محبوبه ڏانهن خط پياري ! مون کي تنهنجي جذبن جو احساس آهي . تنهنجي لاء درياء جيڏي دل به آھي ، پر تنهنجي دوري مون کي سگھ عطا ڪئي آهي. هڪ شعوري سگھ ، جيڪا ماڻھو کي نوان دڳ ، نوان خيال ۽ نئون عشق عطا ڪندي آھي . آئون به انهي سگھ جي ندي مان جڏهن ڍڪ ڀريو ته ان جو ذائقو مون کي مٽي جي خوشبو جهڙو لڳو. ۽ مٽي جي ان خوشبو منهنجي شعور ۽ لاشعور کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ورتو آھي . جڏهن آئون ذاتي مسئلن کي نظرانداز ڪندو آھيان ته سوين سوال ٿيندا آھن ته تون ڪهڙي مٽي جو ٺھيل آھين ۽ آئون هر ڀيري اهو چئي ڏيندو آھيان آئون مٽي جي ان جذيري مان پيدا ٿيو آھيان جتان روپلي ، هوشو ، هيمون ڀڳت سنگھ ، چندر شيکر ۽ ٻين سورمن جنم ورتو آھي ، وڌيڪ ته: دنيا ۾ چريو (سادو) رهي ئي زندگي پرسقون بڻائي سگهجي ٿي ۽ سياڻا (مفاد پرست) ته سدائين ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل رهندا آھن ، سنجها آئون نفعو نقصان چڱي طرح ڄاڻان ٿو پر هي وقت ذاتي مسئلن ۾ جڪڙجڻ جو ناهي ! تون سوچيندي هوندين ته آئون پٿر دل آھيان ۽ تنهنجي محبت کي ٺڪرائي رهيو آھيان پر اهو ته نا ممڪن آھي . ڇا ڪو ماڻھو پنهنجي تخليقڪار کي وساري يا ڇڏي سگهي ٿو ؟ سچ پڇين ته تون ئي منهنجي شعور جي تخلقيڪار آھين . مجازي عشق ئي حقيقي عشق ڏانهن کنيل هڪ قدم هوندو آھي . شاه سائين به عورت جي مجازي عشق مان ئي حقيقي عشق جو گس ڳولي لڌو هو . پياري جڏهن به مايوسي منهنجي سوچن مان جنم وٺڻ چاهيندي آھي، آئون يڪدم اکيو بند ڪري وٺندو آھيان ، اکين جي پنبڙين پٺيان لڪل وشال انڌيرو مون کي تنهنجي محبت جي گهاٽي ڇانو تائين پهچائيندو آھي ! جتي مايوسي جنم وٺڻ کان پهريان ئي قتل ٿي ويندي آھي ! اهو تنهنجي محبت جو ئي معجزو آھي . مون کي يقين آھي ته تون منهنجو ۾ اکين جي پنبڙين پٺيان لڪيل سوچن جي گهري انڌيري ۾ ئي رهندي آھين ۽ مون توکي اتي هميشه ڌرتي لاء روئيندي ۽ شاه جا بيت ڳائيندي ڏٺو آھي . پياري مان چاهيان ٿو ته تنهنجا سنڌو جي پوتر پاڻي جهڙا لڙڪ پي وٺان ۽ شاه جي بيتن کي عملي جامو پارائي ڌرتي کي آٿت ڏيان . اگر مٽي سان محبت جي عشق ۾ ماريو وڃان ته منهنجي قبر تي اچي اهو وچن ڪجان ته:_ تنهنجي عشق کي زندگي ارپيان ٿي ۽ تنهنجي جدوجهد منهنجي وجود مان ڪنڌ کڻي ساه جي آخري ڦتڪي تائين مزاحمت ڪندي ! ______عرفان لطيفي_____