هٿ ۽ ڪڪڙي وسعت الله خان پاڪستان جي هر پاڙي ۾ ڪڪڙي جو گوشت وڪڻندڙ ماڻهون جي دُڪان جي آڏو هڪ وڏو مضبوط پڃرو موجود هوندو آهي. ان ۾ سوين بيمار ۽ صحتمند ڪڪڙيون هڪ ٻي سان گڏ ويٺيون هونديون آهن. هو ايتري قدر ٿڪل ۽ ڊنل هونديون آهن جو چرپر ۽ ڪُڙ ڪُڙ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. هر 5 يا 10 منٽ کانپوءِ پڃري جي ننڍي دري کلندي آهي. هڪ هٿ اندر ويندو آهي. پڃري ۾ ٽيهه سيڪنڊ لاءِ اجتماعي طور تي چرپر ۽ خوفزده ڪُڙ ڪُڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي پر هڪ ڪڪڙي گهٽجي ويندي آهي ۽ هن ڪڪڙي جون خوفزده رڙيون ٻڌي ڪري باقي ڪڪڙيون پڻ خوفزده ٿي ڪري هڪ ٻي سان گڏجي ڪري ويهي رهنديون آهن. پڃرو روزانو ڀرجندو آهي، هر شام خالي ٿيندو آهي ۽ ٻي ڏينهن ٻيهر ڀرجي ويندو آهي. مونکي هاڻوڪو پاڪستان ساڳئي طرح جو هڪ لوهي پڃرو محسوس ٿي رهيو آهي. جنهن مان هڪ ٻي ڪڪڙي گهٽجڻ سبب اجتماعي طور تي ٿوري گهڻي چرپر ۽ ڪُڙ ڪُڙ ٿيندي آهي ۽ باقي ڪڪڙيون شڪريه ادا ڪنديون آهن ته ان ڀيرو هو بچي ويون آهن. ٺيڪ آهي جو لڪي مروت جي ڳوٺ حسن خيل جي فٽبال گرائونڊ ۾ هڪ آپگهاتي بمبار 100 کان وڌيڪ ماڻهو ماري ڇڏيا آهن پر رب جو شڪر آهي ته اِهو سانحو منهنجي شهر ۾ ناهي ٿيو. مونکي افسوس آهي ته پشاور جي پيپلز منڊي ۾ لڳ ڀڳ 150 ماڻهو ڪار بم ڌماڪي جو کاج بڻجي ويا پر پشاور ۾ اهڙا واقعا عام طور تي ٿيندا رهن ٿا. ان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي. توبه توبه پريڊ لائين راولپنڊي ۾ نمازين تي آپگهاتي حملو. ڇاڪاڻ ته فوج قبائلي علائقن ۾ آپريشن ڪري رهي آهي جنهن جو ردعمل لازمي طور تي ظاهر ٿيڻو هو. پر ڌڻي سڳوري جي آڏو سجدو ڪندڙن، مالڪ جي بندگي ڪندڙن کي مارڻ نه گهرجي ها. خيبر ايجنسي جي علائقي تيرا ۾ 66 بيڏوهي ماڻهو فوجي جهازن جي بمن جي رينج ۾ اچي ويا پر ڏوهه انهن ماڻهن جو به هو ڇاڪاڻ ته هو ماڻهون پنهنجي علائقي ۾ ويڙهاڪن کي برداشت ڇو ڪندا آهن. انسان هجڻ جي ناتي اسانکي افسوس آهي ته لاهور ۾ ٻن عبادتگاهن تي حملي ۾ 100 کان وڌيڪ احمدي مري ويا پر ان جو اِهو مطلب ناهي ته نواز شريف انهن احمدين جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندي کين پنهنجو پاڪستاني ڀاءُ چئي ڪري دين جي حرمت جو مذاق اُڏائي. جيڪڏهن ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شيعه مري رهيا آهن ته سُني پڻ مري رهيا آهن. جيڪڏهن پختون مري رهيا آهن ته مهاجر پڻ مري رهيا آهن. ائين نه ٿيڻ گهرجي. تمام غلط ڳالهه آهي. سڀ کي گڏجي رهڻ گهرجي ۽ پوليس کي ٽارگيٽ ڪلرز جي متعلق اطلاع ڏيڻ گهرجي. پشاور ۾ رحمان بابا جو مزار، نوشهره ۾ بهادر بابا، لنڊي ڪوتل ۾ امير حمزه شنواري، مهمند ۾ حاجي صاحب ترنگزئي جي مزار تي بم حملو، اسلام آباد ۾ بري امام جي مزار تي آپگهاتي حملو ۽ سوات ۾ پير سيف الرحمان جي لاش کي قبر مان ڪڍي چوڪ تي ٽنگڻ تمام بُري ڳالهه آهي. اسلام ان جي اجازت ڪونه ڏيندو آهي. سموريون خبرون ٻڌڻ کانپوءِ تمام ڏک ٿيو آهي. پر داتا صاحب جي مزار تي حملو!! حد ٿي وئي آهي. اهڙو ڪم ڪندڙ مسلمان ته بُرو انسان سڏائڻ جو مستحق ناهي. اِهو ته پنجاب جو نائين اليون آهي. اهڙي قسم جي المناڪ سانحي جي لاءِ ٽي ڏينهن بدران ست ڏينهن ڪو سوگ به گهٽ آهي. ان سانحي سبب ڪنهن شخص جي اکين ۾ لڙڪ ڪونه آيا هوندا. پر ڪنهن کي شايد ڪڏهن احساس ڪونه ٿيندو ته جيترو ملڪ گير رد عمل داتا صاحب تي آپگهاتي حملي کانپوءِ سامهون آيو آهي ان جو صرف ويهه سيڪڙو اجتماعي ردعمل حسن خيل، پيپل منڊي، تيراه ۽ پريڊ لين جي قتلام ۽ رحمان بابا، بهادر بابا، امير حمزه شنواري، حاجي صاحب ترنگزئي ۽ بري امام جي مزار تي حملن جي خلاف ملڪ گير سطح تي جيڪڏهن ڏيکاريو وڃي ها ته گهٽ ۾ گهٽ داتا صاحب جي مزار جي حرمت ائين پامال نه ٿئي ها. پر هر ڏهن منٽن کانپوءِ پڃري جي سوڙهي دريءَ ۾ داخل ٿيندڙ بااعتماد قاتل هٿ کي چڱي طرح خبر آهي ته سون مان هڪ به ڪڪڙي پنهنجي تکي ڇهنب سان ڪم نٿي وٺي سگهي.
جواب: هٿ ۽ ڪڪڙي ادا مون کي ڪنهن دوست هڪ ميسيج ڪيو هو جيڪو حقيقت جي عڪاسي پيو ڪري ته جيڪڏهن مسلمان جنت البقيع ۾ بيبي فاطمه سه آل نبي ۽ اصحابه جي روضن کي پامال ڪرڻ واري آل سعود جي فيصلي تي احتجاج ڪن ها ته اڄ پاڪستان ۾ داتا درٻار تي حملي جهڙا اهي واقعا پيش نه اچن ها۔۔۔