سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل جاگرافر مانيڪ جي. پٿاوالا مختيار ملاح سنڌ جي تاريخ ۾ جاگرافيءَ جو وڏو محقق، مؤرخ ۽ جاگرافيدان ڊاڪٽر پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا جو تعلق پارسي خاندان سان هو. سندس جنم 20 نومبر 1886ع ۾ بيجنجي پٿاوالا ۽ سونا ٻائي جي گهر ۾ ڳوٺ ناوساري، پونا (هندستان) ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم سي.جي.اين زيد مدرسه ناوساري ۾ حاصل ڪيائين. ولسن ڪاليج بمبئي مان بي. اي ڪيائين. 1909ع ۽ 1910ع ۾ بي. ايس. سي ڪيائين. سندس ڪيترائي رشتيدار ڪراچي ۾ رهندا هئا، گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هو 1919 ۾ ڪراچي هليو آيو. ”1920ع ۾ کيس پارسين جي مشهور اسڪول بائي وير جي سوپاري والا (BVS) جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. 1932ع ۾ هو لنڊن هليو ويو، جتي برڪيڪ ڪاليج لنڊن يونيورسٽي مان پروفيسر اِي جي ٽيلر (E G Tylor) جي نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين، سندس مقالي جو موضوع هو: A Geographical Analysis of the Lower Indus Basin (Sindh) Climatic Conditions in Sindh. هن عنوان سان پي .يڇ.ڊي جي ڊگري وٺي ، وري اچي وري BVS اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو، ۽ اتي 1946ع تائين ڪم ڪيائين. اسڪول جي پرنسپالي واري زماني ۾ سائيڪل تي اسڪول ايندو هو. هو ”سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽيءَ“ جو صدر هو ۽ ان سوسائٽي طرفان نڪرندڙ ”جاگرافيڪل جنرل“ جو ايڊيٽر به هوندو هو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل جاگرافي دان هو. قيام پاڪستان کان پوءِ مختلف عهدن تي رهيو. هن اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پروفيسر طور ڪم ڪيو. 1948ع کان 1950ع تائين اسلاميه ڪاليج ۾ جاگرافي ۽ جيالاجي جي پروفيسر طور ڪم ڪيائين. جيئن ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي ۽ جيالاجي جا شعبا کليا، ته ڊاڪٽر پٿاوالا انهن جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. هو سنڌ يونيورسٽي سائنس فيڪلٽي جو ڊين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيالاجي ۽ جاگرافي شعبن جو ريسرچ جو ڊائريڪٽر به رهيو. 1953ع ۾ حڪومت پاڪستان کيس وزارت اقتصاديات ۾ صلاحڪار به مقرر ڪيو. ان کان علاوه هو ڪيترن ئي پارسي ۽ سماجي تنظيمن سان پڻ واڳيل هو. 1956ع تائين ڪراچي ۾ رهيو، ان کان پوءِ هو سنڌ کي خير آباد چئي بمبئيءَ هليو ويو، جتي پوءِ 16 جون 1969ع ۾ سندس وفات ٿي. ڊاڪٽر پٿاوالا سڄي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري. جاگرافيءَ جي مضمون سان سندس عشق هو ۽ جاگرافي ۾ سندس تحقيق جو محور ”سنڌ“ هو، ان کان سواٰءِ هن سڄي هندستان جي مختلف علائقن ۾ جاگرافي تي ڪم ڪيو هو. جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ گهڻي ۾ گهڻا مضمون هن جا هوندا هئا، سندس ڪتابن جو تعداد به تمام گهڻو آهي، جڏهن ته تحقيقي مضمونن جو تعداد جو اندازو نه ٿو ڪري سگهجي. هن کي سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي. سنڌ جي باري ۾ هن جي لکيل ڪتابن ۽ مقالن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو: 1. A Geographical Analysis of Khairpur State – A Post Barrage Investigation 2. An Introduction to Pakistan its Resources and Personalities 3. Geography and Culture with example of Sindh 4. Greater Karachi 5. Historical Geography of Sindh 6. New Site for Pakistan Capital 7. Survey of Dominion’s Mineral Resources 8. Physiographic Division of India , Burma and Ceylon 9. A Geographical Analysis of the Lower Indus Basin (Sindh) Climatic Conditions in Sindh 10. Settlement in the Lower Indus Basin (Sindh) 11. An Introduction to Kashmir : Its Geography and Geology 12. A Physical and Economic Geography of Sindh 13. Identification and Description of some old Sites in Sindh and their relations with the Physical Geography of the Region 14. Sacred Spark 15. Rock Record of Darious the Great 16. Historical maps of Sindh ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس علمي، ادبي ۽ جاگرافيءَ جي ڪيل ڪارنامن جي باري ۾ ڪو نوجوان پي.ايڇ.ڊي ڪري ۽ سندس باري ۾ ڪتاب شايع ٿين.