”ڊسمبر جي اڪيلائي - اڀياس“.......محمد يعقوب ڏاھري.

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سلسلو:”ڏات ڌڻي ڏيھ جا“
    تعارفي مضمون - 112.
    محمد يعقوب ڏاھري.
    ”ڊسمبر جي اڪيلائي - اڀياس“
    شاعري ڏات جي ڌارا آھي. شاعريءَ جي فن، فڪر ۽ گرامر کي سمجھڻ لاءَ ان جي پيمانن جي ڄاڻ ھجڻ لازمي آھي. حالاڪہ رڌم ۽ روانيءَ ۾ ترندڙ خيال بہ شاعري جي دائري ۾ اچن ٿا.
    شاعريءَ جي تاريخ، انقلابي آئيني ۾ پاڻ مڃرائي، نيون روايتون جوڙي، ان وقت جي قومن جا حال تبديل ڪري ڇڏيا. جن جو ثبوت ھينئر انھن قومن جي نسل در نسل ۾ شعور ۽ نظرياتي جو ھجڻ آھي.
    جيئن ميلا ملھائڻ ۽ پنھنجي زنده دل ڪردارن کي ڳائڻ آزاد قومن جي نشاني آھي. تيئن ئي ڏات جو نصب العين ڪساکيءَ جو ڏيک ڏيندڙ جڙت ۽ ان جي اثرانداز موافقت کان صاف شفاف ھوندو آھي.
    ڇوتہ واضع ۽ روشن ترين رستو حق ۽ سچائيءَ جو رستو آھي.
    بقول افلاطون جي: ”دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ نفرت سچ ڳالھائڻ واري سان ڪئي ويندي آھي“.
    شاعري اندر ۾ سمايل وسيع جھان جو خوبصورت نانءُ آھي، جنھن جي اُڀ ۾ اڏامندڙ ھيرا چڳندڙ ڪيئي ھنج ۽ سفيد مورن جي سندر رقص جھڙو فطرتي رنگ سمايل ھوندو آھي.
    بقول خليل جبران جي تہ: ”ننڍن ذھنن ۾ خواھشون ۽ وڏن ذھنن ۾ مقصد ھوندا آھن“.
    شاعريءَ ۾ تناسب ۽ لفاظي جوڙڻ جو ڏانءَ نہ صرف شاعريءَ کي وڪاءَ جي گھرائپ ۾ ڌڪي ٿو ڇڏي پر سندس رجزي بحرن کي اڃان بہ وڌيڪ ھموار ۽ ھموزن ۾ بيھارڻ جي سگھ ارپي وجھي ٿو.
    سنڌي شاعريءَ پنھنجي تاريخ ۾ ڪلاسيڪل دور کان ويندي اڄ تائين جو نہ صرف منفرد پر تعميراتي ۽ تڪميلي سفر پڻ ڪيو آھي، جيڪو ڀرپور اتساھ ڏياريندڙ آھي. جنھن ۾ سندس تڪميل نيون نيون معراجي چوٽيون پيما پڻ ڪيون آھن.
    شاعري ۾ شريعت روح جو ڪم ڪندي آھي ۽ جذبو، احساس ۽ ڪيفيت اُن شاعراڻي روح جي ڌڙڪن جيان ھوندا آھن. جيڪي ھر سُر ۾ پنھنجي تال ۽ ڌمال ڀريندا آھن.
    ھڪ شاعر ڪيفيتن جي عڪسن ۾ چٽيل ڪيئي خواب پنھنجي شاعراڻي انداز ۾ پروئيندو آھي. جن کي تعبيري روپ ارپڻ لئہ ھُو ذھني حساب سان ھميشہ تيار رھندو آھي.
    تخليقي عمل ڪڏھن بہ واپرايل يا جھونو تہ نہ ٿيندو آھي بلڪہ ان تخليقي اشعارن جي چوس، رس ۽ چسُ ۾ سدا نواڻ پئي بخشندي آھي.
    سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جو مقداري ڳاڻيٽو ۽ اُن جي مناسبت جي لحاظ کان تخليقي معيار جھجھو غيرمعياري ۽ ناقص صورت ۾ ايندو رھيو آھي. توڙي جو کڻي اِھو بہ سنڌي ادبي لائبريريءَ ۾ حاليہ واڌارو تہ آھي پر اِن ڇپائي مرحلي کان پھريائين انھيءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ۽ گھري نظرثاني جي اشد ضرورت ھئي.
    اھڙو غيرمعياري مواد 7-2006 واري ڏھاڪي ۾ گھڻو ئي بازارن جي رونق بڻيو.
    ھينئر لاڪ ڊائون جي ڏينھن ۾ جٿي سڄو ملڪ بلڪہ سڄي دنيا ان حالاتن سبب معاشي مونجھارن جو شڪار آھي ۽ ان مشڪل مان نڪرڻ جا حل ڳولھي رھي آھي. اُتي ان حالتن ۾ ھڪ تخليقڪار کي سٺو وقت اسٽڊيءَ ڪرڻ لاءَ ۽ سٺو موضوع ڪنھن تخليق لاءَ ملي ضرور ويو آھي.
    ھنن ڏينھن ۾ اسان جي پياري شاعر دوست بخشل باغيءَ جو ڪتاب ”ڊسمبر جي اڪيلائي“ نظر مان گذريو.
    ڪتاب جي ٽائيٽل کان بيڪ ٽائيٽل تائين، مون ھڪ شاعر ھئڻ جي ناتي سان وڏي غور ۽ فڪر سان پڙھيو آھي. ۽ محسوس ڪيم تہ اسان جو شاعر دوست بخشل باغي جيڪو ھڪ ادبي درياءَ جا ڏيک ڏيندڙ، اڃان پختگيءَ جي مرحلن مان ھوريان ھوريان گذري رھيو آھي. توڙي جو کڻي ھي سندس ڪتاب ٻہ چار سال پراڻو آھي پر مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ھن کي اڃان ڪافي تخليقاتي نظرن جو محور رھڻو ھو.
    توڙي جو ڏات ۽ ڏانءَ کي وقت جون وڇوٽيون ڪڏھن ميرو ڪري ڪين سگھنديون آھن. ڏات ڪيفيتن جي رمزن ۾ سرشار افلاڪي فڪر جو نانءُ آھي.
    اسان جي معاشري ۾ مون اڪثر اِھو ڏٺو آھي تہ ڪنھن ڪتاب تي لکڻ لاءَ ھڪ نقاد، تخليقڪار شعري خامين ۽ خوبين کي سائيڊ تي ڪري صرف آبت، سنگھاري يا ونگارو وارو ڪم وٺندا آھن. جيڪو ھڪ دقيانوسي ٽرينڊ شروع ٿي چڪو آھي، اصل ۾ اِھا شيءَ ائين ھئڻ نہ گھرجي.
    ڇوتہ ان شيءَ ۾ شاعر جي شاعراڻي صلاحيت مات کائي وڃي ٿي ۽ پوءَ ھُو واھ واھ جو عادي ٿي وڃي ٿو.
    شاعريءَ ۾ قافيي جي عام طور تي اها وصف پيش ڪئي ويندي آهي تہ ”ڪنهن شعر جي آخر ۾ اهڙن مختلف لفظن جو استعمال، جن جا آخري آواز پاڻ ۾ يڪسان هجن“. جيئن: سڏُ، گڏُ وغيره.
    لغوي لحاظ کان ”قافيو“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ان جو اشتقاق هيٺين ريت رکجي ٿو:
    قافيو (قَفَا/قفو = هن پيروي ڪئي) پٺيان هلڻ. علم بيان موجب ڪنهن شاعريءَ ۾ يا رديف کان اڳ ڪم ايندڙ، اهڙا هڪٻئي پٺيان ايندڙ مختلف لفظ، جيڪي پڇاڙيءَ جي آوازن ۾ هم آواز هجن. جيئن: رات، ڏات، تات، بات، لات، وات وغيره. قافيي جي آخر ۾ جيڪي اکر/ حرف بار بار ڪم ايندا آهن، تنهن کي شاعراڻي گرامر ۾ ”حرف روي“ سڏبو آهي. مثال طور، مٿين قافين ۾ ”ا ۽ ت“ حرف روي آهن.
    قافيي جون مختلف صورتون هيٺ ڏجن ٿيون:
    لفظ قافيي کي ٻن زاوين سان پسي سگهجي ٿو، هڪ: آواز ۽ ٻيو: اکر. هتي تمام مختصر ان جي معيار تي اشارو ڪري سگهجي ٿو.
    • قافيو، آواز [(سُر (Vowel) ۽ وينجن (Consonant)] جي روشنيءَ ۾:
    1- قافيا آخري سُر آواز ۾ هڪجهڙائي رکن.
    2- آخري وينجن آواز ساڳيا هجن.
    3- ماقبل آخر (Second Last) وينجن جو سُر بہ ساڳيو هجي.
    4- ممڪن هجي تہ ماقبل آخر (Second Last) وينجن بہ ساڳيو هجي.
    • قافيو، اکر ۽ اعراب جي روشنيءَ ۾:
    1- قافيي جي لفظن جي آخري اعراب (زبر، زير، پيش) ۽ حرف علت (مد، ”ي“ مجهول/ معروف ۽ ”و“ مجهول/ معروف) ساڳي هجي،
    2- قافيي جو آخري اکر/ حرف ساڳيو هجي، جنهن کي ”حرف روي“ بہ ڪوٺيندا آهن. عربي لفظ ”روي ۽ روا“ مان ورتل آهي، جيڪو لغت موجب ان رسيءَ کي چئبو آهي، جنهن سان اٺ تي سامان ٻڌو وڃي. حرف روي جا به قسم ٿين ٿا.
    3- اضافي طور، قافيي جو ماقبل (Second last) حرف روي بہ ساڳيو هجي.
    قافيو ۽ رديف شاعريءَ لاءِ اهم ترين ان ڪري بہ سمجهيا وڃن ٿا، ڇوجو انھن سان شعر ۾ جان ھوندي آھي.
    قافيي کي واضع طور سمجهڻ کانپوءِ هاڻي اسان جي شاعر دوست بخشل باغي جي شاعريءَ تي هڪ نظر رکنداسين.
    سندس ھڪ غزل جو مطلع ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
    هوا جي نہ هرگز ڪجان تون حَوالي،
    خطن جا هي ٽڪرا بہ رکجان سَنڀالي.
    هن سڄي غزل ۾ جيڪي قافيا ڪتب آندل آهن انهن تي هڪ نظر رکڻ ضروري آهي.
    اُجالي، والي، اَزالي، نالي، رِسالي.
    شاعريءَ کي قافيا اعرابن جي توجہ سان استعمال ڪيل جلا بخشين ٿا، پر ڏسجي تہ مذڪوره قافيا بلڪل ملندڙ جلندڙ آهن پر انهن ۾ اها سونهن ۽ سوڀيا نہ آهي، ڪو زبر تي، ڪو زير تي، ڪو پيش تي تہ ڪو قافيو فعلن ۾ ڪتب آندو ويو آهي. ليڪن غزل جا سڀ قافيا فعولن تي هجڻ گهرن ها. ڇوتہ سندس پورو غزل بہ فعولن وزن تي سيٽ ٿيل آهي. اچون ٿا ھاڻ خيال جي طرف جڏهن تہ سندس غزل جي مطلع ۾ نواڻ سان جھلڪندڙ ڪوبہ واضع منظر سھائي ڏيندي چمڪي ناھي رھيو. خطن جي ٽڪرن جو ھي هڪ روايتي خيال آهي، جيڪو ڪافي ڀيرا استعمال ٿي چڪو آهي.
    مونکي سائين راشد مورائيءَ جو هڪ ملندڙ جلندڙ اھڙو ئي بند ياد پيو اچي تہ:
    خط پڙهڻ کان اڳ ڪري پرزا، ڪيئين پڇتاءُ پوءِ،
    هاڻ پَٽ تان پيو ڪري ٿو، ذرن پرزن جي تلاش.
    سائين راشد مورائيءَ هن بند ۾ خيال جي ڇاتہ اُڇل ۽ ڇلانگ آهي. ڪويءَ ڪيڏي نہ ڪاريگري سان سٽن جو سٽاءُ سجايو آهي.
    مٿي مطلع ۾ جيڪو خط ڦاڙي ٽڪرا ڪرڻ، جلائڻ، اڇلائڻ يا هوا ۾ اڏارڻ. ان جو مقصد پرينءَ پار کان آيل پيغام کي سنڀالڻ آهي ئي ڪونہ. اُھو محبوبي خط جنھن کي سياري جي سرد راتين ۾ سيني سان لائي سمھبو آھي. جڏھن اھو اُن نينھن نياپي کي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ پوءَ اُن خط جي ڦاٽل ٽڪرن کي رکي ڇا ڪندو؟
    بخشل باغيءَ جي غزل جو مطلع ڪجھ هن طرح هجڻ گھرجي ها تہ وڌيڪ بهتر هو. ۽ پڙھندڙن جي اکين جي اُڃ بہ پوري ٿيندي محسوس ٿئي ھا.
    هٿو هٿ هوا جي ڪيان ٿو حوالي،
    خطن جا هي تحفا تہ رکجان سَنڀالي.
    ھن ۾ سندس ان مطلع جي مقابلي لفاظي لذت عاشقي، امانت ۽ وھنوار سان گڏ وزن بہ ساڳيو بيھندو.
    سندس ساڳي ئي غزل جو پهريون هڪ بند آهي تہ
    سدا منهنجي اوگهڙ کي اوندھ ڍڪيو آ،
    ڪيو منهنجي غربت کي ننگو اُجالي.
    سڀ کان پهريان هن بند ۾ خيال کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ اسان جي پياري دوست بخشل حيلو تہ خوب هلايو آهي پر اوترو پرڪشش خيال ڏسڻ ۾ نہ پيو اچي. اھو ان ڪري ڇوتہ اوندھي تنزلي، غلامي ۽ برباديءَ جي علامت آهي ۽ روشني، سوجهرو انقلاب، ترقيءَ، آزادي ۽ آباديءَ جي اھڃاڻ آهي. ھت ھن خيال ۾ سندس مفھوم اھو آھي تہ جيڪڏھن اوندھ اوگهڙ ڍڪي ٿي تہ سدائين اونده جي تاريڪي هجي ڇوتہ اها هن سندس نظر ۾ ڪارگر ۽ ڪارامتي آهي. پر ڇونہ اوندھ کي ختم ڪري سوجهري جو سهارو وٺي، هميشه لاءِ اهڙو لباس تلاش ڪجي جيڪو هڪ بدن کي نہ ليڪن سڀني اگهاڙن انگن جو ڍڪ بڻجي.
    مونکي استاد بخاريءَ جا ڪجھ چوسٽا ان حوالي سان ياد اچن ٿا. جيڪي ھت لکڻ جي وجہ صرف ھي آھي تہ استاد بخاريءَ ۽ بخشل جي ٻنھي خيالن ۾ ڪيڏو تضاد آھي.
    اُھو تضاد جيڪو تاريڪيءَ، گھگھ اوندھ ۽ ڦٽندڙ باک ۽ روشنيءَ جو آھي.
    رات آئي قبر ٿي،
    ڏينهن ڏي نظرون کڻان،
    ڏينهن آيو حشَر ٿي.
    يــا الاهـــي، الامـان!
    جهل جي اونداهہ کي،
    ڏينهن ٿي ڏسڻو پيو،
    ظـلم جي آڙاهہ کي،
    مينـهن ٿي مـلڻو پيو.
    ٻي ڳالھ تہ غربت ننگي ناھي ٿيندي. غربت زندگيءَ جي اُھا اسٽيج آھي ۽ اُھو فلسفو آھي. جٿان انسان پنھنجو پاڻ کي پاڻ سڃاڻي پرکيندو آھي. جتان سندس اندر جو آواز ڏات بنجي اُڀري ٻرندو آھي ۽ سدا لاءَ مچندو رھندو آھي.
    علم عروض جي دائراتي پرک ۾ بند جي ٻي سٽ کي ڏسبو تہ ننگو کي فعلن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا وزن سان پڻ ناجائزي آهي. ننگو لفظ فعو ۾ استعمال ٿيندو جيڪو ڪيترن ئي شاعرن پڻ استعمال ڪيو آهي. منهجي ذهن تي ننگو جو استعمال ۾ سنڌ جي خوبصورت شاعر فياض ڏاهريءَ جو غزل تري آيو آهي:
    سرمد ننگو نہ آهي پر ماڻهپو ننگو آ،
    ھر پارسا کي پاتل، لڱ جو لٽو ننگو آ.
    عُريان ڇو عمامي اندر بہ آهہ مّلان،
    ايمان جي اکين جو، هر اولڙو ننگو آ.
    سندس ڪتاب ۾ ڏنل شيخ اياز ڀيٽا ڪمال لڳي. جنھن لکڻ لئہ آڱرين کي حرڪت ۾ آندو. اُھي ٻہ بيت ھيٺ رکجن ٿا.
    رات بہ تنھنجيءَ قبر تي، آيو ڀٽائي،
    ڳائِي جنھن وائي، تنبوري جي تار تي.
    تنھنجو مرشد ڀٽ ڌڻي، منھنجو مرشد تون،
    ڇائون ٻنھي جون، رھنديون منھنجيءَ ڏات تي.
    ڏات مٿان ڇائون بنجي رھڻ جو استعارو نئون ۽ منفرد خيال آھي. جنھن کي پڙھندڙن جون بہ اکيون اگر ڪڏھن بہ پڙھنديون تہ ھر دفعي نئون تہ لڳندو پر دل بہ کيس ساراھيندي ضرور.
    ”ڊسمبر جي اڪيلائي“ ڪتاب جو ٽائيٽلاتي ۽ محوراتي غزل جو ھڪ بند. جنھن تي ٻہ اکر لکڻ مناسب لڳندو ڇوتہ ڪتاب جو نالو ھن غزل کان شايد متاثر ٿي رکيو ويو آھي.
    شفق جي نرتڪيءَ جا رات ڪپيا پير، وکري وئي،
    ستارن جي ٽُٽي پايل، ڊسمبر جي هوائن ۾.
    بحر هزج ۾ لکيل هن غزل جي بند جي سٽ ثاني يعني ٻي سٽ ۾ ستارن جي پايل. جڏهن هن ستارا جمع جي صيغي ۾ آهن ۽ پايل واحد جي صيغي ۾ هڪڙي پايل. ستارن جي مجموعي يعني گھڻن ستارن کي ڪيئن پارائي ٿي سگهجي؟
    ان ساڳي ئي غزل جو مقطع ھيٺ پيش آهي تہ:
    جڏهن ”باغيءَ“ جي لئہ تو دوار آٿت جا ڇڏيا ٻوٽي،
    اگهيا تنهائي آلا ڳل ڊسمبر جي هوائن ۾.
    ڪوشش ڪري شاعريءَ ۾ ترڪيبون، تشبيهون ۽ تمثيلي نيون بخشجن، ھت اھڙي ڪا شيءَ واضع نہ پئي ملي ۽ شاعريءَ ۾ چٽسالي بخشڻ لئہ اڻ ڇھيل خيال کڻجن، جيڪي شاعريءَ کي افقي دوامي بخشين.
    مقطع ۾ سٽ: ”دوار آٿت جا ٻوٽي“ گٺل منظر بيٺل پيا نظر اچن.
    دوست بخشل جي ھن مقطع ۾ شاعراڻيت ڪين آھي ۽ شاعريءَ جي شريعت ۽ ھئيت کان ڏور اوجھل آھي.
    لفظ ”دوار“ سان جڙاءُ ڏيندڙ شيخ اياز جو ھڪ غزل ياد جي نديءَ تي تري آيو آھي. جنھن ۾ شريعت ۽ ھئيت جي چاندني ڪيتري روشناس آھي.
    سخي پيا کي ملين تہ چئجانءِ تہ چاندني تو سواءِ نہ ٿيندي،
    اچين تہ منهنجي اُماس ۾ آ ڇوتہ ٻي رات ڪانہ ٿيندي.
    ڪڏهن بہ تو تي ”دوار دل“ جا نہ ٻوٽبا تون ڀلي هلي آءُ،
    ٻہ لڙڪ آلا تڏهن بہ هوندا متان چوين آجيان نہ ٿيندي.
    اصل ڳالھ ھي آھي تہ ھڪ شاعر جو فني فڪر ۽ ان جي اشعاري رمز جيتري روان ۽ ڀرپور ھوندي اوترو ئي پڙھندڙن جي دل تي سحر طاري ڪندي ۽ ٻي ڳالھ تہ رڳو لفظن جي پورائي بہ صرف خالي جڳھ والارڻ کان سواءَ باقي ڪجھ نہ رھندي.
    بخشل باغيءَ جا سندر ۽ من موھيندڙ خيال جيڪي رنگن جي ڪئنواس تي چٽيل آھن، سي ڪيفيت ۽ منظرنگاريءَ سُٺا لڳن ٿا پر ڪٿ ڪٿ سندن علم عروض جي دائري ۾ منجھائيندڙ بي ترتيبي ۽ اَڻ پورائيت طور منجھائي ٿي.
    جيئن سندس ھڪ غزل جو مقطع ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
    سپنن ۾ رهندي رهندي ساڀيان کان دور ٿي ويو،
    باغي بہ خوابن جو ڪردار ٿي ويو آ.
    مفعول فاعلاتن تي سرجيل هي ڀلوڙ تخليق، سندر غزل جيڪو وزن بحر ۾ ڪافي جاين تي کٽل، غيراثراتي ۽ عام رواجي لڳو. مون صرف مطلع ۽ مقطع جي نشاندهي ڪئي آهي.
    باغي بہ/مفعول
    خُوابن جو ڪر/ فاعلاتن
    *دار/ فاع
    ٿي ويو آ/ فاعلاتن.
    سندس ھن غزل جي سٽ ڪجھ هن طرح هجي ها تہ وزن ۾ پورائي ۽ مڪمل فٽ ڏيکاري ھا:
    ”باغي بہ خوابن جو ڪو ڪردار ٿي ويو آ“.
    بخشل باغيءَ جي ھڪ وائي، جنھن ۾ احساس رواني ۽ ڪماليت رکندڙ لڳا پر سندس وراڻي بہ پوري طرح رمز ۾ ترندڙ لڳي.
    ڪيڏي اونداھي،
    پوءَ بہ رڙھن راھي،
    سُھائيءَ جي سارَ ۾.
    وائي جي ھنن لفظن ۾ لڪل مون کي منھنجي لکيل ڪھاڻي ”جوڳي“ ياد اچي وئي، جنھن ۾ سامي ان زھريلي نانگ جي تلاش ۾ نڪرندو آھي، جنھن جي خطرناڪ زھر ۾ سندس دوست جي علاج جو ڏسُ مليل ھوندو آھي.
    رکيئون نيڻن تي چُمي،
    فرضن لئہ ڦاھي،
    سُھائيءَ جي سارَ ۾.
    مان نہ اڪيلو آھيان،
    مون سان الاھي،
    سُھائيءَ جي سارَ ۾.
    انقلابي آوازن جا راھي، جن جي جيون جو انت دارَ جي چوڪَٺ تان پنھنجن سڄڻن کان موڪلائڻ واري سانوري شام ۾، ھميشہ لئہ قوم جي نسلن ۾ آزاديءَ جي سھائي روشناس ڪرائڻ جھڙو محبوب منظر.
    ھن وائي جو اڳيون بند، جنھن جي قافيائي ھيٺين سٽ تجنيس حرفيءَ ۾ لکيل آھي پر اگر غور فڪر ۾ ڏسبو تہ مٿين بندن جي طرز ۽ انقلابي فڪر ٽوڙيندڙ ٿي لڳي. ۽ وراڻيءَ جو اثر بہ ڇُٽندڙ ٿو لڳي.
    ڪيڏي اونھي ٿي پئي،
    خوابن جي کاھي،
    سُھائيءَ جي سارَ ۾.
    بخشل باغي شاعريءَ جي پيچرن تي ڪو نئون نانءُ ناھي پر ھُو پراڻو ۽ انمول نانءُ آھي. سندس تخليقي بيداري ڪيترين ئي ڪيفيتن، وارداتن، مشاھدن ۽ قومي نظرياتي پھلوئن سان سلھاڙيل آھي. سندس ڏات جو پنڇي اُڀ تي اڃان اڏامندڙ منزل جو متلاشي آھي.
    ”ڊسمبر جي اڪيلائيءَ“ تخيل ۾ کڻي جو ڪجھ شاعراڻو رچاءُ آھي پر سندس فڪر کي ڏسجي ٿو تہ پاڻ اِن مجموعي ۾ تمام گھٽ تخيلاتي، فني توڙي فڪري معراج ماڻي سگھيو آھي. اڃان کيس شاعريءَ ڪٺن دڳن جو سفر ڪرڻو آھي. اڃان ڪي نيون شيون ڳولھي ڳنڍي نوان خيال ۽ احساس ارپڻا آھن.
    لڳي ائين ٿو تہ سندس ڪتاب ڊسمبر جي اڪيلائيءَ ۾ دوستن بيدل مسرور ۽ زاھد راڄپر پڙھڻ بنا دلپسند رايا تحرير ڪيا آھن يا پڙھي ڪري ڄاڻي واڻي اک ٻُوٽ ڪري بادامي ۽ ڪشمشي لفظ جي ڀرمار ڪئي وئي آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل نظمن ۾ ڏات اجري آرسي آ، امن جي نالي، رڌاليءَ ۾ نواڻ، شعراڻيت ۽ منفرد رس ۽ چس لڳي.
    ٻي ڳالھ تہ ڪتاب جي مھاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل کي ڏسي ۽ پڙھي ائين لڳي ٿوتہ ڄڻ اسان جي دوست بخشل باغيءَ، گيت جي جڳ مشھور شاعر سائين پروفيسر سروپچندر شاد جي ٻارنھن ڪتابن جا مھاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل ڏسي اِھا روايت اُتان کنئين ھُجي. جيئن سائين سروپچندر شاد پنھنجن سڀني ڪتابن جا مھاڳ ۽ بيڪ ٽائيل پاڻ لکيا آھن.
    حالاڪہ جو بخشل ھيءَ ھڪ نئين روايت ڪاپيءَ طور کڻي آيو آھي پر گھڻو اڳ ۾ اھا شيءَ سنڌي ادب ۾ سائين سروپچندر شاد پنھنجي پھرين ڪتاب ”مٽيءَ جي مھڪ“ کان آخري ڪتاب ”ڪيئن جاڳيو ٿيو“ ۾ رائج ڪري چڪو آھي.
    بطور جڏھن بہ ڪنھن نقاد يا تخليقڪار جي لکڻ وقت اھا ڪوشش ھوندي آھي تہ ھُو شاعري جي سڀني پاسن تي ايماندارانا ۽ ديانتدارانا راءَ ڏي ۽ لفظن ۾ انگھڙيل مجروحي کي واضع ڪري. اگر بخشيل باغيءَ وٽ شاعراڻو تنقيدي شعور ھوندو تہ پاڻ شاعريءَ تي لکيل راين جي لفاظيءَ کي ڄاڻي ويندو نہ تہ پوءَ منھنجو ھي ليک کيس وڏي ادبي دشمني باسيندو. ھُونءَ بہ بنيادي طرح ھر انسان کي پنھنجي اظھار راءَ جو پورو پورو حق حاصل آھي پوءَ ڀلي کڻي ڪير مڃي نہ مڃي.
    سندس ڪتاب ڊسمبر جي اڪيلائي جو نانءُ وڻندڙ ۽ اعلي شاندار ڏيک ڏنو ويو آھي. جنھن جي ٽائيٽل تي پَن ڇَڻ جي سُڪل وڻ جي ھٿرادو (آرٽيفيشل) پينٽنگ (بھارن جي آمد) طور ڏنو ويو آھي، جيڪو ڪنھن حد تائين مقروضي حالت ۾ مفرح ڏيندڙ ٿو لڳي، اِھو منھنجو خيال آھي.
    شاعريءَ جو رقبہ پکيڙ فن تي آڌاريل ھئڻ گھرجي ڇوتہ ان جو انداز بيان گھڻن طرفن جي موسيقيت ڏانھن رجوع ڪرائيندڙ لڳندو.
    بخشل باغيءَ جي جڏھن ھڪ ٻي غزل جي مطلع ۾ قافيائي لوازمات ڏسجن ٿا تہ يا تہ ھو آوازي ۽ ناقص لڳن ٿا. ان سان شاعري جو زائلي پڻو اڪثريت طرف رجحان ڏيندڙ لڳي ٿو.
    بند ھيٺ لکجي ٿو:
    ڪنهن جي خوابن جي کلي پئي ڳَنڍُ ٿي،
    پنک نيڻن تي پکيڙي نِنڊَ ٿي.
    بحر رمل ۾ لکيل هيءَ تخليق کي فڪر جي گھرائيءَ ۾ ڏسجي تہ مطلع جي ٻنهي سٽن جو پاڻ ۾ ڪوبہ ربط ناهي ڪمزور قافيا استعمال ڪيا ويا آهن. ننڊَ تي زبر ۽ ڳنڍُ تي پيش ۽ حرف رويءَ کي ڌيان ۾ رکجي ها تہ سٺو هو.ليڪن پورو غزل ئي قافين خيال جي لحاظ کان ڪمزور آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ويا ڪرڻ جون بہ ڪميون پيشيون پڻ آهن. لفظ پنک جي معنيٰ لغت ۾ هن طرح آهي:
    پَنکُ جمع پَنکَ
    ذ. [پرا. پَڪکو؛ سن. پَڪش] پکُ کَنڀ. پَنُ. (صفت) پِنگلو ، جڏو.
    پنک نيڻن تي ننڊ ڪيئن ٿي پکيڙي؟
    مقصد ٿورو مجروح ۽ زائلي معلوم پيو ٿئي.
    هتي جوڙجڪ ۽ بناوٽي لحاظ کان هن سٽ کي ھيئن ڪري بيان ڪجي ھا تہ پهريان ننڊ جو ذڪر اچڻ گھرجي ھا ۽ بعد ۾ خوابن جي ڳالھ ڪجي ھا ڇاڪاڻ تہ ننڊ اول ايندي آهي پوءِ خواب لڀبا آھن.
    پياري بخشل باغيءَ کي ھي مٿيون بند ڪجھ ھن طرح لکڻ گھرجي ھاتہ بھتر لڳي ھا:
    نِنڊَ جو حاصل وَڃي ٿو وَنڍُ ٿي،
    پو تہ خوابن جي کلي پئي ڳَنڍُ ٿي.
    ڪتاب ڊسمبر جي اڪيلائيءَ ۾ موجود ھڪ غزل جو مطلع آهي تہ:
    برف جو بتيلو سڄو سمنڊ شعلا،
    اچان پيو اڪاريندو لهرن مان تولا.
    جڏھن تہ علم عروض مطابق برف فاع آهي، هتي فعو ۾ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اڳ ۾ ڪيترن ئي شاعرن شاعرن فاع ۾ لکيو آهي. جنهن جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    بَرفَ احساس ٿيا، لاشُ انسان ٿيو،
    شهرَ جو شهر جوهر ۾ شمشان ٿيو.
    (آغا سجاد زائر).
    برف کولي بدن ناچڻي ٿي نچي،
    باھ سارو صحن ناچڻي ٿي نچي.
    (حبيب متو).
    رات ڀاڪر ۾ ڀريو مون برف جھڙو ھو بدن،
    ڄڻ وسي پيو ٿر مٿان ڪو بادلن وارو گگن.
    (امتياز علي امتياز ٻلال).
    برف وانگي جسم هي، ڳَري پيو اڃا،
    آ وري ساھ منهنجو، وَري پيو اڃا.
    (احساس ميرل).
    سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي تڪميلي پکيڙ واري ڪم ۾ بخشل باغيءَ جي ڪم کي ڪيربہ نظر انداز نہ ٿو ڪري سگھي. سندس ڏات جو پاڇو انتھائي پکيڙ رکندڙ آھي.
    سندس قلم جي پاٻھ، نفاست ۽ نزاڪت الاھي منفرد ۽ اعلي آھي. جنھن پڙھڻ کان پوءَ ڪوبہ نئون لکندڙ تخليقڪار ڪيئي خيال جوڙي سگھي ٿو.

    محمد يعقوب ڏاھري.
    محبتن جي موٽ ۾ لکيل،
    ٽائيم:
    منجھند جو 03:55
    منٽن تي لکي پورو ڪيل.
    13 جولاءَ 20ع.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو