• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

”غزل” ڪنهن شامَ اسان ڏَي موٽي آ..... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
ڪنهن شامَ اسان ڏَي موٽي آ
اَي جامَ اسان ڏَي موٽي آ
هل ٻيهر تون ڪوعرشِ کڻي؛
الهامَ اسان ڏَي موٽي آ
قشقونه ڏسي ڪوميرڪڏھن
اسلامَ اسان ڏَي موٽي آ
ھي راوڻ راوڻ ڏيھ سڄو؛
اي رامَ اسان ڏَي موٽي آ
ھُوءَ ايندي ايندي نيٺ ڪڏھن
اِبهامَ اسان ڏَي موٽي آ
هيءُ ساھُ اوهانجَي اوسيئڙي
کڻ گامَ اسان ڏَي موٽي آ
مخدومَ اسان منصورَ اسان؛
الزامَ اسان ڏَي موٽي آ
ڏس! جنمن جا اوجاڳيل هون
وسرامَ اسان ڏَي موٽي آ
 
Back
Top