احسان احمد عرساڻي جياطب انجنيئرس طب Medicine جي سائنس ڄاڻ ۽ انجنيئرڱ جي قاعدن کي هڪ ئي وقت استعمال ڪندي اهڙا اوزار، دوائون، منطقگري Software، مشينون ۽ علاج جا طريقيا جوڙيندا آهن، جيڪي اڄ مرض جي تشخيص، علاج جي فراهمي، صحتيابيءَ کان پوءِ مڪمل تندرستيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تنهن کان سواءِ جياطب انجنيئرس ئي پيوندائتا سَنڌَ توڙي عضوا جوڙيندا آهن جيڪي ڪنهن حادثي يا وڏي ڄمار سبب پنهنجي افاديت وڃائي ويٺل عضون جي جاءِ تي لڳايا ويندا آهن. صحت جي عالمي اداري (World Health Organization) جي تازي ترين مطالعي موجب سال 2018ع ۾ صحت جي شعبي تي دنيا ڪل 8.3 پدم (ٽرلين) آمريڪي ڊالر خرچ ڪيا، جيڪو ساڳي سال دنيا جي ڪل جِي ڊِي پِي جو 10 سيڪڙو بيهي ٿو. ان رقم جو 41 سيڪڙو يعني 3.4 پدم آمريڪي ڊالر ماڻهن پنهنجي کيسي مان خرچ ڪيا جڏهن تہ 59 سيڪڙو يعني 4.9 پدم آمريڪي ڊالر حڪومتن خرچ ڪيا. دنيا جي سمورن ڪاروبارن ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزيءَ سان وڌندڙ ڪاروبار صحت جي شعبي کي دوائون، انتظامي توڙي تحقيقي خدمات ۽ ڪَلُون (مشينون) مهيا ڪرڻ آهي. انهن ڪاروبارن کي گڏيل طور صحت جي صنعت سڏجي ٿو. دنيا جي ڪل ماڻهسيہ (آبادي) ۽ انسان جي امڪاني ڄمار جي وڌندڙ رجحان سبب صحت جي صنعت جو پيمانو ڏينهون ڏينهن وڏو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. آمريڪا جي ليبر اسٽيٽسڪٽس کاتي جي رپورٽ مطابق ايندڙ ڏهن سالن ۾ بايوميڊيڪل اينجنيئرس جي ايمپلائيمينٽ ۾ 5 سيڪڙو واڌ ايندي، جيڪا ٻين سمورن شعبن ۾ ايندڙ واڌ کان گھڻي هوندي. رپورٽ مطابق انهن مان پيشور انجنيئرس مان گھڻائيءَ جي تعليم بيچلرس ڊگريءَ تائين محدود هوندي. ساڳي رپورٽ پٽاندر، سال 2020ع دوران جياطب اينجنيئرس جي مڌيان آمدني 44.53 آمريڪي ڊالر يعني 7500 پاڪستاني رپيا في ڪلاڪ يا 60 هزار رپيا في ڏينهن رهي. بايوميڊيڪل انجنيئرس جي وڌندڙ ضرورت کي مدنظر رکندي پاڪستان جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون بايومڊيڪل انجنيئرڱ ۾ بيچلرس ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام آڇي رهيون آهن. انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ ڄامشورو، پهرين سرڪاري يونيورسٽي آهي جنهن پاڪستان اندر بايوميڊيڪل انجنيئرڱ جو شعبو متعارف ڪرايو. اهو پروگرام چئن ورهين جو بيچلرس ڊگري پروگرام آهي، جنهن جو آغاز سن 2003ع ۾ ڪيو ويو. تڏهن کان هن سال تائين جامعہ مهراڻ جو جياطب انجنيئرڱ شعبو 500 کان مٿي جياطب انجنيئرس پيدا ڪري چڪو آهي، جن مان وڏو تعداد ڪامياب پيشورانہ زندگي گذاري رهيو آهي. ملڪ جي ڪيترين ئي خانگي اسپتالن کان سواءِ سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل دل جي اسپتالن NICVD ۾ بہ جامعہ مهراڻ جا انجنيئرس ڪم ڪري رهيا آهن تہ حيدرآباد ۾ قائم سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آفٿلمالاجي اينڊ وزوئل سائنسز SIOVS ۾ بہ بطور انجنيئر ڪم ڪري رهيا آهن. تنهن کان سواءِ جامعہ مهراڻ جا انجنيئرس پاڪستان ايٽمڪ انرجي ڪميشن PAEC جي قائم ڪيل نيوڪليئر ميڊيسن جي ادارن جهڙوڪ KIRAN، NIMRA، ۽ NORIN ۾ بہ پنهنجون خدمات سرانجام ڏئي رهيا آهن. ڪيترا ئي گريجوئيٽس ملڪ کان ٻاهر اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ ڪيترا ئي ملازمت ڪري رهيا آهن. جڏهن تہ انهن مان چند اهڙا بہ آهن جن جياطب انجنيئرڱ شعبي ۾ ڪامياب ڪاروبار ڪري رهيا آهن. تازو جڏهن پنجاب جي يونيورسٽين جياطب انجنيئرڱ شعبي ۾ تعليم جو سلسلو شروع ڪيو تہ تدريسي عملي طور جامعہ مهراڻ جي گريجوئيٽس کي هٿوهٿ ڪڻي ورتو. هن وقت اسلامآباد، لاهور، ۽ ساهيوال جي ادارن ۾ جامعہ مهراڻ ڄامشورو جي جياطب انجنيئرڱ شعبي جا گريجوئيٽس تديريس عملي طور خدمات ڏئي رهيا آهن. جامعہ مهراڻ جي جياطب انجنيئرڱ شعبي ۾ شاگردياڻين جو وڏو انگ تعليم پرائي چڪو آهي ۽ هن وقت بہ پرائي رهيو آهي. شعبي مان جيڪا آخري بيچ پاس آئوٽ ڪري نڪتي تنهن ۾ ڪل 35 شاگرد هئا، جن مان 28 شاگردياڻيون هيون. اهي انجنيئرس اٽڪل 9 مهينا اڳ سنديافتہ ٿيا آهن ۽ هن مهل تائين انهن مان ڪيترا ئي مختلف شعبن ۾ ملازمت سان لڳي چڪا آهن. انهن مان ڪي اسپتالن اندر بطور بايوميڊيڪل انجنيئر ذميواريون نڀائي رهيا آهن، ڪي ڪنهن تعليمي اداري اندر درس و تدريس سان وابستہ ٿي چڪا آهن تہ ڪي وري ڪنهن اهڙي ملٽي نيشنل يا نيشنل ڪمپنيءَ ۾ بطور مينيجر ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي بايوميڊيڪل ايڪوئپمينٽ يعني علاج معالجي لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار ۽ مشينون مهيا ڪنديون آهن. ان کان سواءِ هڪڙا ملڪ اندر اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن تہ ٻيا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي تياريءَ ۾ آهن. دراصل اسان وٽ عام تاثر اهو ئي آهي تہ اسان جڏهن بيمار ٿيندا آهيون تہ اسان جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڊاڪٽر اسان جو علاج ڪندا آهن، جن جي بنيادي ڊگري ايم بي بي ايس هوندي آهي. پر حقيقت ان کان گھڻي قدر مختلف آهي. ميڊيڪل ڊاڪٽر اسان کي علاج طور دوائون يا حراحت يعني سرجريءَ جي صلاح ڏيڻ کان اڳ ۾ مرض جي تشخيص خاطر ڪي چڪاسون مطلب ٽيسٽون ڪرائيندو آهي. انهن ٽيسٽن ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري، سي ٽي اسڪين، اِي سِي جِي، ايم آر آءِ کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي چڪاسون آهن، جن لاءِ انجنيئرس جون جوڙيل مشينون استعمال ٿينديون آهن. الٽراسائونڊ، ايڪسري، سِي ٽِي اسڪين، ايم آر آءِ ۽ پِي اِي ٽِي اسڪين انجنيئرڱ جا ميسر ڪيل اهڙا وسيلا آهن، جيڪي ڊاڪٽر کي مريض جي جسم اندر جھاتي پائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. تنهنڪري اسان جي علاج ۾ اڻسڌو پر وڏي ۾ وڏو ڪردار انجنيئر ادا ڪندو آهي. اڄڪلهہ نظر جي چڪاس لاءِ بہ مشين جو استعمال ٿيندو آهي، تہ آپريشن ٿيٽر اندر سمورين جراحتن ۾ بہ جديد جياطب انجنيئرڱ جا شاهڪار اوزار استعمال ٿيندا آهن. مثال طور، دل جي باءِ پاس آپريشن دوران انسان جي دل ۽ ڦڦڙن جو ڪم عارضي طور هڪ مشين سرنجام ڏيندي آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ لڱ هارٽ Lung-Heart مشين سڏيو ويندو آهي. اها مشين يقيناً جياطب انجنيئرس جي ايجاد آهي، جنهن کان سواءِ دل جي باءِ پاس جهڙيون وڏيون جراحتون ناممڪن آهن. انسان جي ڄمار وڌڻ جو سبب اهي جراحتون آهن جن سان انسان جي خراب عضون جي مرمت ڪئي ويندي آهي يا ماڳهين خراب ٿيل اصل عضوا ڪڍي جنهن ٻي انسان يا جانور جا صحتمند عضوا لڳايا ويندا آهن يا ماڳهين هٿرادو ٺهيل عضوا لڳايا ويندا آهن. مثال طور، دل جا وال خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ڍڳي، سوئر يا ڪنهن انسان جا وال لڳايا ويندا آهن، تہ ڪڏهن وري جياطب انجنيئرس جا جوڙيل هٿرادو وال لڳائي مريض کي جيئڻ لائق بڻايو ويندو آهي. رت جي وهڪري کي يقيني بنائيندڙ شريانيون جڏهن سُڪڙي سوڙهيون ٿيڻ لڳنديون آهن تہ شريانين اندر جياطب انجنيئرس جون جوڙيل ڄاريون لڳايون وينديون آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ Stent سڏيو ويندو آهي. ساڳيءَ ريت جياطب انجنيئرس جا جوڙيل هٿرادو گوڏا لڳرائڻ بہ هاڻي عام ڳالهہ ٿي چڪو آهي. ناسُور يعني ڪينسر پڻ عام مرض بڻجي چڪو آهي. ان جي علاج لاءِ بہ نوان نوان طريقا ايجاد ڪرڻ ۾ جياطب انجنيئرس ڏينهن رات رُڌل آهن. تازو ئي ڪينسر جي علاج لاءِ جيڻا اسپتال ڪراچيءَ اندر سنڌ حڪومت ريڊيو سرجري روبوٽ جي سهوليت فراهم ڪئي آهي. سائبرنائيف CyberKnife سڏجندڙ اهو روبوٽ سرجن ايڪس ڪرڻن جي ڪِرِڻبارِي Irradiation ڪندي ڪينسر کي ختم ڪري ٿو. اها سهوليت ملڪ جي سمورن مريضن لاءِ مفت ميسر آهي، ۽ روزانو ان مان ڪيترا ئي مريض صحتياب ٿين ٿا. ياد رهي تہ اها دنيا ۾ روبوٽ ريڊيو سرجريءَ جي واحد مفت سهوليت آهي. انسانذات جي چڱڀلائيءَ ۾ جياطب انجنيئرس تمام اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. پر گذريل ٻن سالن دوران سموري دنيا جي ماڻهن تي جياطب انجنيئرس جو ڪردار اوچتو ئي اوچتو نمايان طور اهم ترين ٿي ويو جڏهن ڪرونا وبا سبب اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون، ۽ هزارن لکن ماڻهن کي اسپتالن کان سواءِ گھرن تي آڪسيجن جي رسد، ۽ وينٽيليٽرس، سي پيپ، باءِ پيپ جهڙين ساهہ کڻائيندڙ مشينن جي ضرورت پيش آئي. ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڀرتي ٿيندڙ جياطب انجنيئرس کي جاپان، جرمني، فرانس، ۽ ٻين ترقي يافتہ ملڪن ڏانهن تربيت لاءِ اماڻيو ويندو آهي، جتان هُو ٽوشيبا TOSHIBA ۽ سيمينس SIEMENS جهڙين دنيا جي اڳواڻ ڪمپنين جي مشينن جي ڄاڻ حاصل ڪري ايندا آهن تہ جيئن انهن کي پاڪستان اندر وڪرو ڪري، اسپتالن ۾ تنصيب ڪري، ۽ اتي جي عملي کي ضروري تبيت ڏئي سگھن تہ جيئن اهڙين مشينن کي مريضن جي فائدي لاءِ استعمال لائق بڻائي سگھن. جيتوڻيڪ جياطب انجنيئرڱ جي شعبي کي اسان جي سنڌي سماج جا شاگرد نظرانداز ڪندا رهيا آهن، پر اهو هلندڙ دور جو اهم ترين شعبو آهي، جنهن جا گريجوئيٽس ڏور طب Telemedicine، ننهو طب Nanomedicine، دواسازي Drug Design، هٿرادو ذهانت Artificial Intelligence، بايو ميٽيريئلس، جياميڪانيات Biomechanics، روبوٽيات Robotics، ڳڻپيوڪر سائنس Computer Science، ڪمپيوٽر ايڊيڊ ڊزائين، پيوندڪاري Prosthetics، بحالي Rehabilitation، ۽ جياطب پيمائش Biomedical Instrumentation ۾ قابليت سان ڪم ڪندي پيشورانہ ڪامرانيون ماڻي سگھن ٿا. ليکڪ انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ ڄامشورو جي جياطب انجنيئرڱ شعبي ۾ پروفيسر ۽ نشستمان آهي.