مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر (ٻيو).......اعظم ڀٽي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    زندگي جي ڪاروهنوار ۾ نالي جو اثر به خاص اهميت ۽ حيثيت جو حامل رهيو آهي, شاهواڻي ٽالپرن جي تاريخ ۾ مير محمد خان ٽالپر جو نالو ايندي ئي هر پڙهيل لکيل فرد جو تصور ٽنڊي محمد خان شهر ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو, توڙي جو ٽنڊي محمد خان شهر جي قيام کان وٺي هن وقت تائين شاهواڻي ٽالپر خاندان ۾ وقفي وقفي سان مير محمد خان ٽالپر جي نالي سان ٽي الڳ الڳ شخصيتون ٿي گذريون آهن, جن سان جاگيردار جو لقب جۡڙيل رهيو آهي, ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر جي ڇهين پيڙهي ۾ شاهواڻي ٽالپر جاگيردار مير محمد خان ٽالپر (ٻيو) جولائي 1895ع ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ پيدا ٿيو, سندس والد جو نالو مير الهه بخش خان ٽالپر هو, جيڪو پنهنجي وقت جو جڳ مشهور آنربل جاگيردار هو, جنهن جي سخا جا قصا اڄ به هر وات جي وائي بڻيل آهن, مير محمد خان ٽالپر (ٻيو) سادو ۽ فقيري مزاج رکندڙ شخص هو, سندس طبعيت ۽ مزاج جي حوالي سان کوڙ ساريون ڪٿائون ظاهري توڙي باطني حوالي سان اڃا تائين پوشيده آهن, جيڪي هن وقت تائين نه لکجي سگهيون آهن ته وري ورهائجي ۽ ونڊجي سگهيون آهن, درويشاڻي طبعيت ۽ مزاج سبب ئي کيس هڪ رٿابندي تحت جاگيرن جي مامرن کان وٺي سياست جي دۡنيا تائين شعوري طور پاسيرو رکيو ويو, ان حد تائين جو زندگيءّ جي روزمره جي خرچ بابت به کيس ماهوار خرچ مقرر ڪري ڏنو ويو هو, ان کان وڌيڪ کيس نه ته ڪو اختيار هو, نه ئي ڪو سندس ٻۡڌڻ ۽ ٻۡڌائڻ وارو هو, ڇاڪاڻ جو سندس حياتي ۾ خانداني جاگيرن کان وٺي موروثي سياست پلٽو کائي چۡڪي هئي, مٿس ڄڻ ته پنهنجن پاران ئي هڪ قسم جي مارشل لا لاڳو ٿي چڪي هئي, مير الهه بخش خان ٽالپر جو هن موروثي جاگيردار فرزند, جنهن وٽ ٽنڊو محمد خان, ڪراچي, ٿر, پارڪر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ جاگيرون هيون, جنهن جي شاهدي سنڌ گزيٽيئر مان ملي ٿي, هن وقت به ٽنڊو محمد خان جي مير محلا ۾ سندس ذاتي رهائشگاهه موجود آهي, جنهن تي شاندار سرن جي جڙاوٽ وارو مۡکيه دروازو اڃا تائين به موجود آهي ۽ ان تي ڪاٺ جي شاهه ڪاريگري به ڏسڻ وٽان آهي, ان مکيه دروازي تي اڃا تائين به "مير محمد خان ٽالپر جاگيردار 1916 " اۡڪريل آهي. يعني مير صاحب ان شاندار دروازي جي اڏاوت ان سال ئي ڪرائي هئي, 1 اپريل 2021ع تي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سنڌ جي ٽيم, جنهن ۾ سيڪريٽري حميد آخوند, اشتياق انصاري ۽ محمد علي ميمڻ شامل هئا, هڪ صديءّ کان وڌيڪ قدامت رکندڙ ان مکيه دروازي جو معائنو ڪري, ان جي مرمت جي يقين دهاني ڪرائي هئي, حج جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد کيس مير حاجي محمد خان ٽالپر طور لکيو ۽ سۡڃاتو ويندو هو, هن ڪربلا معلي', شاهه نجف, ڪاظمين, سامره جي زيارت جو شرف پڻ حاصل ڪيو, ٽنڊي محمد خان شهر جي والي شاهواڻي ٽالپر خاندان جي ڇهين پيڙهي جو هي فقيرمنش جاگيردار 8 مارچ 1944ع تي اوچتو ئي اوچتو 49 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو, سندس جسد خاڪي کي ٽنڊي محمد خان جي پۡراڻي بس اسٽاپ لڳ ڪاليج روڊ تي شاهواڻي ٽالپرن جي قبرستان ۾ مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو, کيس مير علي احمد خان ٽالپر ۽ مير نور احمد ٽالپر نالي ٻه پۡٽ هئا, جن مان مير نور احمد ٽالپر ٻالڪپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو, جڏهن ته مير علي احمد خان ٽالپر سندس جاگيردار فرزند طور سۡٺو نالو ڪمايو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو