صراط بلوچ
سينيئر رڪن
غزل
موتَ اڄ زندگي لَٽِي آهي!
مَسَ اذيت وڃي گَهٽِي آهي!
آڳ کي تاوَ جي سزا آهي؛
عشقَ کي هِجرَ جي چَٽِي آهي!
زندگي ڇا زهر ڀريو آهي؛
عشقَ تو کان به دل کٽي آهي!
شهرَ جي هر ڳلي قتل ٿي آ
ڳوٺَ جي هر گهٽي ڦَٽي آهي!
ڏوھَ جي کيس ڪا خبر ناهي؛
جنهن سزا ۾َ عمر ڪٽي آهي!
بي سبب ٿي هلي الائي ڇو؟
وقتَ جي چالِ دل رَٽي آهي!
هاڻ ساڳي ڪٿي رهي آهي؟
ھُوءَ زماني جيان مَٽي آهي!
وارَ مُکَ تي ڇَڏي سُتي آھي؛
چنڊَ - گرهڻ نه ڪا هَٽي آهي!
پروفيسرساجدسومرو
موتَ اڄ زندگي لَٽِي آهي!
مَسَ اذيت وڃي گَهٽِي آهي!
آڳ کي تاوَ جي سزا آهي؛
عشقَ کي هِجرَ جي چَٽِي آهي!
زندگي ڇا زهر ڀريو آهي؛
عشقَ تو کان به دل کٽي آهي!
شهرَ جي هر ڳلي قتل ٿي آ
ڳوٺَ جي هر گهٽي ڦَٽي آهي!
ڏوھَ جي کيس ڪا خبر ناهي؛
جنهن سزا ۾َ عمر ڪٽي آهي!
بي سبب ٿي هلي الائي ڇو؟
وقتَ جي چالِ دل رَٽي آهي!
هاڻ ساڳي ڪٿي رهي آهي؟
ھُوءَ زماني جيان مَٽي آهي!
وارَ مُکَ تي ڇَڏي سُتي آھي؛
چنڊَ - گرهڻ نه ڪا هَٽي آهي!
پروفيسرساجدسومرو