#4..بيت 5 داستان پهريون سر ڪلياڻ... بيت جي پڙهڻي تقابلي مطالعو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير#4
    شاھ جي بيتن جي پڙھڻي تقابلي مطالعو
    سر ڪلياڻ داستان پھريون
    تحقيق، ترتيب، تحرير صراط بلوچ

    گنج
    اوَتَڙ ڪه نه اوليا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿئا، اَحَدَ سان عالِم،
    بي بها بعلِمَ، آڳي ڪئا اَڳهين.

    گربخشاڻي
    اوَتَڙ ڪه نه اولئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿئا، اَحَدَ سين عالِم،
    بي بها بالِمَ، آگي ڪئا اَڳهم.

    شاھواڻي
    اوَتَڙ ڪه نه اولئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿئا، اَحَدَ سين عالِم،
    بي بها بالِمَ، آڳي ڪئا اَڳهم.

    بلوچ ٽي قلمي
    اوَتَڙ ڪنه نه اولئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿئا، اَحَدَ سين عالِم،
    بي بها بالِمَ، آگي ڪئا اَڳهين.

    بلوچ 10 جلد
    اوَتَڙ ڪنه نه اولئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
    هيڪان ئي هيڪُ ٿئا، اَحَدَ سين عالِم،
    بي بها بالِمَ، آگي ڪئا اَڳهين.

    ڪلياڻ آڏواڻي
    اوَتَڙ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِم،
    بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اَڳهين.

    ٻانھون خان شيخ
    اوَتَڙ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
    هيڪائي هيڪُ ٿئا، اَحَدَ سان عالِم،
    بي بها بعلِمَ، آگي ڪئا اَڳهين.

    *بیت ۾ لفظن جون صورتون*
    1
    ڪه-پراڻي صورت
    ڪنه- بلوچ صاحب لکيو
    ڪنھن- موجوده صورت ڪلياڻ آڏواڻي، ٻانھون خان
    2
    اولئا- پراڻي صورت
    اوليا- موجوده صورت ڪلياڻ آڏواڻي
    3
    وئا- پراڻي صورت
    ويا- موجوده صورت ڪلياڻ آڏواڻي
    4
    ھيڪائي- ٻين سڀني
    ھيڪان ئي - بلوچ صاحب جامع
    5
    ٿئا- پراڻي صورت
    ٿيا- جديد صورت ڪلياڻ
    6
    سان- گنج، ٻانھون خان
    سين- ٻين سڀني
    7
    بالم- ٻين سڀني
    بعلم- گنج، ٻانھون شيخ
    8
    آڳي- شاھواڻي، گنج
    آگي- ٻين سڀني
    9
    ڪئا- پراڻي صورت ٻين سڀني
    ڪيا- موجودہ صورت ڪلياڻ آڏواڻي
    10
    اڳھم- گربخشاڻي، شاھواڻي
    اڳھين- ٻين سڀني

    نتيجو
    بيت ۾ پنج لفظ اھڙا آھن جنھن کي پراڻي ء موجوده صورتخطي ۾ لکيو ويو آهي

    1
    ڪه-ڪنه-ڪنھن
    2
    اولئا-اوليا
    3
    وئا-ويا-
    4
    ٿئا-ٿيا
    5
    ڪئا-ڪيا

    پنج لفظ اھڙا آھن جنھن جي لکت ۾ ڪجھ تبديلي آھي
    1
    ھيڪائي-
    ھيڪان ئي - بلوچ صاحب جامع
    2
    سان- گنج
    سين
    3
    بالم
    بعلم-گنج، ٻانھون شيخ
    4
    آڳي- گنج، شاھواڻي
    آگي
    5
    اڳھم- گربخشاڻي، شاھواڻي
    اڳھين

    انھن جي صورتخطي جي تبديلي سان بيت جي معني ته ڪوبه اثر نه ٿو پوي ڇو ته معني ساڳي آھي
    مطالعي ۾ شامل رسالا
    1-گنج شريف
    2- ڊاڪٽر گربخشاڻي
    3- بلوچ صاحب ٽي قلمي
    4-بلوچ صاحب 10 جلد
    5- شاھواڻي صاحب
    6- ڪلياڻ آڏواڻي
    7- ٻانھون خان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو