيل وضاحت سان سھمت اُن ڪري بہ ناھيان ڇوتہ شاعريءَ جي آرٽ سماجي قدرن جي پاسداريءَ لفاظن کان ويندي انساني وارتائن ۾ اذيت ڏيندڙ متضاد ڪيفيتن بہ ۾ سرجي سگھجي ٿي.
    ڇوتہ شعري آرٽ جي محسوسيات جي دنيا گھڻي وسيع آھي.
    اھا ڳالھ بہ درست آھي تہ ھر تخليقڪار وٽ پنھنجو ادبي شعور، ادراڪ، منطق ۽ دليل آھن.
    منھنجي ان ڳالھ سان متفق رھندڙ ساڳيو تسلسل سائين نواز علي نواز جي شاعراڻي نينھن سان بہ آھي.
    جتي ڪم نہ آيون اي دلبر ادائون،
    آھن زخم تن جون پو ڪجن دوائون.
    پنھنجي پاڻ سان نينھن جوڙڻ جو فڪر، سندر رچنا رکندڙ سھڻي روايت جيان آھي. ھڪ اھڙو شاندار استعارو، جنھن جي اشعاري ڇانوَ ۾ ڪيئي لاڀائتا خيال جوڙي سگھجن ٿا. ڏات شريعت جو روح آھي. ڏک ۽ خوشيءَ جون ڪيفيتون ساھ ۾ سمايل رھنديون آھن. ۽ انھن ڪيفيتن جي ادائن جي فلسفي کي بس ٿوري سمجھڻ جي ضرورت ھوندي آھي. سائين نواز علي نواز انھي طبيعت ۾ رچندڙ اڌمن جي ڳالھ ڪري ويو آھي تہ زماني مان مليل انھن زخمن جا سور سھندي پنھنجي علاج جو پاڻ حڪيم ڇونہ ٿجي.
    متان تن جون ڳالھيون ٻُڌي دل پلين تون،
    ھلن پيون جھان ۾ اسان جون گلائون.
    سچائيءَ جي سفر جو پنڌ اڙانگھو ۽ وروڪڙ ۽ اُبتا سبتا موڙ رکندڙ ھوندو آھي، عشق جي ان پيادي پنڌ ۾ پير ڦٽجي ڇلجي پوندا آھن. ھتي سائين نوا علي نواز جو اشارو ان عاشق طرفان محبوب ڏي پيام طور پھچايو آھي تہ زماني جي لڳندڙ لُڪ تمام آھي، جنھن سچن جي صحبتن کي سدائين نيشان تي رکيو آھي.
    انھن کان ڇو نازڪ ڪيون دوريون،
    کنيون جن اوھان جي ئي سر تان بلائون.
    حُسن اڪثر بيوفا بڻجي پوندو آھي. اھا ڪھاوت زمانن کان مشھور آھي. ھتي بہ شايد ان ڳالھ ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ويو آھي.
    طبيعت رکان ٿو مان نازڪ اي دلبر،
    سھي ڪونہ سگھندس ڪڏھن دغائون.
    بيوفائي ھڪ اھڙي اذيت ڏيندڙ بيماري آھي، جنھن جو شڪار اڪثر حسين و جميل ماڻھو ئي ٿيندا آھن. ان بيماريءَ جو نہ علاج، نہ دوا، نہ دارو. اِھا بيماري اڪثر عاشقن جا وجود ڳھي ويندي آھي.
    نواز علي نواز انتھائي سھڻي انداز ۾ سمجھاڻي ڏيندي التجا ڪندي ٻڌائي ٿوتہ دلبر منھنجو انڌُ انڌُ ٽٽل آھي، اذيتن ۽ پيڙاءَ ۾ اڳ ئي تن من ڪمزور آھي، وڌيڪ بيوفائي ۽ دغائن جو ستم سھي نہ سگھندس.
    اميدن جو ڏيئو اجھاڻو نہ آھي،
    حبيبن جو در آ ملن پيون شفائون.
    اڃان ڪِي آھن حاذق جڳ ۾. ”حبيبن جو در آ ملن پيون شفائون“، نواز علي نواز سائين جي سرجيل ھي سٽ سڄي تخليق جو محور ان ڪري بہ لڳي پئي ڇوتہ ھن سٽ ۾ ڏنل استعارو خود ”سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ جن آھن. جيڪو حقيقي ۽ آخري شفاعتن جو در آھي، جٿان شفاعتون ملن پيون ۽ ملنديون رھنديون سدا.
    ٿيو جيڪو حاصل اڃا جو ملي پيو،
    وساري نہ سگھبيون ٿين پيون عطائون.
    ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ سائين نواز علي نواز شاعريءَ جي آويءَ مان پچي راس ٿي نڪتو آھي. جٿي فيض سونھن ۽ سندرتا روپ ۾ غلام بڻجي خدمتن ۾ رھندو آھي ۽ وفائن جون عطائون ملنديون رھنديون آھي. وفا جيڪا عشق جي منزل جو حاصل آھي.
    نہ زر ملڪيت جا خواھان رھياسين،
    اوھان جون فقط بس کپن نيون دعائون.
    دعا ۽ يقين اھڙيون شيون آھن، جيڪي ظاھر ڏسڻ ۾ تہ نہ اينديون آھن پر پنھنجو گھرو اثر رکنديون آھن، اُھو اثر جيڪو وقت تي ظاھر ٿيندو آھي تہ وجود وکري، سنوِري پوندا آھن.
    روئڻ ڪم نہ آيو جي راھن ۾ تنھنجي،
    تہ پوءَ لاھي ڇڏبيون ابائون ڪبائون.
    حياتيءَ جي موڙ جنھن تي مان نہ ھوندس،
    ڪندي ياد محبوب منھنجون وفائون.
    شيخ اياز چيو تہ: ”موت ھر ڪنھن کي ماري ٿو ڇڏي، افسوس آھي انھن تي جن کي زندگي ماري ٿي ڇڏي“.
    انسان سڀ ڪجھ وساري ڇڏي ٿو پر سچن انسانن جون محبتون ذھن جي اسڪرين تي وقت بوقت ڊرامائي اسڪرين وانگر پلي ٿينديون رھنديون آھن.
    زندگيءَ جو ھڪڙو نالو سچ، سونھن ۽ سينگار بہ آھي ۽ انھن ٽنھي شين ۾ پلجندڙ شيءَ کي موج، مستي، پيار ۽ خوشي سڏبو آھي. ۽ ان ڪيفيتن ۾ محبوبن کان ملندڙ ڦلواڙي وفا ھوندي آھي. جيڪا سدائين لئہ يادن جي ساھ ۾ سانڍيل رھندي آھي.
    ٽُڪر ڀور ان کي نواز ڏئي آ،
    ھڻي صبح سان پيو ڪو در تي صدائون.
    سائين نواز علي نواز جي نينھن، نشي ۾ ڏات سدائين کان رقاصا رھي آھي. ان جو مکيہ ڪارڻ اھو بہ رھيو ھوندو تہ سندس اندر جي گھرائي انڌُ ۾ خيال وجد جي سرمستيءَ ۾ ويراڳ، ترنگ ۽ موج مستيءَ ۾ بي خود ٿي جوش ۾ مچندا رھيا ھوندا.
    تنھنجي نظرن کان ڪو بچي نہ سگھي،
    ديد ٿيندي شڪار ٿئي تنھنجو.
    ميان نواز علي نواز جا ھي خيال، جديد سنڌي شاعريءَ جي سَٿ جو تسلسل آھن. جن سنڌي غزل کي پنھنجو لب و لھجو بخشيو آھي.
    ھي سندس اُھي اڻ ڇھيا خيال آھن، جن مان ڪوبہ ڏات ڌڻي ڪيئي نوان نوان خيال سرجي سگھي ٿو يا ٻين لفظن ۾ ھيئن چئجي تہ سندس غزل جي ھنن ننڍڙن بندن مان ڪيئي نظم گئونچ ڪڍي ڦُٽي ٻاھر نڪرندي محسوس ٿين ٿا.
    نواز علي نواز سائينءَ جي شاعريءَ جو رومانوي لھجو پنھنجو آھي. سندس رومانوي شاعريءَ ۾ ميلاپ ۽ وڇوڙن جا ٻہ الڳ الڳ رخ، ھڪ محبتن جو معراج ۽ ٻيو درد وڇوڙي جون پيڙائون پڙھڻ لاءَ ملن ٿيون.
    سندس شاعري اسلوبي حساب سان ندرت ۽ جدت ۾ اھميت ۽ اشعاري وقعت جي حامل رھي آھي.
    سندس ھڪ اھڙو ئي صيقلاتي روشناس ۾ سرشار غزل، جنھن ۾ ڏنل سھڻو ۽ منفرد رديف ”گھنگھرو“ اڃان بہ وڌيڪ غزل کي جلا بخشيندڙ ڏيک ڏئي رھيو آھي.
    پيرن ۾ پيا چمڪن گھنگھرو،
    چانديءَ جا ٿا ڏسجن گھنگھرو.
    اھڙو سندر خيال جنھن کي پڙھڻ کان پوءَ ڪنھن جو بہ ذھن متل محفل ڏانھن ضرور ڇڪجي ويندو.
    ھُوءَ مگن آ ناچ ڪرڻ ۾،
    شلّ پگھر ۾ آھن گھنگھرو.
    نواز علي نواز جو ھي استعارو ”شلّ پگھر ۾ آھن گھنگھرو“ منفرد ان ڪري بہ لڳي رھيو آھي، ڇوتہ رقص ۾ اھڙو نينھن ۽ نشو ھوندو آھي، جنھن جي ڪيفيت خود ڪنھن جي من کي مدھم ڪندڙ يا سندس عشق ۾ نچندڙ رقاصہ ئي ڄاڻي سگھي ٿي.
    ڇمڪارن سان ڌرتي ڌٻندي،
    پاتا آھن مستن گھنگھرو.
    غزل جي ھن بند ۾ ڇمڪارن سان ڌرتي ڌٻڻ جو استعارو بلڪل نئون آھي، سڄي ڪائنات جي رڌمَ، ستن سُرن: ”سا ري گا ما پا ڌا ني“ تي ٻڌل آھي. مستن جي رقص ۾ انسانن جون تقديرون لرزشي اٿنديون آھن.
    شريعت کان مٿانھين منزل رکندڙ مست، عابد، عارف جڏھن وجد ۾ اچي نينھن نشي ۾ رقص ڪندا آھن تہ معرفت پنھنجي رمزن جا نوان دڳ کولي وٺندي آھي.
    سائين نواز علي نواز جو ھي خيال منفرد ۽ ٿورو الڳ ٿلڳ ان ڪري بہ آھي تہ رقص و سرود ۾ الھامي ڏات جا دروازا کُلن ٿا.
    رقص جي حوالي سان خوبصورت منظر چٽيندڙ ۽ من کي موھيندڙ دوھو ياد اچي پيو.
    ڪرش آڏو رقص ڪيائين، گوپي بڻجي رات،
    حيرت ۾ ڀڳوان پجي ويو، پرھ ڦٽي پرڀات.
    (علي نواز ڏاھري).
    نازڪ پيرن آھن پاتا،
    تڏھن پيا سي ڇرڪن گھنگھرو.
    نينھن جو نشو ئي التِفاتُ کي جاڳائيندو آھي.
    نانڪ مندر ۾ ڄڻ ڪا، نينھن نچائي ڊيل،
    ڪيڏو سندر روپ رقاصا، حيرت ۾ پاريل.
    (علي نواز ڏاھري).
    ڇم ڇم جو آواز اچي پيو،
    ھُن اڄ لاٿا ناھن گھنگھرو.
    رات ڏٺو مون ويٺي ھُن جي،
    پيرن ۾ ٿا ٺھڪن گھنگھرو.
    جڏھن محبتن جا ميلاپ ٿيندا آھن تہ عاشق ۽ محبوب وچ ۾ رات جي ڪاري گھگھ اونداھي بہ جياري لڳندي آھي ۽ اُن تنھائين جي محفلن ٻہ چپ چار ۽ ٻانھون ڳچيءَ جا ھار ٿينديون آھن تڏھن منُ مِلن جي خوشيءَ ۾ جھومي پوندو آھي. ۽ تڏھن محبوب جي پيرن ۾ پاتل گھنگھرن جو آواز الڳ سان نئون ساز ڇيڙي مڌر آواز پيش ڪندو آھي.
    سائين نواز علي نواز غزل جي ھنن بندن ۾ ڪجھ اھڙيون استعارا ۽ تمثيلون پيش ڪيون آھن.
    تون پيو مشڪين جنھن تي نواز،
    سي توتي پيا مرڪن گھنگھرو.
    سائين نواز علي نواز جي ھن سڄي غزل ۾ سھڻن قافين سان گڏ بھترين رديف گھنگھرو، سندر لاڳ ۽ لوازمو ڏيو بيٺو آھي. جنھن ڪري غزل کي گلڪاري ۽ چٽسالي واري خوبصورتيءَ بخشيو بيٺو آھي.
    ھونءَ بہ اندر جي اپٽار جو ٻيو سندر نانءُ شاعري آھي، اُھا شاعري جيڪا نزاڪتن ۽ حُسناڪين جو گڏيل سنگم آھي. جنھن جي سحر نواز علي نواز کي مختلف ڪيفيتن ۾ رجھائيندي ڪا نہ ڪا شيءَ تصنيف ڪرائيندي اچي پئي.
    سندس شاعراڻي لکت جا اسلوب فطرتي رنگن ۽ حسناڪين سان ٽمٽار آھن.
    تو نالي جي تسبيح ۽ تڪيو بہ سندو نالو،
    خواب ۾ تنھنجو ئي ديدار لڳو پيو آ.
    تون ناھين نواز جي محفل ۾ مزو ناھي،
    تون آھين محفل ۾ سينگار لڳو پيو آ.
    حسِين خواب، سُندر تعبيرن جا سوال ھوندا آھن. خواب ۾ ديد وارو استعارو نواز سائين حساس دل رکندڙ ماڻھوءَ جو افسانو ڪري ھت پيش ڪيو آھي.
    تو سواءَ ڪيئن گذاريم بھارون صنم،
    ڪين پڇ ڪيئن جوانيءَ جون گھڙيون ڪٽيون.
    درد ۽ اذيتون وڇوڙن ۾ ڪنڊن جيان رڪاوٽون ھونديون آھن، جن تي ھلڻ ۽ اھي سُور ستم سھڻ ھڪ سچي عاشق جي زندگيءَ ۾ مقدر جيان مليل ھوندا آھن، جٿان پوءَ سندس عشق اڳتي ھلي افلاڪي منزل ماڻيندي نظر ايندو آھي.
    بقول سائين جي ايم سيد جي تہ: ”سادگي وڏي ۾ وڏو حُسن آھي، سادگي فطرت جي ڏات آھي ۽ نمائش عيبن جو لڪائڻ آھي“.
    جيئن ھڪ تخليقڪار جي دل فطرت جي رنگينين ۾ مڙني جاين تي وسندي آھي تيئن ئي ھڪ شاعر جي دل بہ فطرتي حُسناڪين ۾ پنھنجي ڏات جا اَڻ ڇھيا عڪس ڳولھيندي، انھن خوبصورت عڪسن کي پنھنجي رچنائن ۾ قلمبند ڪري پابند بڻائيندي آھي.
    ڪجھ اثر مون تي ٿيو نواز مگر،
    توتي پنھنجو اثر ڪري ورتم.
    ميان نواز علي نواز جي ٻولي بہ نج ڳوٺاڻو لھجو رکندڙ ٻولي آھي. جنھن ۾ نرم ملائم احساس جھلڪندي محسوس ڪري سگھجن ٿا.
    سندس عشق جي اظھار جو انداز بہ بيحد نرالو آھي:
    جنھن سان دل جي عقيدت رھي ٿي گھڻي،
    تنھن تي ڪلمئہ محبت پڙھي ٿو ڏسان.
    يا وري پيار جي اوسيئڙي ۾ سخا ٿيندڙ سندس معصوم دل ڪجھ ھيئن بہ لفظ ورنائي ٿي تہ:
    پيار ڇوليون ھڻي پيو اچي دل اندر،
    عشق ۾ مان نواز لڙھي ٿو ڏسان.
    ميان نواز علي نواز وٽ غزلن جي روپ ۾ احساسن جي وڏو ائمبار آھي. پاڻ انھن احساسن تي فن ۽ فڪر جي رنگن جا گھاڙيٽا بخوبي ڄاڻي ٿو.
    سندس خيال ڪٿي بہ سعادتمندي کان ٽٽندڙ ۽ تربيہ ڏانھن اشارو ڪندڙ ڪونہ ٿا ملن. بلڪہ سندس غزل جدت ۽ ڪلاسڪ جي امتزاج سان نواز علي نواز جا غزل نروار ٿيندي منزلاتي چوٽيءَ تي بيٺل نظر اچن ٿا.
    ڏيئو مڌھم جھڪي روشني ٿي لڳي،
    زندگي تو سوا بي چسي ٿي لڳي.
    باغ مان شوخ حسين چنچل مٽي،
    حُسن تي پنھنجي جنھن کي مڳي ٿي لڳي.
    ويھي کن پل ۽ دامن ڇڏائي وڃڻ،
    خواب دلبر سندي دلبري ٿي لڳي.
    ٿئي ھميشہ ٿو آڌر سندم چانھ سان،
    مون کي تنھنجي ھي عادت چڱي ٿي لڳي.
    خوب مشڪي ٿو ماڻھن کي مائل ڪرين،
    مرڪ صنم تنھنجي طلسمي ٿي لڳي.
    تو بنا مون طھورا بہ پي آ ڏٺو،
    زھر توکان سواءَ زندگي ٿي لڳي.
    تنھنجي ديدار لئہ مان سڪان پيو يڪو،
    مون کي ضايع سندم بندگي ٿي لڳي.
    ڇا روا آ تعلق کي ٽوڙي ڇڏيان،
    صاف تنھنجي اھا بي رخي ٿي لڳي.
    ھُوبھو نقش تنھنجا ڏٺم ھڪ حَسين،
    ھُو رويي منجھان اجنبي ٿي لڳي.
    آ فصاحت بلاغت ۾ يڪتا مگر،
    منجھ قول و فعل ۾ گڙٻڙي ٿي لڳي.
    باغ ۾ انتظاري آ تنھنجي نواز،
    تولاءَ واجھائيندي ھر ڪلي ٿي لڳي.
    اسان جي سماج ۾ درپيش ايندڙن مسئلن ۾ ھڪ وڏو مسئلو ھي بہ رھيو آھي تہ اڪثر قلم ڌڻي انھيءَ مسئلي جي درد ۽ دانھن تي لکڻ کان لنوائيندا آھن. اھا لکندڙن جي قلم کي لڳل ھڪ اھڙي اڏوھي آھي، جنھن اڏوھيءَ جي کاڌ ۾ اڪثر قلم ڌڻين جا قلم سچ لکڻ کان قاصر آھن. پر ان جي ابتڙ نواز علي نواز پنھنجي شاعريءَ ۾ انتھائي حساس نموني سان سماجي وارتائن تي ڏاڍي سھڻي انداز ۾ Diction & Fiction تي سھڻي نھار رکندي ڪيئي غزل ۾ اشعاري افسانا لکيا آھن. پاڻ ان معاملي ۾ بي باڪ ۽ بي رحم شاعر آھي.
    ميٿيو آرنلڊ جي شاعري مطابق ڏنل راءَ آھي تہ: ”ادب زندگيءَ جي تنقيد آھي“.
    پر ھت آئون ھڪ ڳالھ واضع ڪرڻ گھرندس تہ جيڪڏھن شعر جي ڪُک ۾ گھڙي تشريح جي کوجنا نہ ڪبي تہ اُھا شاعر ۽ ان جي شعر ٻنھي سان ناانصافي ٿيندي. اھا صرف منھنجي ھڪ ننڍڙي راءَ آھي، ٿي سگھي ٿو ان معاملي ۾ آئون غلط بہ ھجان.
    ڏات وسيع جھان جو نانءُ آھي، جنھن ۾ شاعريءَ سان وابسطا ادبي محاورا طرز، رڌم ۽ موسيقيت ۾ سرشار ٿيندي پڙھندڙن تائين پھچن ٿا. شاعري بہ پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ گھڻ گھرو ۽ گھرو علم آھي. جنھن کي اھو تخليقڪار سمجھي سگھي ٿو جيڪو فن، معيار ۽ اصلاحيت جا اصول ڄاڻندڙ ھوندو.
    ۽ منھنجي سمجھ ۾ اھي سڀ خوبيون ميان نواز علي نواز جي ذات ۽ تخيل سان سلھاڙيل آھن. ھُو انھن سڀني پھلوئن جي روشنيءَ ۾ تصنيفي ۽ تخليقي فن پاري جي پرک جو علم ۽ اصول ڄاڻيندڙ تخليقڪار آھي. وٽس شاعراڻو فھم، فڪر، استعداد، علمي اشتياق ۽ نواڻ جو جذبو موجود آھي. سندس شعري سگھ جي توضيح ڪنھن کان ڳجھي ناھي. پاڻ ھڪ نظرياتي ۽ آدرش انسان آھي.
    ايڊووڪيٽ
    محمد يعقوب ڏاھري.
    محرم جي جھڙالي شام لکيل.
    سورج جو گھر، سڪرنڊ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو