”سونھن، سادگي ۽ سنگيت جو سنگم“.........محمد يعقوب ڏاھري

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو:”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 113.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    ”سونھن، سادگي ۽ سنگيت جو سنگم“.
    منھنجي سدائين اِھا ڪوشش رھي آھي تہ شاعريءَ ۾ موجود فڪر ۽ فلسفو ڳولھڻ لاءَ نتِ نون نون شاعرن جا ٽڙيل پکيڙيل شاعراڻا گلَ ضرور ميڙجن.
    اھڙي ڪوشش ۾ اُھي ڪوتاڪار جن ۾ اڪثريت انھن مخصوص شاعرن جي ھوندي آھي، جيڪي بھترين ڪوي ھوندي بہ گھڻو تڻو اکين کان اوجھل رھيا آھن. ھي اُھي تخليقڪار آھن، جن جي شاعريءَ تي جيڪڏھن نثري نظر وجھبي تہ انھن جي شاعريءَ ۾ نہ صرف شاعراڻي اڃ اجھائڻ جي سماعَ، محبت سندي پچار ۽ مزاحمت جا جھلڪندڙ ڪيئي رنگ پڻ وائکا ڏسي سگھبا.
    شاعريءَ جي گرامر کان ويندي ترڪيبن، استعارن جي نواڻ پڻ چمڪاٽ ڏيندي محسوس ٿيندي. اُن جي خاص وجہ ھڪ ھيءَ بہ آھي تہ سندن حُسن پرست دل، جنھن جي ڌڙڪن ۾ ڪيترائي فطرتي رنگن جا خوبصورت منظر، ترڪيبن ۽ استعارن جي حسِين پوشاڪ ۾ سنواريل محسوس ٿيندا آھن، جيڪي سندن شاعراڻن مشاھدن ۾ پڙھي سگھجن ٿا.
    ھڪ شاعر، مصور جيان پنھنجا اشعاري رنگ پنھنجي شعراڻي ڪئنواس تي ڀري ٿو. جن جي پکيڙ جيڪا جوڀن، جوت، جلوه، جھوپا، جھانگھي، ۽ جمنا جي آبشارن کي شعري انداز ۾ اکين جي محابِيءَ ذريعي دل مٿان اثرانداز ٿي چِٽَ چَٽِڻ جو منفرد ۽ دلفريب ڪم ڪندي آھي.
    اھڙو شاعراڻو مصدري رچاءُ ڪنھن ڪنھن شاعر جي وراثت ۾ ايندو آھي، جڏھن ڏات جي ڪرڻن جو الھامي سلسلو سندن دل کي ڇھندو آھي.
    جيئن بارش جي ھڪ ڦُڙي ۾ ڪئي طوفان لڪل ھوندا آھن، ائين ئي ھڪ تخليقڪار، ھڪ شاعر جي دل ۾ روز ڪيئي طوفان برپا ٿيندي، ڊھندا، ٺھندا ۽ اٿندا رھندا آھن.
    شاعر جي ڪيفيت اھڙي رمزن جا ڪئي سُرور محسوس ڪري لاتعداد صنفون سرجيندي رھندي آھي. جن جي ھر نئين اُٿل ۾ نئين ڪھاڻي سمايل ھوندي آھي.
    اھڙن شاعرن جي ڳاڻيٽي ۾ ”تابش بخاريءَ“ نالو وڏي اھميت جو حامل آھي. ڇوتہ لفاظي رفاقت، اشعاري جملن جي ڇيد ڪرڻ ۽ لفظن ۾ غنائيت ڀريو اثر ڀرڻ سندس لئہ معمولي ڳالھ آھي.
    اک اک جو اندازو بہ پنھنجو پنھنجو آ،
    ڪا اک اَڻڀي ۽ ڪا آلي ٿيندي آ.
    ڪنھن محفل مان ماکيءَ جھڙو چس ملي،
    پر ڪا محفل پر وِھَ جي پيالي ٿيندي آ.
    جنھن بہ محبت جو مڌ موکيءَ کان پيتو،
    سا دل مستيءَ ۾ متوالي ٿيندي آ.
    نيھن ۾ ڪائي نٽھڻ ناھي ساڙيندي،
    دلبر جي ھر ديد جھڙالي ٿيندي آ.
    من ۾ ڪو مصور تہ رھندو آ ”تابش“،
    تڏھين ڪا تصوير مثالي ٿيندي آ.
    تابش جي تخيل تي اگر نثراڻي نگاھ وجھبي تہ ڪٿ ڪٿ تابش ناصح ۽ اپديشڪ تخليقڪار لڳي ٿو. ھُو شاعريءَ جي محوراتي احساس کي سمجھندي اُن کي ان شڪن ۾ رنگ ڀري ٿو.
    جنھن جي سيرت ۾ ٿيو قرآن نازل،
    جنھن جو ھر پيش زير و زبر نور آ.
    وحدانيت ۽ ھيڪڙائيءَ ۾ چيل عقيدت جي اظھار کي افلاڪ کان آيل رمز جو نانءُ ڏجي تہ غلط ڪونہ ٿيندو.
    ھي اُھو فڪر آھي جنھن ۾ عشق جي ٿڌڙي ڇانوَ ھميشہ لئہ روح کي راحت بخشيندي آھي.
    حقيقت پسندانہ سوچ رکندڙ تابش بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ڪيئي اھڙا منفرد خيال پڙھڻ لاءَ ملن ٿا، جن ۾ انسانيت کي اول سمجھندي فرمائي ٿوتہ:
    مرڻ بعد ورسيون ملھايو ڀلي پر،
    ڪنھن ماڻھو کي مڃتا ڏيو زندگيءَ ۾.
    توڙي جو کڻي ھي سندس سادڙو خيال آھي پر ھن ٻن سٽن ۾ پاڻ پورو مفھوم ڳالھائي ويو آھي. جنھن ۾ خيال جي گھرائي کي واضع پرکي سگھجي ٿو. جٿي پوري دنيا مذھبي عقيدي جي ور چڙھيل آھي. اتي تابش ماڻھپي کي مڃتا جي ڏس طور طور، سندس فڪر ۽ فلسفي جو پاسو اٿلائڻ جي صلاح ڏني آھي.
    تابش بخاري سُندر خيال سرجيندڙ سھڻو شاعر آھي، جنھن ڏات جي دڳن تي سفر ڪندي ڪڏھن بہ سنڌڙي جي مھان تخليقڪارن کي ڀيٽا ڏيندي سستي ۽ عار محسوس ناھي ڪئي.
    رسالو ڀٽائيءَ جو سمجھون صحيفو،
    انھيءَ ۾ سمايل آ ساري خدائي.
    سڀئي سُر ڀٽائيءَ جا سيني سانڍي،
    ڪجي من جي اوندھ ۾ ڪا روشنائي.
    تمام گھٽ تخليقڪار نظر مان گذرندا آھن، جن سنڌ جي سرموڙ تخليقڪار ڀٽائيءَ سرڪار کي محبتون ارپيون ھجن.
    اندر جي اورَ ۾ سمايل اصل پُر اثر ڪُوڪ سمايل ھوندي آھي. ان ڪوڪ جي ورن، تشبيھ ئي اُھا انيڪ محبت ھوندي آھي، جيڪا صنفن ۾ ڀيٽا بنجي اڀرندي آھي ۽ ھميشہ لاءَ دلين تي راڄ ڪندي آھي.
    ڪاڇا تنھنجي ڪڇ ۾ ٽڙيو ھڪڙو گل،
    ماڻھو سو املھ، حمل ثاني سنڌ جو.
    حمل ثاني سنڌ جو، طالب لغاري،
    جوت جنھن ٻاري، ڪاڇي کان ڪشمور تائين.
    استاد بخاريءَ کي پيش ڪيل ھن ڀيٽا ۾، تابش جَي تخيل جي سٻاجھڙي تنوار خوب پرکي سگھجي ٿي.
    سندس ھڪ اھڙي ئي غزل جا ڪجھ بند، ھيٺ لکجن ٿا، جن ۾ پاڻ اک جي مشاھداتي دائري ۾ ڏٺل ڪيترن ئي منفرد رنگن ۽ فطرتي عڪسن کي شاعريءَ ۾ سجايو اٿس.
    غيرن کي ڇڏي يار تون پنھنجن جي ڳالھ ڪر،
    ڪيئن ڪالھ ٿئي مُئا ٿر ۾، مورن جي ڳالھ ڪر.
    سنڌ جو فطرتي خوبصورتي رکندڙ خطو ٿر، جنھن کي موجوده حالتن ۾ ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آھي. ھتي تابش انھن اذيتون ڏيندڙ منظرن کي پنھنجي صنف ذريعي واضع ڪري ٻڌايو آھي تہ دنيا جي خوبصورت ترين پکي مور، جنھن کي خوبصورتي جي ڪري بھشتي پکي پڻ ڪوٺيو ويندو آھي. ان سھڻي پکي مور ۾ راڻي کيت بيماريءَ وگھي موت، مارئيءَ جي ملڪ ٿرَ مان سندن نسل ۾ تيزيءَ سان کوٽ جو اچڻ ۽ ڀٽن ڀڙن ۾ پري کان ٻڌڻ ۾ ايندڙ مورن جي ٽھوڪن جا آوازن جو تيزيءَ سان گھٽجڻ ۽ مورن جي ان بيماريءَ راڻي کيت لاءَ ڪي بہ خاص اپاءَ نہ وٺڻ جي ڳالھ ڪندي چوي ٿو تہ غيرن کي ڇڏي پنھنجن جي ڳالھ ڪر، جن اوکي مھل بہ ماروئڙن جي ملڪ جي سار نہ لڌي آھي.
    تڙپيا جي بکيا پيٽ ٻچا انگ اگھاڙي،
    ممتا جي انھي ويل تون جذبن جي ڳالھ ڪر.
    ڌرتي نہ ڌٻي ھئي نہ آسمان ٽُٽو،
    پوءَ ڪيئن سوين ٻار مئا تن جي ڳالھ ڪر.
    تابش بخاريءَ جي ھن غزل جي بندن ۾ تلخ حقيقت بيان ٿيل آھي. جنھن جون چٽيون تصويرون اسان ماضيءَ کان وٺي ھينئر تائين جي ٿر ۾ ڏسي سگھون ٿا. جٿ پيٽ جي بک، ٿري مائرن جون ٿڃون سُڪايون ۽ ڪيئن اُن غربت مٿان رقص ڪندڙ راڪاس ھزارين جندڙيون اجاڙڻ لئہ موت جا سانباھا ڪيا. ۽ ڪنھن ڪو آواز نہ اٿاريو؟ ۽ اگر ڪا ڪوڪ گونجي بہ تہ اُن جو پڙلاءُ صرف ديوارن ۾ بند پڙاڏو بنجي رھجي ويو.
    عورت جي تقدس جو سرِعام تماشو،
    دادو جي داداگيرن درندن جي ڳالھ ڪر.
    موجوده دور ۾ جٿي علم جي روشنائي دلين کي روشناس ڪيو آھي ۽ جھرجھنگ اونداھي ۾ ديپ ٻاري، جوت جلائي آھي تہ اُت ان جي مقابلي ۾ ڏٺو وڃي تہ ”انسان علم پڙھي اشراف بہ ناھي رھيو“.
    غزل جي ھن بند ۾ تابش دادو جي جنھن واقعي کي شاعراڻن لفظن ۾ واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھڙن ڪيترن ئي واقعن سان سنڌ ڀري پئي آھي. ٽي ويءَ جون خبرون ھجن يا صبح جي اخبار جون سرخيون، اھڙن واقعن سان ان ڪري بہ ڀريل ھونديون آھن ڇوجو اھڙا درندہ صفت ماڻھو، جن جو ڳاڻيٽو تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي. جن جون ابليس نگاھون، ديويءَ مثل عورت جي جسم کي مجروح ڪرڻ لاءَ سدائين تڪينديون رھن ٿيون. اسان جي مردانا سماج ۾ عورت جو وجود سدائين کان مرد جي اڪثريت ۾ ڪمزور رھيو آھي.
    ھي تابش جي طويل غزل جا چند اشعار ھيا جن ۾ حاليہ دور ۾ انسانيت سان درپيش آيل عبرتناڪ حقيقتون، لفظن جي صورت ۾ پاڻ ڳالھائيندي محسوس ٿيون.
    سندس شاعريءَ ۾ اٿاريل ڪيئي سوال پڻ آھن، جن جو جواب ڳولھڻ لاءَ اسان کي اڃان تمام گھڻو وقت لڳندو.
    پڇيم حاذق حڪيمن کان تہ آخر ڇا سبب آھي،
    دوائون بي اثر ڇو ھِن، شفائون موڪلائي ويون.
    تابش جي شاعريءَ ۾ سندس ئي مشاھداتي رنگ سمايل آھي. جنھن ۾ ھن حقيقت عڪس، پاڇن ۽ پاڇن ڪي ڇانوَ ۾ جيڪو ڪجھ ٿيندي ڏٺو، پرکيو ۽ پسيو تن منظرن کي رمز جو روپ ڏيندي گيتن سان گڏ ٻين ڪيترين ئي صنفن جا بند جوڙي ورتائين.
    سندس شاعري سونھن ۽ سادگيءَ جو سھڻو سنگم آھي، جنھن ۾ ڪيترائي سنگيت ٻڌي ۽ پڙھي سگھجن ٿا.

    محمد يعقوب ڏاھري.
    19 جولاءَ 20ع.
    آچر جي جھڙالي رات لکيل.
    ٽائيم: 03:22.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو