مظھر علي ميربحر کڻي نيڻ قاتل نھارڻ ڇڏي ڏي، منهنجا ھوش دلبر ادارن ڇڏي ڏي. مٺا مور ماڻهو محبت ڏئي تون، منهنجي دل صفا سرس کارڻ ڇڏي ڏي. پرين چاھ مان تون پڪاري قسم سان، گھڻو دير تائين بيهارڻ ڇڏي ڏي. اچي رات جو تون خوابن منهنجي منجھ، مٺا روز ننڊ مان اٿارڻ ڇڏي ڏي. کلندي کلندي اچي ياد مون کي، منهنجا يار مٺڙا روئارڻ ڇڏي ڏي. چئي پاڻ مظھر ٻڌي ھاڻ ٻانھون، پيارا چئي روز مارڻ ڇڏي ڏي.