“غزل” تَتَلَ ھَا لِڱَ واريءَ جا لَٿَو پَئَي سِجُ سَانجِهيءَ جَو!.... ساجد سومرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    غزل
    تَتَلَ ھَا لِڱَ واريءَ جا لَٿَو پَئَي سِجُ سَانجِهيءَ جَو!
    بُکيا ھا ٻارَ ھاريءَ جا لَٿو پَئَي سِجُ سَانجهيءَ جو!
    ڪَپھَ جو پُورُ ھَو باقي - سَوايو سُورُ ھَو باقي:
    ھُئا ڀُڻڪا پَڃاريءَ جا لَٿو پَئَي سجُ سانجهيءَ جو!
    هَٿن ۾ ھُون لِڦُون ڪيئي مَٿن تي ھُون ڇِپُون ڪيئي؛
    ھُئا کڙڪا تغاريءَ جا لَٿو پَئَي سِجُ سَانجهيءَ جو!
    لَڏَي اُلھاس هَو ويو جو ؛ رُنو ھَو سِنڌُ سارَي سَو؛
    ھُيا ڄڻ وَڍَ آريءَ جا لٿو پَئَي سِجُ سانجهيءَ جو!
    لَڙِي هُئي شامَ ڪابُل جِي جڏھن سنگسار ٿِي ڪارِي؛
    پُڳا ھا ڏينهَن نارِيءَ جا لٿو پَئَي سِجُ سانجهيء جو!
    ڪُلهي تي نِينگرِي وَيٺي ؛ تَماشا شهرَ جا پرکيا؛
    ھُيا جادو مَداريءَ جا لٿو پَئَي سِجُ سانجهيءَ جو!
    سکر جو ساڌُ ٻيلو ھَو ؛ اُجهاڻل مان به هُس ڏاڍو؛
    ٻَريا ڏِيئا ڏِياريءَ جا لٿو پَئَي سِجُ سانجهيء جو!
    لٿو الهامُ ھَو مون وٽ ؛ ڇُليو ڪو جامُ ھَو مون وٽ
    نَشا ھَا ڪالھَ زارِيءَ جا لَٿَو پَئَي سِجُ سَانجهيءَ جو!
    پروفيسرساجدسومرو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو