• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيت 2 سر ڪلياڻ داستان پهريون... بيت جي پڙهڻي تقابلي مطالعو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
شاھ جي بيتن جي پڙھڻي
تقابلي مطالعو
سر ڪلياڻ داستان پھريون بيت 2 ترتيب گربخشاڻي مطابق

گنج شريف جديد سنڌي صورتخطي مطابق
وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جان ٿو چئين ايّ
تا مڃ مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، نرتون منجھان نيه،
تا تون وڃئو ڪيّ نايين سِرُ ٻئن کي
----------------------------
ٽرمپ
وَحده لاشَريڪَ لَه، جان ٿو چئين ايّ
سو مڃ مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، نرتون منجھان نيه،
تان تون وڃئو ڪيّ نايين ڪنڌ ٻئن کي

گنج شريف ۾ موجود بيت ء ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ موجود ھن ساڳي بيت ۾ ٻن لفظن جو فرق آهي
سٽ 2
سو- ٽرمپ وارو رسالو
تا- گنج شريف
سٽ 3
ڪنڌ- ٽرمپ وارو رسالو
سِرُ- گنج شريف
-----------------------------
گربخشاڻي
وَحده لاشَريڪَ لَه، جان ٿو چئين ايّ
تان مڃ مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، نرتون منجھان نيه،
تان تون وڃئو ڪيّ نايين سِرُ ٻئن کي
-----------------------------
بلوچ
وَحده لاشَريڪَ لَه، جان ٿو چئين ايئن
تان مڃ مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، نرتون منجھان نيهن،
تان تون وڃئو ڪيئن, نائين سر ٻئن کي
-----------------------------
ڪلياڻ آڏواڻي
وَحده لاشَريڪَ لَه، جان ٿو چئين ايئن
تان مڃ مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، نرتون منجھان نينهن،
تان تون وڃيو ڪيئن نائين سر ٻِيَنِ کي

-----------------------
ٻانھون خان شيخ

وَحده لاشَريڪَ لَه، جان ٿو چئين ايئن
تان مڃ مُحَم‍ّ‍د ڪارَڻي، نرتو منجھان نينهن،
تان تون وڃئو ڪيئن نائيين سر ٻِئنِ کي
-----------------------
بيت ۾ لفظن جون صورتون
----------
ايّ- گنج جديد صورتختي- گربخشاڻي
ايئن- بلوچ صاحب، ڪلياڻ آڏواڻي- ٻانھون خان

نيه- گنج جديد صورتختي- گربخشاڻي
نيھن- بلوچ صاحب
نينھن- ڪلياڻ آڏواڻي- ٻانھون خان

ڪيّ- گنج شريف جديد صورتختي-گربخشاڻي
ڪيئن- بلوچ صاحب- ڪلياڻ آڏواڻي- ٻانھون خان

وڃئو-
وڃيو- ڪلياڻ آڏواڻي

نايين- گربخشاڻي
نائين- بلوچ صاحب- ڪلياڻ
نائيين- ٻانھون خان شيخ

ٻئن-
ٻين- ڪلياڻ آڏواڻي
----------------------------
مطالعو، ترتيب، تحرير- صراط بلوچ`
 
Back
Top