صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
ڪِٿِ پَيرُ هَوا ڪو کوڙي ٿي!
پَئِي سمنڊَ سَدائين وَوڙَي ٿِي!
دل کيرُ پيتو آ ھرڻيءَ جو؛
ڏئي ڇالَ خلا ۾ ڊوڙي ٿي!
ھُو شِوَ جو جُهونو مَندرُ ڏس؛
ڪا ڳنڍ خدا کي جوڙي ٿي!
ھُنَ لوھَ ته مَوڙَي ڪينَ سگهيا؛
دل رخَ ھَوا جا موڙي ٿي!
هِڪُ ؛ تنهنجي ياد ستائي ٿي؛
ٻيو ؛ بُوندَ اُٺي جي ٽوڙي ٿي!
گهنگهور گهٽا ڄڻ گهيري ٿي؛
ڇو وارَ سڄا ھُو ڇوڙي ٿي!
ڪا مڇلي يونس تاري ٿي؛
ڪا نوحَ جي ڪشتي ٻوڙي ٿي!
ڇو جسم هجر جو ڪوڙهو آ؟
هڪ عمر سڄي دل چوڙي ٿي!
هڪ لهرَ خطا جي گهاڻي ٿي؛
ٻِي لهرَ حياتي لوڙھي ٿي!
ڪِٿِ پَيرُ هَوا ڪو کوڙي ٿي!
پَئِي سمنڊَ سَدائين وَوڙَي ٿِي!
دل کيرُ پيتو آ ھرڻيءَ جو؛
ڏئي ڇالَ خلا ۾ ڊوڙي ٿي!
ھُو شِوَ جو جُهونو مَندرُ ڏس؛
ڪا ڳنڍ خدا کي جوڙي ٿي!
ھُنَ لوھَ ته مَوڙَي ڪينَ سگهيا؛
دل رخَ ھَوا جا موڙي ٿي!
هِڪُ ؛ تنهنجي ياد ستائي ٿي؛
ٻيو ؛ بُوندَ اُٺي جي ٽوڙي ٿي!
گهنگهور گهٽا ڄڻ گهيري ٿي؛
ڇو وارَ سڄا ھُو ڇوڙي ٿي!
ڪا مڇلي يونس تاري ٿي؛
ڪا نوحَ جي ڪشتي ٻوڙي ٿي!
ڇو جسم هجر جو ڪوڙهو آ؟
هڪ عمر سڄي دل چوڙي ٿي!
هڪ لهرَ خطا جي گهاڻي ٿي؛
ٻِي لهرَ حياتي لوڙھي ٿي!