مسيحائي ڪردار ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ, وڇوڙي جو وڍ ڏئي ويو.....اعظم ڀٽي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    انا لله وانا اليه راجعون , سنڌ جو مسيحائي ڪردار ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ هميشه جي لاء وڇوڙي جو وڍ ڏئي, راهه رباني ڏانهن روانو ٿي ويو. ٽنڊو محمد خان جي تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙيون شخصيتون آهن, جن جو هڪ ئي وقت سياسي, سماجي, علمي, ادبي, ثقافتي, صحافتي ۽ انسان دوستيءّ وارو ڪردار اتساهه جو سبب رهيو هجي, اها الڳ ڳالهه آهي ته سماجن ۾ انساني فطرت جي لحاظ کان فردن توڙي شخصيتن سان ذاتي توڙي نظرياتي اختلاف رکندڙ جو هڪ منفرد حلقو به ضرور موجود هوندو آهي, جن اختلافن جي موسم ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جي کوڙ سارن پهلوئن تي نظراندازي توڙي ويسر جي دز چڙهي ويندي آهي, ائين ئي ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي شخصيت به انهن روين جي زد ۾ آيل رهي, منهنجي ڄاڻ موجب سياست جي آويءّ مان جيڪي سياسي ورڪر پچي, پختا ٿي, سياسي اۡڀار حاصل ڪري, ذاتي توڙي سماجي مجبورين سبب مختلف شعبن تائين ڦهلجي ويا, ڦري گهري, وقت جي ورن وڪڙن مان نڪري اهي فرد ڏاڍا ڪميٽيڊ به ثابت ٿيا, تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته ٽنڊو محمد خان ۾ جتي پيپلز پارٽي جي بانيڪارن جي هڪ الڳ, منفرد ۽ پوشيده تاريخ آهي, اۡتي ان جي ذيلي تنظيم سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) سان به ڪي ساڳيون حقيقتون قدر مشترڪ رهيون آهن, ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ به پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو بڻيل اهو ئي فرد هو , جيڪو ٽنڊو محمد خان ۾ سپاف جو بانيڪار ۽ پهريون آرگنائيزر رهيو پر هۡو کوڙ سارين مثبت روايتن جو پڻ بانيڪار رهيو, ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ 12 فيبروري 1956ع تي جنم ورتو, سندس والد جو نالو خان محمد ميمڻ هو, سندس خاندان اصل سعيدپور ٽڪر جو رهائشي هو, جيڪو بعد ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي نصيرآباد پاڙي ۾ سڪونت پذير ٿيو, ڊاڪٽر نثار ميمڻ سموري شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي, گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين, مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم دوران هن شاگرد يونين ۽ سپاف جي پليٽ فارم تان متحرڪ ڪردار ادا ڪندي, ڪيترين ئي سياسي, سماجي, ثقافتي, علمي, اصلاحي ۽ سرگرمين جون روايتون قائم ڪيون, انٽر بعد هو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخل ٿيو, تعليم جي حصول دوران ڦليلي جي ڪپ تي جنهن بنگلي ۾ سندن علم جي جوت ٻري ۽ نکري پئي, اۡهو بنگلو ته اڄ اهڙين سرگرمين لاء ويرانين جي ور چڙهيل آهي پر ڦليلي جي ڪپ سان سندس ناتو زندگيءّ جي آخري گهڙين تائين به قائم رهيو, جنهن ناتي کي اڌ صديءّ جي لڳ ڀڳ جو وقت گذري ويو, ڦليلي جي ڪناري تي قائم ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جو به ته سرگرمين جي لحاظ کان توڙي مقصدن جي سچائيءّ ۽ پروفيشنلزم سان اهو رعبدار رويو باقي ناهي رهيو, جتي ڊاڪٽر نثار ميمڻ صحافتي زندگيءّ جا به ڏهاڙا گۡذاريا, توڙي جو ڦليلي جي انهيءّ ڪپ تي سندس اکين جي مرض متعلق قائم ڪلينڪ انسانيت جي خدمت جو فريضو ادا ڪندي رهي, موجوده وقت ۾ ته علمي, ادبي, صحافتي ۽ ثقافتي سرگرميون, جيڪي ڦليلي جي ڪپ ۽ پريس ڪلب جي ڪشادي اڱڻ لاء ڄڻ ته اوپريون بڻجي ويون آهن, بحرحال ڊاڪٽر نثار ميمڻ پنهنجي شعور جي شروعاتي سفر ۾ مثبت اصلاحي سياسي سرگرمين بعد صحافتي سفر ۾ روزاني آفتاب ۽ عبرت اخبار جي صفحن تي پنهنجي پورهيي جي جيڪا ڇاپ ڇڏي, اڄ جو نسل ان ڇاپ کان بلڪل ناآشنا بڻيل آهي, ڊاڪٽر نثار ميمڻ جي زندگيءّ جا کوڙ سارا لڪل پهلو آهن, جن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي, ڪڏهن وقت ڪڍي ان جي به اۡپٽار ڪبي, موجوده هلندڙ دور ۾ سندس ذات انساني خدمتن جو اعلي' نمونو بڻيل رهي, جنهن سلسلي ۾ صحت جي سرگرمين جي حوالي سان هۡو اکين جو نۡور ورهائڻ لاء سڄي سنڌ جهاڳيندو رهيو, پوء اۡهو لاڙ هجي يا ڪاڇو , ڪوهستان هجي يا ٿر , سموري سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون قائم ڪري انساني خدمت جا فرض سرانجام ڏنائين, سندس اهو تحرڪ مسلسل رهيو پر 2016ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ بعد ان تحرڪ ۾ ويتر واڌارو آيو, هۡو ڪۡل وقتي سماجي ورڪر بڻجي اکين جي مفت ڪئمپن قائم ڪرڻ جي علامت بڻجي ويو,2019ع ۾ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ هۡن انهن ڪئمپن جي قيام جي شاندار گولڊن جۡوبلي به ملهائي, جيڪا تقريب ٽنڊو محمد خان جي يادگار تقريبن مان هڪ هئي ۽ ان موقعي پنجاهه ڪئمپن جي مناسبت سان تاريخي سووينيئر به پڌرو ڪيائين, هۡن عملي زندگيءّ ۾ خۡدائي خدمتگار بڻجي پرينءّ جي پاڇي جهڙي ساري سنڌ ۾ 894 اکين جي مفت ڪئمپن ۾ 113842 مريضن جا مفت آپريشن ڪيا ۽ لکين مريضن جا مفت ۾ معائنا ڪري سندن علاج ڪيو , انهن ڪئمپن توڙي ان سان سلهاڙيل سرگرمين ۾ بهرو وٺندڙن کي هۡن پاڻ به وڏي مڃتا ڏني, هۡن ميڊيڪل آفيسر طور جيڪو سفر شروع ڪيو هو, اهو سفر هڪ سرجن تائين اچي پهتو, جنهن دوران هو سنڌ جي مختلف اسپتالن سان گڏوگڏ ٽنڊو محمد خان تعلقه اسپتال جو ايم ايس به رهيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر به رهيو, انهن سرڪاري عهدن کي ڇڏي ڪري هن لاتعداد فورمن تي خاص طور مسيحائي شعبي جي حوالي سان اڻڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون, عالمي وبا ڪرونا جي دوران سندس ادا ڪيل ڪردار ڪيترين ئي اکين لاء ڪنڊو به بڻيل رهيو, ان عرصي ۾ ھۡن جيڪو ڪجهه ڀوڳيو, ان جو ڪنهن قدر آئون اکين ڏٺو شاهد به آهيان, ڪيتري ئي لفظي ۽ عملي تيراندازي باوجود هۡن مايوسيءّ جي مم کي پنهنجا گوڏا چٽڻ نه ڏنا ۽ هو مسلسل سفر ۾ رهيو, ان سفر ۾ ڪرونا جي وبا مجموعي طور ٽنڊو محمد خان ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان سندس خاندان کي ئي ڏنو, سندس ڀائرن , سئوٽن کان ويندي سندس گهرواريءّ به 24 مئي 2021ع تي کانئس وڇڙي وئي, جنهن جو آخري ديدار به کيس نصيب نه ٿيو, اڄ هۡو خود به ڪرونا جي ان وبا خلاف جهيڙيندي جهيڙيندي راهه رباني ڏانهن روانو ٿي ويو, شال سندس زندگيءّ جو سمورو سفر هڪ منفرد تاريخ جو پرتوو بڻجي, ڊاڪٽر نثار ميمڻ ٽنڊو محمد خان ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي سفر جو ساٿي رهيو, بعد ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو صدر ٿيو, بعد ۾ حياتي جي آخري وقت تائين پي ايم اي سنڌ جو اهم عهديدار رهيو, هۡو علمي, ادبي , صحافتي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ هر ڌۡر جو ڀرجهلو رهيو, , اهو ئي سبب آهي جو مسيحائي شعبي کان علاوه به سندس شخصيت جا ٻيا به کوڙ گۡوناگۡون پهلو قدر لائق ۽ فخر لائق رهيا, تنهنڪري کيس گهڻ رۡخي انداز ۾ پرکڻ, پروڙڻ, ڏسڻ ۽ بيان ڪرڻ لاء اڃا به وڌيڪ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي, جيڪو وقت هاڻي اسانجي نئين ٽهيءّ لاء شديد سوچن ۽ عملن جو گهۡرجائو آهي. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ 16 شوال 1442 هجري مطابق 28 مئي 2021ع بروز جمعي تي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو, جيڪو لمحو نه رڳو ٽنڊو محمد خان پر پوري سنڌ لاء صدين جي سوڳ جهڙو ڪارو باب آهي.ڊاڪٽر نثار ميمڻ جي وڇوڙي سان صحت جو هڪ اهم شعبو ۽ ان سان سلهاڙيل لکين غريب, مسڪين بي سهارا اکين جا مريض يتيم بڻجي ويا آهن پر آئون سمجهان ٿو سماجي ورڪرن, اهل علم ۽ ساڃاهه وند طبقي جي هڪ وڏي اڪثريت به ڄڻ لاوارث بڻجي وئي آهي, سندس تدفين وقت ٽنڊي محمد خان جي " مولو ميمڻ جي قبرستان" ۾ مدفون مۡردن جي رۡوحن جي ته خبر ناهي ڇا حالت هوندي پر ڪاري رات جي پاڇن ۾ ان قبرستان جي اردگرد لۡڙڪن جي برسات کي ڪو به روڪي نه سگهيو ! هۡن کي الاء ته ڇو دل مرحوم لکڻ تي به آماده نٿي ٿئي, ڇو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو, ادارا جڏهن موڪلائيندا آهن ته سۡلجهيل معاشرن ۾ ماتم برپا ٿي ويندو آهي , ان ماتم کي ماٺو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو. ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ , پنهنجي مشن جي تڪميل لاء پونئرن ۾ پنهنجا پۡٽ نويد نثار ميمڻ، ڊاڪٽر نديم ميمڻ، انجنير نعيم ميمڻ، انسپيڪٽر نسيم ميمڻ، انجنير ناظم ميمڻ، انجنير نبيل ميمڻ ڇڏيا آهن , جن جي ڪۡلهن تي تاريخ وڏي ذميداري عائد ڪري ڇڏي آهي, شال صبر جي دامن کي مضبوطي سان پڪڙي ڊاڪٽر جا اهي پونئر ۽ وارث پنهنجي والد جي نالي کي تادم روشن رکي سگهن. آمين.
     
    lalamemon هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو