درد جي آغوش ۾ آھيان ستل…! محمد يعقوب ڏاھري.

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو:”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 115.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    درد جي آغوش ۾ آھيان ستل…!
    ڪنھن ڪنھن شاعر جي تخليقن ۾ غضب جي شاعراڻي ڪماليت سمايل ھوندي آھي، اُھا ڪماليت جنھن کي پڙھڻ کان پوءَ ائين محسوس ٿيندو آھي، جيئن اھا شاعري انفراديت ۽ شاعراڻي کوٽ کي پورو ڪندي محسوس ٿيندي ھجي.
    رات ڀاڪر ۾ ڀريو مون برف جھڙو ھو بدن،
    ڄڻ وسي پيو ٿر مٿان ڪو بادلن وارو گگن.
    شاعريءَ ۾ ملندڙ ڪجھ اھڙا موضوع ھوندا آھن، انھن موضوعن تي لکڻ ٿورو ڏکيو ٿي ويندو آھي.
    اُن ڏکيائيءَ جي خاص وجہ اھا بہ ھوندي آھي جو سندن اھو خيال قلماتي حصار ۾ پورو ٿي ناھي سگھندو.
    ھڪ شاعر جي شاعري سماجي ڪٽرپڻي لھجن خلاف شعوري آواز ھوندي آھي.
    بقول سائين جي ايم سيد جي: ”عشق جڏھن بغاوت ۽ جنون تي لھي ايندو آھي تڏھن عاشق انجامن جي پرواھ ناھن ڪندا“.
    شاعر طبقاتي عشق جون منزلون طيءَ ڪندڙ مفتون ھوندو آھي.
    آدم ۽ حوا جي تخليق، سندن حياتي پيڙاءَ ۾ گذاريل الميا، جيڪي فطرتي وسعتن کان ابتدا ٿيندي اڳتي ھلي انساني جيوت جي دڳن تي ھموار ٿيا، تن ۾ سمايل محسوسيات جي رمز ۽ فڪر بہ شاعري آُھي.
    شاعري جنھن جو دائرائي تز دعا کان ويندي التجا ۽ شڪوه کان ويندي انھن منزلن تائين ڇونہ ھجي جن تائين اڃان تخليقي سوچ جي رسائي شايد ممڪن ناھي ٿي سگھي، جٿي اڃان ڏات جي اپٽار پرواز ڪندي پھچڻي آھي. اھا سڀ شاعري ئي آھي.
    شاعري جيڪا ازلي تسلسل جو سُندر نانءُ آھي ۽ ڏات جي ڇانوَ ۾ لھندڙ فطري اظھار جو ذريعو آھي. جنھن ۾ وقت سر محبتن جي موھ مايا ۽ سڀاءَ ۾ سرشار طلسماتي ڪششن جا اسرار پسجن ٿا. اھي سڀ اسرار ھڪ تخليقڪار جي قلم سان جڙيل ھوندا آھن.
    شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ غزل منفرد نزاڪتون ۽ حسناڪيون رکندڙ صنف آھي. ھتِ چئي سگھجي ٿوتہ غزل بنيادي طور داخلي شاعري جي صنف آھي. اھو ان ڪري ڇوجو غزل جي ھر مصرع ۽ ھر بند ۾ علامت، فن ۽ ھئيت جو اظھار پڻو الڳ ٿلڳ ۽ نئين روائن ۾ نئين ڪھاڻي بيان ڪندي نظر ايندو آھي.
    پنھنجي اردگرد جي ماحول ۾ درپيش ايندڙ ۽ ذھن کي جھنجھوڙيندڙ تلخ حقيقتون ۽ واقعا ڪافي دير تائين ذھن تي ڇانيل رھندا آھن ۽ پوءَ نتيجتن ڪجھ وقت کان پوءَ عام ماڻھو جنھن کي وساري بہ ويھندو آھي پر ان عام ماڻھوءَ جي مقابلي ۾ ھڪ تخليقڪار جو ذھن ۽ سندس مشاھداتي اک ان سماجي وارتائن کي پنھنجي قلم ۾ صدين تائين محفوظ ڪرڻ جي سگھ رکندي آھي.
    وحشتن جي ڍير تي معصوم جو زخمي جسم،
    پاپ ھي ٿيندي ڏسي منهـنجا پيا عضوا ڏڪن.
    ڏات جي گھرائيءَ ۾ شاعريءَ جو وھڪرو ڪيئي تاريخون، تلخ حقيقتون حسناڪيون ميڙڻ جي سگھ رکي ٿو.
    مٿئين بند جھڙا ڪيئي بند اسان جي پياري دوست صوفي امتياز ٻلال پنھنجي شاعريءَ ۾ سرجيا آھن. جن جي جڙاوت، سادگي ۽ حقيقت مبني تصور ڏيندڙ اوٽَ شاعريءَ ۾ سماجي آئيني طور پيش ڪندي نظر اچي ٿو.
    سندس شاعريءَ ۾ ملندڙ معاشي براين جي منظرڪشي، دنيا جي سامھون رنگ برنگي ڪئنواس تي اڀارڻ جو اھڙو ڏانءُ کڻي جو ھڪ شاعر جي ڪيفيتن کان گھڻو پري ڪونہ ٿو ملي. ھُو ان شيءَ کي واضع ڪري ٿو جيڪي منظر سندس اکيون پڙھن ۽ ڏسن ٿيون.
    اھو ئي ڪم ھڪ سچيت تخليقڪار جو قلم ڪندو آھي، جڏھن ھُو لکندو آھي تہ انسانيت سان درپيش ايندڙ اڙانگھين حقيقتن کي ڏاڍي سولائيءَ ۽ سادگيءَ سان لکي پيش ڪندو آھي. اھڙي ئي اونھي نظر، مطالعي ۽ ادبي ڪم سان وڏي پائي جي شاعر جي سڃاڻپ ٿيندي آھي. اھڙين شين کي مدنظر رکندي ھينئر اسان صوفي امتياز جي شاعريءَ مان کيس بلند پائي جي شاعر طور پرک ڪري سگھون ٿا.
    پاڻ صوفي سڏائيندڙ تہ آھي ئي ۽ ان سان گڏ تخليقي زاھد پڻيءَ واري جسارت رکندڙ بہ آھي. جيڪو ”جو دم غافل، سو دم ڪافر“ واري آرٽسٽڪ انداز بيان ۾ پچندو رھي ٿو، مچندو رھي ٿو.
    تمام گھٽ شاعرن جي شاعريءَ ۾ اھا خوبي ھوندي آھي تہ سندن شاعري ۾ اظھار پڻي جو خوبصورت ۽ منفرد ڏانءُ نثر کان بہ الاھي گھڻو طاقتور ھوندو آھي. اھڙي خوبي اسان کي صوفي امتياز ٻلال جي تخيل ۾ پڙھڻ لاءَ ملي ٿي.
    درد جي آغـوش ۾ آھيان ستل،
    زندگي منهنجي اجائي وئي ھلي.
    ايترو مون آ رنو ھن ھجر ۾،
    آ اکين جي روشنائي وئي ھلي.
    سندس ھڪڙي غزل جا ٻہ بند، جن ۾ سمايل فڪر کي پڙھڻ کان پوءَ ائين لڳندو، جيئن ٻئي بند ھڪ ٻئي جي جواب جيان ھجن.
    ايترو مون آ رنو ھن ھجر ۾،
    آ اکين جي روشنائي وئي ھلي.
    غزل جي ھن بند کي پڙھڻ کان پوءَ ڪنھن بہ اھل دل جي سوچ، بني اسرائيل جي نبي حضرت يعقوب عليہ اسلام جي قصي ڏي ڇڪجي ويندي، جنھن ۾ حضرت يوسف عليہ اسلام جي ھجر و جدائيءَ ۾ روئندي اکين جي روشنائيءَ تي بينائيءَ اثرانداز ٿي ھئي.
    ھن ھڪ بند ۾ اھڙو ئي مڪمل قصو بيان ٿيل آھي.
    اِھو ئي شاعريءَ جو سفر آھي. جيڪو اندر ۾ اونھائپ رکندڙ تخليقڪار طيءَ ڪري سگھندا آھن. ۽ اِھائي گھري ڪيفيت صوفي امتياز جي ڪويتائن ۾ نظر اچي ٿي. ھُو ڄاڻي ٿو تہ رچنائن ۾ ڪٿي ڪھڙا سُندر رنگ ڀري، شاعري ڪھڙي گھاڙيٽي ۾ پيش ڪرڻي آھي.
    ھر طـرف آ ڪوڙ جو چرچو ھتي،
    ڇو سچائي ۽ وفائي وئي ھلي.
    بي سبب ”امـتياز“ لوڙيان ٿو پيو،
    آ جدائـي ماس کائي وئي ھلي.
    سڀني دعوائن کان پاسيرو ٿي اگر صوفي امتياز جي شاعريءَ تي گھري نظر وجھبي تہ پاڻ اسان کي شاعريءَ ذريعي سچ چوندڙ صوفي لڳندو. سندس شاعريءَ جي تختيءَ تي سچا نقطا اتاريل ۽ تاريخ ساز روشنائي ڏيندڙ ڪيتريون ئي مصراعون ملنديون.
    ھو دريء مان ڪنهن کي پيو اشارو سڏي،
    چنڊ ڏسجي نٿو پيو ستارو سڏي.
    ڇولين کـي سنيھا بتيلا ڏيو،
    ھو سڪل ٿو اوھان کي ڪنارو سڏي.
    گيڙو اوڍي لڱن تي ٻڌي ڇير مون،
    نينهـن مان ٿو وڄي اڄ نغارو سڏي.
    رڙ تہ مئخان مان آ وڏي ڪنهن ڪئي،
    ساقيا ھو ڪنهن کي پيو اڃارو سڏي.
    پاڻ ولين جئان آء ھڪ ٿي وڃون،
    جنوريء ۾ اسان کي ٿو سيارو سڏي.
    ٽھڪ مون اڄ ھوا ۾ اڏائي ڇڏيا،
    ٻار مون کي پيو جو بکارو سڏي.
    حال منهنجي تي ”امتياز“ ڪر ڪو رحم،
    توکي تنھنجو پيو ير ڏکارو سڏي.
    منھنجي سمجھ ۾ ھڪ شاعر جو روح ايستائين بي چين ٿي تڙپ ۾ پٿاريندو رھي ٿو، جيستائين سندس لڇ پڇ صنفن جي صورت ۾ پنن تي نہ ٿي پَرَ پکيڙي.
    اِھا ساڳي حالت صوفي امتياز جي بدني ڍانچي ۾ قيد روح سان بہ آھي. ھو پنھنجي رڌم جا ٿاڪ ڳولھڻ ۽ وسڻ لاءَ لڇ پڇ ۾ تڙپندو رھي ٿو ۽ انھي لذت ڀري اذيت ۾ صوفي امتياز جا وجودي نيڻ ننڊ لاءَ اجھامي ٻرندا ھوندا.
    معاشرتي منفي ۽ مثبت پھلوئن سان گڏ رومانس بہ شاعري جي نس نس ۾ سمايل رھندي آئي آھي.
    پاڻ ولين جئان آء ھڪ ٿي وڃون،
    جنوريء ۾ اسان کي ٿو سيارو سڏي.
    اِھا ڏات جي عطاعت آھي، جنھن کي عاشق ئي محسوس ڪري سگھي ٿو. ڇوتہ عشق ڌڙڪن جو نشو ھوندو آھي. ۽ ان نينھن جي نشي ۾ ھڪ صوفي جو عشق چئن ڌارائن مان پار ٿي پچندو آھي.
    1- سڪ. 2- عشق. 3- مزاحمت. 4- حب الوطني.
    جيئن ھر ماڻھو سچو صوفي، عاشق نہ ٿو ٿي سگھي، تيئن ھر ماڻھو شاعر نہ ٿو ٿي سگھي.
    ڇوتہ ڏات صرف پنھنجي صفات ان ماڻھو کي ارپي ٿي جنھن ۾ جيت جي جھلڪ ٻيا پسي سگھن.
    اھو وقت جي ڦرندڙ واچوڙي جو ڪم آھي، ڪنھن کي ڇا ۽ ڪنھن کي ھت ڇا ٿو ملي.
    اھا شاعري ناھي چورائيندي، جنھن جي سٽ سٽ ۾ نبض شناسي، حب الوطني، فڪر ۽ فلسفو نہ ھجي.
    پر جيڪڏھن اھي سڀ شيون اسان کي پڙھڻيون آھن تہ اھي اسان کي صوفي امتياز جي شاعريءَ ۾ جام پڙھڻ لاءَ ملنديون. جنھن ٿوري ئي وقت ۾ پنھنجو نالو ڏات جي فقري ۾ متعارف ڪرايو آھي.
    سندس ھڪ غزل جا ٻہ ٽي بند، جن جي ٻولي ۽ اسلوب انتھائي خوبصورت لڳا:
    تلخ لھجو نہ مٽجي سگھيو خاڪ جو،
    موت مون سان ميارون ڇڪي ھل اڳي.
    ھي سندس اھو لھجو آھي، جنھن ۾ لفظن جي اجائي سيڙپ ڪاري نہ ٿي ملي بلڪہ فڪر جي وصف ميارون ڏيندي اڳتي وڌندي ھلي پئي.
    يعني جٿي توھان جي پڌارڻ جي آوري ٿئي، لک عزتون ملن اتي ئي گھڙي پل لئہ پيار جا جھوپڙا وسائجن.
    آس منهنجي ٿڪي تون نہ پئو راھ ۾،
    درد سان ڪي اڏارون ڇڪي ھل اڳي.
    آس جو ٿڪجڻ شاعري ۾ نئين سَمرتي ڏيندڙ اشعارو آھي.
    حالاڪہ اسان وٽ آس (آسري) لاءَ ننڍپڻ کان ھڪ ڪھاوت ٻڌندا پيا اچون تہ:
    ”جيڏو الله تيڏو آسرو“.
    ھن بند ۾ اسان جي پياري دوست صوفي امتياز عاشقيءَ جي اڙانگھي پنڌ جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿوتہ عشق ڪم تمام اوکو آھي، جنھن جي وک وک تي ڪنڊا آھن، جن تي ھلي ھلي پير ڇلجي پون ٿا، ”تون نہ پئو اھڙي راھ ۾“.
    ان اڙانگھن دڳن ۽ ڪنڊن وارن پيچرن تي درد سان منھنجون اڃان بہ اڏارون آھن.
    جيئن پاڻ ٻڌائيندو ٿو ھلي تہ:
    ”عشق ناھي راند، جو کيڏن ڳڀرو“.
    سنڌ ۽ منھنجو شجرو چٽو آ چٽو،
    وات ھر آ پڪارون ڇڪي ھل اڳي.
    ڌرتيءَ لاءَ عشق رکندڙ تخليقڪار ئي سچا عاشق ھوندا آھن. ھنن جو مذھب سچائي سان منسلڪ ھوندو آھي. ھُو بس سچ ۽ محبتن جا حامي ھوندا آھن ۽ ھنن جو تسلسل مٽيءَ جي محبتن سان جڙيل ھوندو آھي.
    ڪچلجي ڪوئلون ۽ ڪل رابيل ويا،
    گھور گھليون بھارون ڇڪي ھل اڳي.
    اھا تاريخ جيڪا ھن بند ۾ شفاف ۽ روان آھي، جيڪو ماضيءَ ۾ پنھنجن جي مڪر ۽ ڇندُ ۾ ڇانئجي ويساگھاتين ۾ سُور بنجي اڄ بہ ڪکين ۾ ڪنڊو بنجي ڪکي ٿي.
    مان ھان سالار سورھ وڙھڻ ٿو گھران،
    ڪونہ ڪڙڪن ڪٽارون ڇڪي ھل اڳي.
    ڪجھ شاعرن جي شاعري تاريخي آئيني طور نماءُ ڏيندي آھي. اھڙي ساڳي شيءَ صوفي امتياز جي شاعريءَ ۾ بہ آھي.
    جنگي منظرن جا چٽا عڪس بيان ڪندي، جذبي ۽ جنون جون ڪٿائون بيان ڪندڙ ۽ مزاحمت رکندڙ ھي بند، ڌرتيءَ سان عشق رکندڙ، مٽيءَ سان محبت ڪندڙ ڪوبہ غيرتمند سندس ھن بند کي پڙھندو تہ سندس جسم جا وار ڪانڊارجِي ضرور ويندا.
    صوفي امتياز ٻلال جي شاعري خيالين جي وسعت، سونھن ۽ تاريخ جو وسيع جھان جوڙي نيڻن ۾ نوان رنگ پسائي ٿي. سندس شاعريءَ کي پڙھڻ کان پوءَ ڪا جادوئي ڳھر گھڻي دير تائين ذھن تي طاري ٿي وڃي ٿي.

    محمد يعقوب ڏاھري.
    آچر جي شام،
    پنج لڳي پنجاھ منٽن تي
    لکي پورو ڪيل.
    09 آگسٽ 20ع.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو