صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
وَسَي ٿو وڏَ - ڦُڙو ٿَرَ تي ؛ ڇُلِي پيو ڇَاڇرو آهي!
مَگن آ مُندَ سانوَڻ جِي ؛ وَڄت ۾ ڌاڌرو آهي!
مِٺِي جي شامَ سارَي ٿي ؛ بَڊَي جي رات مارَي ٿي؛
سڏَي ٿي لاڙَ جي موسم ؛ اکين ۾ ساڪرو آهي!
هندورو آھ ڪينجهر اڄ لڏي ٿو لاڙ ئي سارو؛
جُهمر جهمپيرَ جي آهي ٺٽو ڄڻ گهاگهرو آهي!
ڪبيرڻ يا هجي رُومي؛ ڏنو ڪردار ناهي ڪنهن؛
رسالي شاھَ جي آندو سَمون ۽ جاکرو آهي!
اتر خلجي جي پاڙي ۾ ڏکڻ دودي جي پاڙي ۾؛
اترَ آونگَ ڪٿي چاڙهيا اتر ۾ ٻاڪرو آهي!
ڏنو جو پيار تو مونکي ڏنو جو هار تو مونکي؛
فنا جي زندگاني لئه الاهي ساترو آهي!
پروفيسرساجدسومرو