اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا, اۡتي جيڪو مسئلن جو وسڪارو آهي, ان جي ڀيٽ ۾ حل جو ڏڪار ان کان به ڌيڪ عروج تي آهي, نفساني خواهشن جي ڌۡٻڻ ۾ ڦاٿل هر فرد اهو ٿو چاهي ته منهنجي ٻڪري جو خير هجي, باقي سموري دنيا وڃي کڏ ۾ پوي, ائين ضرور آهي اسانجي معاشري ۾ احساس کان عاري ماڻهن جي لوڌ آهي پر احساس جي روشني سان مۡنور ڪي دليون به ڌڙڪن ٿيون پر انهن جي ڌڙڪن, انهن جي آۡڻ تۡڻ ۽ لوڇ پوڇ کي سنجيده وٺڻ وارو ڪير به ناهي, تنهنڪري ئي حل جو ڏۡڪر عۡروج تي پهتل آهي, کوڙ سارن مسئلن ۾ احساس رکندڙ ۽ احساس کان عاري ماڻهن جي اڻ اعلانيه جنگ به جاري رهندي اچي, سياسي, سماجي ۽ نفسياتي مسئلا ته هر سماج جي لاء ڪڏهن مٿي جو سۡور ته ڪڏهن مٿي جو موڙ رهيا آهن, منهنجو ڇا وڃي واري سوچ ڀلي کڻي سماج جي خودغرض ماڻهن لاء مٿي جو موڙ بڻيل هجي پر اجتماعي سوچ جي پيڪرن لاء اها وڏو مٿي جو سۡور بڻيل آهي, جديد ٽيڪنالاجي جي هن دور جتي ماڻهن جي سوچن, ڪردار ۽ عملن کي وائکو ڪري بيهاريو آهي, اۡتي ڪجهه جديد سهولتون ماڻهن لاء عذاب به بڻيل آهن, مثال طور هن وقت نه رڳو پوري ملڪ پر خاص طور سنڌ ۾ به ڪروڙين فرد موبائيل فون جي سهولت سان آراسته آهن, موبائيل ڪمپنين جون هر شهر ۾ الڳ الڳ فرنچائيزون آهن, جيڪي مجموعي طور هزارن جي انگ ۾ آهن, وري انهن موبائيل ڪمپنين جا ٽاور لکن جي تعداد ۾ هر وڏي توڙي ننڍي شهر, ڳوٺ, واهڻ ۽ وستيءّ تائين ڦهليل آهن, وڏن شهرن ۾ ممڪن آهي انهن ٽاورن جي مستقل سنڀال, مرمت ۽ سهولتن جو ڪو جوڳو انتظام هۡجي پر سنڌ جي ننڍن شهرن خاص طور ٻهراڙي وارن مجموعي علائقن ۾ جن ماڻهن جي جڳهين تي اهي ٽاور نصب ٿيل آهن, جن جو نه رڳو کين معاوضو ملي ٿو پر ان حد تائين جو ان جي سارسنڀال لاء چوڪيدار به انهن جو ئي رکيل آهي, جيڪو گهڻو ڪري مقامي ماڻهو آهي, جنهن جي ذميداري آهي ته ٽاور جي مڪمل سارسنڀال , مرمت ۽ ان جي سروس ۾ ڪو رۡخنو نه پوي, جنهن لاء هر گهربل شيء لاڳاپيل ڪمپني مهيا ڪري ڏئي ٿي, جتي جنريٽر جو استعمال آهي, اۡتي ان جي تيل وغيره , جتي سولر جو متبادل آهي, اۡتي بيٽريون ۽ ان سان گهربل لاڳاپيل شيون موجود آهن, جڏهن ته بجلي جي حوالي سان واپڊا جا ٽرانسفر الڳ نصب ٿيل آهن , هاڻي اهي سموريون سهولتون علائقن جي حساب سان هزارين توڙي لکين ماڻهن سان واڳيل آهن, جيڪي موبائيل فون استعمال ڪن ٿا, جن وٽ مختلف ڪمپنين جا نمبر آهن, جنهن تي اهي لکين ماڻهو مجموعي طور روزانو ڪروڙين روپيه خرچ ڪري ان سهولت کي استعمال ڪن ٿا, روزمره جي زندگيءّ ۾ هر فرد پنهنجي آساني واريون سهولتون ماڻڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻ لاء هٿوراڙيون هڻندو رهي ٿو, پر هن جديد دور ۾ جتي وسيلن جي کوٽ جي باوجود جدت سان ڀرپور سهولتون به مليل هجن اتي وري مسئلن جا انبار ان کان گهڻا به آهن ته ڳرا به آهن , ٿئي ڇا ٿو اهڙين سهولتن جي پيش نظر ڄاڻايل مامري جي لحاظ کان موبائيل ڪمپني جي ٽاور تي جيڪو اسانجو مقامي چوڪيدار مقرر ٿيل آهي, اهو پنهنجي پيٽ جي باهه جي خاطر موبائيل ٽاور جي جنريٽر جو تيل وڪرو ڪرڻ جو عادي بڻيل آهي, يا سولر سسٽم تحت لڳل بيٽرين کي ردوبدل جي راهه تي هلائي انهن بيٽرين کي پئسن عيوض ٻين ماڻهن يا دوڪاندارن وٽ ردوبدل ڪري, هلندڙ بيٽرين جي جاء تي ڦٽل ۽ خراب ٿيل بيٽريون نصب ڪريو ڇڏي, ان حد تائين جو سولر پليٽن سان به اها ڪار جاري آهي, نيون سولر پليٽون ڪڍرائي ان جي جاء پۡراڻيون ناڪاره پليٽون نصب ڪيون وڃن ٿيون, ان سلسلي ۾ مون اهڙي هڪ همراهه کان پۡڇو ته يار اهو سڀ ڇا آهي, جواب ڏنائين ته يار ڏهه, پندرنهن هزار پگهار مان ڇا ٿو ٿئي , پوء تيل وڪڻي, بيٽريون پئسن عيوض بدلائي مڙئي پيا گاڏو گهليون , نه ته ايتري پگهار مان ڪٿان ٿي پۡورت ٿئي, مون چيو يار , اوهان جهڙن انفرادي سوچ جي مالڪ ماڻهن جي ڪري اوهانکي خبر ناهي ته اجتماعي طور ماڻهن کي ڪيتريون تڪليفون درپيش اچن ٿيون, جنهن جو اوهانکي اندازو ئي ناهي, جيڪي ماڻهو هزارين روپيه ڏئي موبائيل وٺن ٿا ۽ هر مهيني ان جي بئلينس تي جيڪو هزارين روپيه خرچ ڪن ٿا, انهن جي مشڪلاتن جو ذميدار ڪير آهي, وري به اۡٻاڻڪي انداز ۾ وراڻائين ته ڇو , ڇا ٿيو آهي, جواب ڏنومانس ته اسان وٽ واپڊا جي ڪارڪردگيءّ جي توکي خبر ناهي ڇا, اعلانيه توڙي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو موجوه وقت ۾ سنڌ جي شهرن ۾ جيڪو وقفي وقفي سان عرصو آهي سو چوڏهن کان ارڙهن ڪلاڪ آهي, جڏهن بجلي وڃي ٿي ته موبائيل ٽاور ڄڻ ته خالي ٿنڀا ٽنگيل هوندا آهن, ڇاڪاڻ جو جنريٽر جو تيل اوهان کپايو ڇڏيو, سولر جون پليٽون ۽ بيٽريون پئسن عيوض بدلايو انهن جي جڳهه تي ناڪاره سولر پليٽون ۽ بيٽريون نصب ڪريو ڇڏيو, جنهنڪري جنهن وقت به بجلي وڃي ٿي ته ٽاورن جا سگنل به سڱ ڪڍيو بيٺا آهن , نه سگنل هجن , نه ماڻهن جا موبائيل ڪم ڪن, اۡهي موبائيل فون ان وقت ڄڻ ته هٿن ۾ صرف رانديڪا بڻيل هوندا آهن , ان وقت انهن صارفين جي اندر جي اۡڌمن , ڪاوڙ ۽ غصي جي ڪنهنکي به ڪا پرواهه ناهي هوندي, جيڪي مجموعي طور روزانو ڪروڙين روپيه بئلينس تي سيڙائن ٿا, جيسيتائين واپڊا وارا بجلي ڏين , تيسيتائين ماڻهو مواصلاتي رابطي توڙي سهولت کان ڄڻ ته محروم بڻيل رهن ٿا, اهو ته ٺهيو پر بجلي جي نصب ٿيل ٽرانسفارمن ۾ به ڪۡنڍا سسٽم جو راڄ ڇانيل آهي, ڪٿي ياري دوستي ته ڪٿي وري پئسن جي ڏيتي ليتي سبب چوري جي بجلي به الڳ روزگار بڻيل آهي, ان جو اهم سبب موبائيل ٽاورن تي مقامي روزگار جو انفرادي رويو آهي, هونئن سنڌ جي وسيلن تي مجموعي روزگار واري صورتحال ڏاڍي ڳنڀير ۽ افسوسناڪ آهي, پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو اسانجي انفرادي مقامي ماڻهو جو رويو آهي, سو به انتهائي مذمت لائق عمل آهي, هڪ طرف اسان روزگار لاء رڙيون ڪندا ٿا رهو ته ٻئي طرف وري انڌو منڊو روزگار ملي ٿو ته انکي مجموعي حوالي سان عذابن ۽ مشڪلاتن جو سبب بڻائي ويهي ٿا رهون ۽ ان جو ڏوهه به ٻين تي مڙهي ٿا ڇڏيون . اسانکي ان انفرادي رويي مان جان ڇڏائڻي پوندي جيڪو مجموعي نقصان ۽ تڪليفن جو سبب بڻيل آهي, ٻيو ته جيڪي موبائيل ڪمپنيون ڪروڙين جي لاڳت سان برپا ٿيل آهن, انهن کي به پنهنجي نيٽ ورڪ جي چڪاس لاء چۡست قدم کڻڻ گهرجن, ٻي صورت ۾ روايتي طور سهولتون ائين ئي عذاب بڻجنديون رهنديون ۽ اسان سازشن جو پٽڻو پيا پٽينداسين.