بيت 3 سر ڪلياڻ داستان پهريون..بيت جي پڙهڻي تقابلي مطالعو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شاھ جي بيتن جي پڙھڻي تقابلي مطالعو
    سر ڪلياڻ داستان 1 بيت 3 ترتيب گربخشاڻي مطابق

    گنج-گربخشاڻي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جڏِه چيو جَنِ
    تن مڃئو محمد ڪارڻي، ھيجا ساڻ ھِيَنِ
    تڏہ منجھا تن اوتڙ ڪونہ اولِئو

    ٻانھون خان
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جڏهين چيو جَنِ
    تن مڃئو محمد ڪارڻي، ھيجا ساڻ ھِنيَنِ
    تڏھين منجھا تن اوتڙ ڪونہ اولِئو

    بلوچ ٽي قلمي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جڏهن چيو جَنِ
    تن مڃئو محمد ڪارڻي، ھيجان ساڻ ھِنئنِ
    تڏھن منجھان تن اوتڙ ڪونہ اولِئو

    شاھواڻي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جڏهن چيو جَنِ
    تن مڃئو محمد ڪارڻي، ھيجاہ ساڻ ھِينِ
    تڏہ منجھا تن اوتڙ ڪونہ اولِئو

    ڪلياڻ آڏواڻي
    وَحدهُ لاشَريڪَ لَهُ، جڏهن چيو جَنِ
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، ھيجان ساڻ ھِنينِ
    تڏھن منجھان تن اوتڙ ڪونہ اولِيو

    بيت ۾ لفظن جون صورتون
    1
    جڏه- گنج، گربخشاڻي
    جڏھن- بلوچ، شاھواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي
    جڏھين- ٻانھون خان
    2
    ھيجا- گنج، گربخشاڻي، ٻانھون خان
    ھيجان- بلوچ، ڪلياڻ
    ھيجاہ- شاھواڻي
    3
    ھين- گنج، گربخشاڻي، شاھواڻي
    ھنين- ٻانھون خان، ڪلياڻ آڏواڻي
    ھنين- بلوچ
    4
    تڏہ- گنج، گربخشاڻي، شاھواڻي
    تڏھن- ڪلياڻ، بلوچ
    تڏھين- ٻانھون خان
    5
    منجھا- گنج، گربخشاڻي، شاھواڻي-ٻانھون خان
    منجھان- ڪلياڻ آڏواڻي، بلوچ
    ڪونہ-
    ڪنھن نہ- ٽرمپ

    **جڏہ لفظ جي جديد موجوده صورت جڏھن آھي ان ئي لفظ جي ٽيئن صورت ٻانھون خان صاحب جڏھين آندي آهي، جنھن بعد مختلف ترتيب ڏنل رسالن اڌار ھن لفظ جون ٽي صورتون بيھن ٿيون
    جڏہ-جڏھن-جڏھين

    **تڏہ لفظ جي جديد موجوده صورت تڏھن آھي ان ئي لفظ جي ٽيئن صورت ٻانھون خان صاحب تڏھين آندي آهي.
    جنھن بعد مختلف ترتيب ڏنل رسالن اڌار ھن لفظ جون ٽي صورتون بيھن ٿيون
    تڏه- تڏھن- تڏھين

    **ھيجا لفظ جي جديد موجوده صورت ھيجان آھي ان کان علاوه شاھواڻي صاحب ھن لفظ کي ھيجاہ لکيو آهي
    جنھن بعد مختلف ترتيب ڏنل رسالن اڌار ھن لفظ جون ٽي صورتون بيھن ٿيون
    ھيجا- ھيجان- ھيجاہ

    **منجھا لفظ جي جديد موجوده صورت منجھان آھي

    **ھنئن لفظ جي جديد موجوده صورت ھنين آھي ان کان علاوه شاھواڻي صاحب ھن لفظ کي ھين لکيو آهي
    جنھن بعد رسالي ۾ ھن لفظ جون ٽي صورتون بيھن ٿيون
    ھنئن-ھنين-ھين

    *بيت اندر بدليل لفظ*
    ڪونہ لفظ کي ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ ڪنھن نہ لکيو ويو آهي

    تحقيق، ترتيب، تحرير صراط بلوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو