شاهواڻي ٽالپرن جو وڏو - مير شاهو خان ٽالپر ...... اعظم ڀٽي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شاهواڻي ٽالپرن جو وڏو - مير شاهو خان ٽالپر
    تحرير: اعظم ڀٽي
    تاريخ, فردن, قبيلن ۽ قومن جي ڪردارن, عملن ۽ ڪارنامن جو دستاويز هوندي آهي ته وري ڪي فرد, قبيلا ۽ قومون تاريخ جو حوالو ۽ عڪس بڻيل هوندا آهن, کوڙ ساريون اهڙيون قومون ۽ قبيلا آهن جن جي سۡڃاڻپ وري ڪن منفرد ڪردار وارن فردن سان سلهاڙجي ويندي آهي, قومن جي اهڙي تاريخي وسعت پنهنجي جڳهه تي پر لاتعداد ذاتيون, پاڙا ۽ قبيلا,انهن سان واڳيل ڪنهن نه ڪنهن فرد جي نالي پويان به پۡڪارجن ٿا, اهي نالا يا انهن نالن وارا فرد تاريخ بڻجي وڃن ٿا, اها تاريخي روايت قديم دور کان مۡروج رهندي پئي اچي, ان ئي روايت پٽاندر ٽالپر قبيلي جي هڪ شاخ جو هڪ نامدار وڏو مير شاهو خان (بن مير شهڪ بن هوت بن سليمان عرف مير ڪڪو بن شاهو بن مير بجر خان بن مير زنگي خان) ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي فوج ۾ مشهور جرنيل هو, جنهن ان وقت مختلف جنگين ۾ حصو وٺي وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي ڪتاب " ڪلهوڙا دور" ۾ اهڙو ذڪر ڪندي, وڌيڪ لکي ٿو ته مير شاهو سن 1140 هجري مطابق 1727ع ۾ دائودپوٽن سان ٿيل ويڙهه ۾ شريڪ رهيو, 1152 هجري مطابق 1740ع ۾ نادر شاهه جي حملي وقت, ميان نور محمد ڪلهوڙي سان گڏ رهيو, ڪانجي ڪوٽ جي معرڪي ۾ به مير شاهو خان نمايان ڪردار ادا ڪيو هو. مير شاهو جي حياتيءّ جو ڪو مڪمل احوال, سندس جنم يا وفات جي ڪا مستند تاريخ نٿي ملي, مير شاهو جي نسبت سان ٽنڊو محمد خان جا ٽالپر, شاهواڻي سڏجن ٿا, جيڪا ٽالپر قبيلي جي چوٿون نمبر وڏي شاخ سڏجي ٿي, تاريخ جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير شاهو جي اولاد 1130 هجري ڌاري شاهواڻي سڏائڻ شروع ڪيو, مير شاهو پنهنجي وقت جو متحرڪ ۽ سرگرم انسان هو, هۡو مير شهداد خان ٽالپر جو ڀائيٽو هو, جوڻيجو سائين بخش قبولائي پنهنجي ڪتاب "سڄڻ ڏٺو جن" ۾ لکي ٿو ته ٽالپر گهڻو ڪري ڪلهوڙن جا مريد هئا, پر جڏهن درگاهه عاليه لواري شريف جي باني سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره (1125 هجري - 1188 هجري) جي فيض جو درياء ڇوليون هڻي رهيو هو تڏهن ٽالپرن جا اڪثر خاندان سندس رۡوحاني فيض کان متاثر ٿي, بعيت ڪري اچي سندس مريدن ۾ شامل ٿيا, انهن خاندانن مان شاهواڻي ٽالپر, مڪان پاڪ لواري شريف جي روحاني فيض سان رنڱيا. جوڻيجو سائين بخش وڌيڪ لکي ٿو ته درگاهه لواري شريف جو ڇهون سجاده نشين, امام العالمين خواجه پير احمد زمان قدس سره (1297 هجري - 1357 هجري) جن 5 محرم الحرام 1353 هجري تي پنهنجي هڪ مجلس شريف ۾ ذڪر ڪيو ته مير شاهو, حضرت سلطان الاولياء قدس سره جن جا مريد هئا, هڪ ڀيري لواري شريف ۾ اچي, مرشد جي زيارت ۽ فيض کان مستفيض ٿيڻ لاء حاضر ٿيو, ان وقت مرشد جي صحبت ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينهن درگاهه جي ٻين فقيرن سان گڏجي جانڊهه تي اٽي پيهڻ جو ڪم شروع ڪيائين, ڪن فقيرن مير شاهو کي منع ڪئي پر هۡو ڪونه مۡڙيو ۽ ڪم ڪندو رهيو, آخر ڪجهه فقيرن وڃي اها ڳالهه حضرت سلطان الاولياءّ قدس سره جي حۡضور ۾ پيش ڪئي, تنهن تي سلطان الاولياء فرمايو ته " ڇڏيوس جو هۡو پنهنجي پونئرن لاء اٽو پيهي گڏ ٿو ڪري." مير شاهو کي ڇهه پٽ هئا, جن ۾ مير ڪرم خان, مير غلام محمد, مير سيد خان, مير محمد ملوڪ, مير مراد خان ۽ مير سردار خان شامل آهن, سندس ٻئي نمبر پۡٽ مير غلام محمد کي ٻه پٽ هر هڪ حاجي احمد خان ۽ ٻيو مير محمد خان نالي ٿيا, جن مان مير محمد خان ٽالپر 1791ع ۾ ٽنڊو محمد خان شهر اڏايو, ڪتاب "گلشن اولياءّ " ۽ "تذڪره مشاهير سنڌ" جي توسط سان معلوم ٿئي ٿو ته منڌرن ۽ ٽالپرن جو انهيءَ زماني ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو هو، جنهن تي منڌرن, مير شاهو خان ٽالپر کي ماري وڌو هو. ان کانپوءِ منڌرا رات وچ ۾ ٽپڙ کڻي ڪڇ ڏانهن هليا ويا هئا، پويان مير شاهو جي قاتلن جا جيڪي به ويجها عزيز هئا تن تي ان وقت ڪلهوڙن جي سرڪرده امير مير بجار خان ولد مير بهرام خان, منڌرا برادري جا پنجاهه کن ماڻهو مارائي وڌا هئا. ان کانپوءِ گهڻي عرصي گذرڻ بعد مير شاهو جا اصل قاتل ان وقت جي مشهور بزرگ سيد ناگي شاھ لاڙائي وٽ اچي حاضر ٿيا ۽ کين عرض ڪيائون ته اوهان وچ ۾ پئي ٽالپرن سان ٺاھ ڪرايو. شاهواڻي ٽالپرن ڏانهن ميڙ وٺي وڃڻ جون تياريون ٿي ويون. هوڏانهن ٽالپرن کي به پتو پئجي ويو ته منڌرا, سيد نانگي شاهه جي اوطاق تي آيل آهن، سو ڇا ڪيائون جو راتو رات سيد نانگي شاهه جي اوطاق تي ڪاهي آيا ۽ منڌرن کي ماري روانا ٿي ويا. جنهن تي سيد ناگي شاھ کي ڏاڍو غصو آيو، جنهن فرمايو ته " هي ڇا ٿيو. هن جو عيوض مير بهرام خان ٽالپر جو سر آهي". اتي موجود ماڻهن عرض ڪيو ته مير بهرام ڪهڙو گناھ ڪيو آهي؟ فرمايائين ته هي شاهواڻي ٽالپرن جي زور تي ناحق ڪري ويا آهن، تنهنڪري عيوضي ۾ مير بهرام جي سسي گهرجي ٿي. آخر اهو سۡخن سچو نڪتو ۽ مير بهرام خان ٽالپر, ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي هٿان شهادت جي درجي تي رسيو. ائين ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جون عداوتون عۡروج تي پهچي ويون. ٽالپر امير, ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز هئا ۽ ڪلهوڙن جا وفادار به سڏبا رهيا, پر ڪلهوڙن جي آخري حڪمرانن, مير شهداد خان جي اولاد سان نه رهايو, عداوتون وڌندي وڌندي وڃي هالاڻي جي جنگ جي نتيجي تي پهتيون, ڪلهوڙن شڪست کاڌي ۽ ٽالپرن سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. خير مير شاهو خان جي آخري آرامگاهه متعلق الڳ الڳ رايا آهن, ڪن جو چوڻ آهي ته سندس قبر لواري شريف ۾ آهي ته وري ڪي ان خيال جا آهن ته سندس قبر ڊرگهه بالا (جوهي/دادو) ۾ آهي. منهنجي ذاتي راء آهي ته درگاهه لواري شريف سان جيڪا سندس عقيدت هئي, جنهن عقيدت جي پيش نظر مير شاهو , فقيري رنگ ۾ رنگجي, اٽي پيهڻ جهڙو ڪشٽ يعني تڪليف يا سختي ائين شعوري طور ته قبول ڪونه ڪئي هوندي, يقينن هۡو عقيدت جي انتها واري منزل تي پهتل هو تڏهن ئي ته هۡن درگاهه لواري شريف سان لنئون لڳايو هو, عقيدت جي سڳي ۾ پويل مير شاهو خان جهڙو بهادر جرنيل, پنهنجي مۡرشد جي در کان لاتعلق بڻجي ٻئي ڪنهن هنڌ تدفين جي وصيت ڪيئن ٿي ڪري سگهيو, ٻيو ته جنگي حالتن ۾ گهيريل هوندي, ڊرگهه بالا (جوهي/ دادو) جي گهڻي مفاصلي واري قبرستان جي ڀيٽ ۾ لواري شريف جو علائقو وري به تمام گهڻو ويجهو هو, تنهنڪري منهنجي راء آهي ته اهو عين ممڪن آهي ته مير شاهو جي آخري آرامگاهه لواري شريف ۾ ئي آهي, مسلسل جنگي ماحول سبب سندس قبر تي ڪا پڪي ۽ پۡختي نشاني يا ڪتبو نه هئڻ وارو سوال به سندس قبر جي نشاندهي لاء هڪ معمو بڻيل آهي, باقي تاريخي حقيقتن جي روشني ۾ سندس اۡنسيت مان اندازو لڳائي اهو چئي سگهجي ٿو ته مير شاهو جي آخري آرامگاهه لواري شريف ئي عين ممڪن آهي.
    اعظم ڀٽي, پير محلا ٽنڊو محمد خان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو