• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويڙهيچا ۽ ويڙها سارا ڪاڏي ويا؟.... ساجد سومرو

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
غزل
ويڙهيچا ۽ ويڙها سارا ڪاڏي ويا؟
ڪالھَ ڪَلهوڪا مَيلا سارا ڪاڏي ويا؟
هوليءَ ۾ هَا چَوليءَ جا سڀ رنگ عجب؛
نيرا پيلا ڳاڙها سارا ڪاڏي ويا؟
شاھُ عنايتُ ڳولهن ٿا جَلادَ سَڀئي؛
سرمد پارا دارا سارا ڪاڏي ويا؟
هيئن نه ڪو تاريخ ڏنو دستور هيو؛
تنهنجا منهنجا نعرا سارا ڪاڏي ويا؟
ڏاٽا ڏاٽا ڏيھُ سڄو ھَو؛ ڪاڏي ويو؟
رَتُ اکين ۾ تارا سارا ڪاڏي ويا؟
سُوليءَکي ويو زنگ چڙهي تون ڪاٿي آن
منصوري سڀ هِردا سارا ڪاڏي ويا؟
هاءِ زمانا هاڻ رهيو مخدوم نه ڪو؛
هڏڙن هاڻا گهاڻا سارا ڪاڏي ويا؟
تَنَ جِي تسبيح جاٿي ڪاٿي آھي پر؛
مَنَ جا مَڻڪا داڻا سارا ڪاڏي ويا؟
واڳون پيا ٿا سنڌ سڄيءَ کي ڳڙڪائن؛
گهاتُو هَا جَي گِهرندا سارا ڪاڏي ويا؟
 
Back
Top