غزل مان اُڃَ مَران ٿو پيو ، ڪاڇَي مان ڪڍو مونکي! ڪا حُورَ نه گهرجي ٿي ، جَهانسَي مان ڪڍو مونکي! مَيهارَ جي سُهڻي مان؛ مَجهدارَ ۾ وِيندَسِ مان؛ ڪا ڪينَ ڪنڌي گُهرجي ، پاسَي مان ڪڍو مونکي! ڪٿ منهنجو ذَهنُ آهي؟ ڪٿ منهنجو صَحنُ آهي؟ مان پاڻَ ڪٿي آهيان؟ پاڇَي مان ڪڍو مونکي! ڪا چُرپُر ڏيو مونکي ؛ ڪا هُرکُر ڏيو مونکي؛ هي رُوحُ اداس آهي ؛ لاشَي مان ڪڍو مونکي! منهنجو ڳوٺ هوائن ۾ وڻ وڻ گهر منهنجو؛ مان خوشبو خوشبو هان پاٺَي مان ڪڍو مونکي! منصورَ جي سُولي مان؛ مخدومَ جو' گهاڻو مان؛ ڏئي موتَ جي واڌائي گهاٽَي مان ڪڍو مونکي! ڪا تورَ نه ٿيندي آ - هي عشقُ اُتم آهي! مان مَوٽَ مَڻن جي ڪا ؛ ماسَي مان ڪڍو مونکي! مان نِينڍَ ازلَ جِي ھان مان سِينڍَ ابدَ جِي هان؛ مان چُلھ ڊسمبرَ جي ڪانبَي مان ڪڍو مونکي! پروفيسرساجدسومرو