مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن ماريو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن ماريو​

    [​IMG]
    امر جليل
    ڪجهه ڏينهن اڳ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ ڪيترا ئي بيوقوف، پاگل ۽ نادان چڪر اچڻ بعد ڪرڻ کانپوءِ هيٺين سطح جي سوچ وارا بيحوش ٿي ويا. ان جي برعڪس هوشيار باشعور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن انهيءَ فيصلي جي تعريف ڪئي آهي. فيصلي جي باريڪي کي ڏسندي اُهي ماڻهون فيصلي جي تهه تائين پهچي ويا. واهه واهه ڪري رهيا هئا ۽ بيوقوف چڪر اچڻ کانپوءِ ڪري پيا هئا انهن تي کلي رهيا هئا.



    14 سالن تائين ڪيس هلندو رهيو ۽ 14 سالن کانپوءِ عدالت پنهنجو تاريخي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ٻئي ڌريون هڪ ٻي مٿان هنيل الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن. لهذا ٻئي ڌريون يعني پوليس عملدار ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جا دوست، جن مٿان الزام هو ته انهن پوليس پارٽي مٿان فائرنگ ڪئي هئي، کين آزاد ڪيو ويو، 14 سالن کان هلندڙ ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ اِهو ثابت نه ٿي سگهيو ته مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس دوستن کي ڪنهن قتل ڪيو هو. چڪر اچي ڪري پيل بيوقوف ۽ مورک ماڻهن ۾ آئون به شامل هوس. چڪر اچي ڪرڻ وارا اسين ماڻهون جڏهن هوش ۾ آيا سين تڏهن ڦاٽل مٿو هڪ ٻي سان جوڙي ويهي رهيا سين. سرٻاٽ ڪري رهيا هئا سين هڪ ٻي سان ڀڻ ڀڻ ڪري ڳالهائي رهيا هئا سين ته جيڪڏهن پوليس مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس دوستن کي قتل ناهي ڪيو ته پوءِ ڪنهن ڪيو؟ باشعور ۽ هوشيار ماڻهون جهٽ پٽ اِها ڳالهه سمجهي ويا. پر اسين ته بيوقوف آهيون. اِها ڳالهه اسانجي سمجهه کان ٻاهر هئي. اسين بيوقوف اِها ڳالهه سمجهڻ چاهيندا هئا سين. يقينا مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن جي آڏو وچ روڊ تي قتل ٿيو هو 14 سالن تائين هلندڙ ڪيس کانپوءِ اِهو الزام ثابت نه ٿي سگهيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس دوستن کي پوليس اهلڪارن ماريو هو. عدالتون ڪڏهن به غلط فيصلو نه ٻڌائينديون آهن. اسين بيوقوف پنهنجي جهرڪي جيتري مغز جيتري دماغ سان اِهو سوچڻ لاءِ مجبور هئا سين ته مرتضيٰ ڀٽو کي جيڪڏهن پوليس اهلڪارن نه ماريو ته پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن ماريو هو؟



    محدود سوچ ۽ فهم وارن بيوقوفن هڪ 3 رُڪني ڪاميٽي قائم ڪئي. ڪاميٽي کي چيو ويو ته اِها جاچ ڪئي وڃي ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪيو. انهيءَ 3 رُڪني ڪاميٽي جو هڪ ميمبر آئون به هوس پهرين ميٽنگ ۾ ڪاميٽي جي سينيئر رُڪن سندس سوال سان اسان ٻنهيءَ ميمبرن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو اسين ٻئهيءَ سان منهنجو مطلب آهي ته ڪاميٽي جا باقي ٻه ميمبر، افلاطون ۽ آئون. ڪاميٽي جي سينيئر رُڪن دانش ڀنڊاري چيو ”مونکي اِهو ٽوپي ڊرامو لڳي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ان اِهو واقعو ٿيو ئي نه هجي، ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو اڃان تائين زنده هجي“.



    ڳالهه ٻڌ ڀنڊاري، افلاطون چيو ”اسين اهڙي شخص جي جاچ ڪري رهيا آهيون جنهن مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪيو آهي.“



    ”جڏهن ٻنهيءَ ڌرين کي عدالت الزامن کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي، ته ان جو مطلب آهي ته فساد نه ٿيو هو.“ ڀنڊاري چيو ”جيڪڏهن اُها واردات يا فساد نه ٿيو، تڏهن فساد ۾ مرتضيٰ فٽو جي مرڻ جو سوال پيدا ئي نٿو ٿئي“. افلاطون چيو ” توکي اِها ڳالهه بيوقوفن جي جنرل اسيمبلي ۾ ٻڌائڻ گهرجي ها“.



    ڀنڊاري چيو جتي ايتري وڏي انگ ۾ بيوقوف موجود هجن هتي هڪ عقلمند جي ڳالهه ڪير ٻڌندو. اڙي تنهنجي ڳالهه ٿوري دير لاءِ اسين قبول ڪريون ٿا، مون ڀنڊاري کان پڇيو ته جيڪڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو زنده آهي ته پوءِ ڪٿي آهي؟



    انهيءَ کان پهرين ته دانش ڀنڊاري ڪجهه چوي ها افلاطون چيو ته جيڪڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو زنده هجي ها ته هڪ اين آر او هيٺ ملڪ ۾ ٿيندڙ سمورن بم ڌماڪن جو ذميوار مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڄاڻايو وڃي ها.“



    ڪهڙي دنيا ۾ رهندو آهين افلاطون، چيومانس اين آر او جرم پيشه ماڻهن کي معاف ڪرڻ جو آرڊيننس آهي. الزام هڻڻ وارو آرڊيننس ناهي. مون نو ريڪنسيليشن آرڊر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان افلاطون چيو پراڻو اين آر او نيشنل ريڪنسيليشن آرڊيننس ڪنهن کي وڏن جُرمن کان آزاد ڪرڻ جو صدارتي آرڊيننس هو. نئون اين آر او يعني نو ريڪنسليشن آرڊيننس سڄي دنيا جي ڏوهن کي ڪنهن هڪ ماڻهون مٿان مڙهڻ جو صدارتي آرڊيننس هوندو آهي.



    افلاطون جي ڳالهه درگزر ڪندي مون ڀنڊاري کان ٻيهر پڇيو ”جيڪڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو زنده آهي ته پوءِ ڪٿي آهي“.

    ”توهان ماڻهون اعتبار نه ڪندؤ“ ڀنڊاري چيو ”مرتضيٰ ڀٽو اسلام آباد ۾ آهي“.

    ”ڇا!“ اسين ٻنهيءَ حيران ۽ پريشان ٿي ڪري دانش ڀنڊاري کي ڏسي رهيا هئا سين.



    اڌ رات کانپوءِ ڪانسٽيٽيوشن ايونيو تي ڪاري ڪپڙن ۾ هڪ ماڻهون تيزي سان موٽر سائيڪل هلائيندي ڏٺو ويو آهي هو اونداهه مان نڪرندو آهي ۽ اونداهه ۾ غائب ٿي ويندو آهي. ڀنڊاري چيو ڪونٽيٽيوشن ايونيو تي موجود سيڪيورٽي اهلڪارن ٻڌايو ته هو مير مرتضيٰ ڀٽو آهي.



    تيز رفتار موٽر سائيڪل ۽ اونداهه. پڇيومانس ته سيڪيورٽي اهلڪارن کي اندازو ڪيئن ٿيو ته هو ماڻهون مير مرتضيٰ ڀٽو آهي؟ ڀنڊاري مُرڪندي چيو ته پريزيڊنٽ هائوس جي ويجهو پهچي ڪري هو موٽرسائيڪل جي رفتار گهٽ ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هتي ڪجهه دير تائين بيهي رهندو آهي ۽ چتائي چتائي ايوان صدر ڏانهن ڏسندو رهندو آهي ڪنهن کي سڃاڻڻ لاءِ ايترو وقت ڪافي هوندو آهي.



    منهنجو تجسس وڌي ويو، پڇيومانس ”ڪانسٽيٽيوشن ايونيو تي اڌ رات کانپوءِ موٽر سائيڪل هلائيندي هو ڇا ايوان صدر جي حفاظت ڪندو آهي.“



    ”اِهو ته رب ٿو ڄاڻي“ ڀنڊاري چيو ته اهلڪارن ايوان صدر جي سامهون گذرندي مرتضيٰ ڀٽو کي ٻنهيءَ آڱرين سان ”وي“ جو نشان ٺاهيندي ڏٺو آهي.



    وي يعني وڪٽري جو نشان. چيومانس ته انهيءَ جو مطلب آهي ته زرداري جي صدر ٿيڻ تي مرتضيٰ ڀٽو بيحد خوش آهي. ”اِهو ته رب ٿو ڄاڻي“ دانش ڀنڊاري کلندي چيو ”وي جي نشان سان وڪٽري کان علاوه Vengeance به ٿيندو آهي يعني پلاند.



    افلاطون ڪاوڙجي ويو، مونکي چيائين ته ڀنڊاري بڪواس ڪري رهيو آهي، هو نه رڳو بيوقوف بلڪ اعلي درجي جو بيوقوف به آهي، بڪواس ڪري رهيو آهي بدبخت.



    دانش ڀنڊاري شرمسار ٿي ويو افلاطون اُٿي بيهي رهيو 3 رُڪني ڪاميٽي جو سربراهه ٿيندي چيائين ته هلو آئون توهانکي مشهور ٿنڪ ٽئنڪ وٽ وٺي هلان. هو اسانکي ٻڌائيندو ته مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن ماريو آهي.



    منهنجو تجسس پهريان کان به وڌي ويو ان کان اڳ مون ڪڏهن به ٿنڪ ٽئنڪ ڪونه ڏٺو هو. افلاطون اسانکي هڪ ويران ۽ ڳؤري حويلي ۾ وٺي آيو. هن اڳتي وڌندي نوڪر کي ڪجهه چيو. نوڪر اندر ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ ٻاهر آيو ۽ اسانکي اندر وڃڻ لاءِ چيائين. اسين هڪ خوفناڪ ڊرائنگ روم ۾ هڪ پوڙهي ماڻهون کي پراڻي آرام واري ڪرسي ”ايزي چيئر“ تي ٽيڪ هڻي ويهندي ڏٺو. هن کي ٻي يا پهرين جنگ عظيم ۾ مُئل ڪنهن انگريز فوجي جرنيل جو اوور ڪوٽ پهريل هو. جنهن تي ڪافي ميڊل لڳل هئا هو ٿنڪ ٽئنڪ هو.



    افلاطون بيحد افسوس سان معاملو ٻڌائيندي پڇيو ته هاڻي توهان ئي ٻڌائي سگهو ٿا ته مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن ماريو آهي اسان ٽنهيءَ ڏانهن ڏسندي ٿنڪ ٽئنڪ پڇيو ته توهان مسلمان آهيو؟



    اسين ٽنهيءَ چيو الحمدلله



    پوڙهي ٿنڪ ٽئنڪ اسان ٽنهيءَ ڏانهن ڏسندي چيو ته پوءِ توهان کي اِها به خبر هوندي ته زندگي ۽ موت رب جي هٿ وس آهي.



    اسين ٽنهيءَ مٿو لڏائيندي چيو ”اسانکي خبر آهي“.



    رب کانسواءِ ڪو به ڪنهن کي نٿو ماري سگهي. پوڙهي ٿنڪ ٽئنڪ چيو، اِهو غلط آهي مير مرتضيٰ ڀٽو کي پوليس ماريو هو.



    اسين پوڙهي ٿنڪ ٽئنڪ جي دانائي، فهم ۽ فراست کان بيحد متاثر ٿيا سين.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن ماريو

    سائين توهان جي چونڊ تمام بهتر هوندي آهي ۽ توهان جي هن تحريرن مان اسان کي ڃاڻ به سٺي ملندي آهي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو