املهه انسان ٿي تند وڙهي تلوارن سان.....! حفيظ چانڊيو. فقير محمد سنڌيءَ جو نالو کڄڻ سان اڪثر بيباڪ صحافي فقير محمد لاشاري جو اجرو ڪردار اکين آڏو تري ايندو آهي. نالي جي نسبت ۽ هڪجهڙائي ڏسي ائين لڳندو آهي هيءُ کلڻو ملڻو، متحرڪ صحافي ٻيو جنم وٺي آيو هجي ۽ ڌرتي جي رهجي ويل اڌ ۾ چمي کي مڪمل ڪرڻ آيو هجي. فقير محمد سنڌي ۽ فقير محمد لاشاريءَ ۾ ڪو خاص فرق ته نه آهي. بقول نامور ڪهاڻيڪار يار محمد چانڊئي جي ته:"ٻنھي جي سڃاڻپ صحافتي دنيا ئي آھي ۔“. هُو جنهن جرئت ۽ حوصلي سان لکي رهيو آهي هو صحافتي دنيا جو خوبصورت حوالو آهي. پنهنجي صحافتي ذميدارين کي احسن طريقي سان مسلسل نڀائيندو رهي ٿو. قلم جي طاقت سان هُو انهن بي پهچن جو هڪ سگهارو آواز بڻيو آهي، سندن گهٽيل آواز کي اسيمبلين ۾ ويٺل گونگن، چپ سبائي ويٺل سست ۽ بي ضميرن کي خبرن جي صورت چهنڊڙين جون سُيون هڻي ستل ضميرن کي جنجهوڙيندو رهيو آهي۔ سندس مسڪينن جي مسيحائي هڪ ڏينهن گهگهه اونداهي ۾ روشنائي ڪري مارن جي آڳنڌ تي خوشين جا ديپ ٻاريندي. ھُن جو سياسي قبلو سن آهي، سندس محبتن جو مرڪز ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻي ئي آهن. گهڻ رخي شخصيت جا سندس سڀوئي پاسا عمل جي ميدان ۾ ڀرپور آهن. ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ کان وٺي سماج جي سيوا تائين، اخباري ذميدارين کان شاعريءَ تائين، ڪرنٽ افيئرس تي لکڻ کان وٺي سندس زندگيءَ جو هر حوالو فخر لائق آهي. هو پرائي دردن کي پنهنجو سمجهندو رهندو آهي، سندن وڪالت ڪندو رهيو آهي، هو سڀني مورچن تي قومي سالار ٿي بيٺل آھي ۔ ننگن ۽ دنگن جي محافظ سپاھي لاءِ ديس جي رکوالي عبادتن کان الاهي مٿانهين آهي. ھن 07 جنوري 1983ع ۾ جنم ورتو، پرائمري جي تعليم شاھه محمد اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي اٿائين، مئٽرڪ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي، انٽر کانپوءِ سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج مان بي اي ڪئي. درد سندس گهر جو فرد آهي. هو سماج جو عجب ڊاڪٽر آهي، جنهن دردن کي سيني لائي به ڌرتيءَ جا گيت، غزل ۽ وايون لکندو رهيو آھي. هو صحافي کان علاوه بهترين شاعر آهي۔ هن جي اکين ۾ مون ديس لئي اڻ ميو پيار سنڌو درياه جي ڇولين جيان ڇلڪندي ڏٺو آهي. تبديلي جو خواب سندس اکين جي ماڻڪين ۾ سدائين مرڪندو رهيو آهي. هو سچ جو ساکي قلمڪار آهي، جنهن ڪوڙ ۽ ڪوڙ جي واپارين کان نفرت ڪئي آهي، کين پنهنجي لکڻين ۾ مسلسل ننديندو به رهيو آهي. هن قلم جي اک کي ڪڏهن اميرن جي جهوليءَ ۾ ڪرڻ ناهي ڏنو. هو سقراط ته ناهي، پر وت وس آهر سندس پوئلڳي ضرور ڪئي اٿائين. هو اميدن جو ساکي آهي، مايوسين جي ڌٻڻ ۾ گهيريل مارن لئي سندس گيتن ۾ همٿ ۽ حوصلي جو پيغام آهي۔ هن جي وجود ۾ بغاوت آهي. اهڙي بغاوت جا طبقاتي نظام کي ريزا ريزا ڪرڻ گهري پئي، اهڙي بغاوت جيڪا انساني برابريءَ جو بنياد وجهي، جتي ڪو ڪنهن کان ڏاڍو نه هجي، ڪوئي ڪمزور ۽ هيڻو نه هجي. هو سوجهرن جو ساٿي آهي، هو هن بيمار سماج کي ڊاهڻ گهري ٿو، جتي دقيانوس رسمن هر پاسي انارڪيءَ جو اڀ کڙو ڪيو آهي انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا واري روش کي عام ڪيو آهي ۔ انائن جي ناخدائن کي ڪير سمجهائي۔ ڪير هنن کان پڇڻ وارو ناهي - نه ئي هنن کان ڪوئي حساب ڪتاب پيو پڇي-اڇي ڪاري جي مالڪن آڏو هرڪوئي هيڻو ٿي پيو آهي، سندن زبانن کي تالا ڏنل آهن چپن کي چورن هنن لاءِ ڪبيرو گناهه بڻجي ويو آهي۔ هن جي خوشحال خطي جا اڪثريت آبادي بک، بدحالي،بدامني جي باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي وئي آهي، غربت ۾ ڦاٿل سندس مارو ٻن ويلن لئي پريشان آهن، معدني وسيلن سان مالا مال سندس ماروئڙا اڪهين صديءَ ۾ به محرومين جا گرنهن چٻاڙي رهيا آهن. سندس منهن هيڊا لڳا پيا آهن، اڄ به هن جي قوم قبيلائي ڪروڌ ۾ ورتل آهي، هو جنهن جو پل پل ڌرتيءَ جي سجدي ۾ گذريو آهي، سو سنڌ جي شاندار روايتن جو امين شخص آهي ۽ وارثي ڪندڙ شاعر پڻ آهي. Faqir Muhammad Sindhi