ڪامياب شاگرد

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2021۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪامياب شاگرد- نوجوانن جي رهنمائي لاءِ منفرد ڪتاب!

    (حبيب مرکنڊ)

    شاگرد طبقو هميشه ڪامياب بڻجڻ لاءِ هڪ خواب سمائي رکندو آهي پنهنجي لاءِ، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت، جفاڪشي، جستجو، جدوجهد ۽ ڪوشش وقتن بوقتن ڀرپور نموني سان ڪندو رهندو آهي، جنهن کانپوءِ وڃي شاگرد ڪنهن منزل تي پهچندو آهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت پنهنجي اندر ۾ رکي ڪري اڳتي وڌندو رهندو آهي. هونئن به شاگرد (نوجوان) طبقو مستقبل جو سرمايو هوندو آهي، جنهن جي ذريعي ملڪ پنهنجي ترقيءَ جي طرف روان دوان هوندو آهي، نوجوان، جيڪي پاڻ سان گڏ وڏا خواب کڻي ٻاهر نڪرندا آهن، ڪڏهن ته انهن خوابن کي ساڀيان ڪري واپس ورندا آهن ته ڪڏهن انهن خوابن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهندا آهن.
    بهرحال خير! ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي محترم پياري دوست ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو جي طرفان 4 ڪتاب تحفي طور سر عبدالجليل مهيسر جي ذريعي مليا، جنهن لاءِ آئون ڊاڪٽر صاحب جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجا چارئي لکيل ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا، جن ۾ ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا، ڀاڳوندن جو ملڪ ملائيشيا (سفر نامو)، يورپ ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا ۽ ڪامياب شاگرد (ڪيريئر ڪائونسلنگ) شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جا هي ڪتاب شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر صاحب سان ڪڏهن ملاقات ته نه ٿي سگهي آهي، پر ڊاڪٽر صاحب جا مختلف وقتن تي مختلف رسالن سميت ”ڪوشش اخبار“ ۾ ڪالم، مضمون پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا آهن، جن ۾ هميشه شاگرد طبقي جي ڀلائي، اڳتي وڌڻ، پنهنجا حوصلا بلند رکڻ، همت ۽ جاکوڙ جا زرخيز قيمتي سبق پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا آهن. ڊاڪٽر صاحب هڪ باصلاحيت، باهمت ۽ جاکوڙي ڪردار هجڻ سان گڏوگڏ محنت ڪش انسان آهي. ڊاڪٽر صاحب وٽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ نوان خواب آهن ته نيون سوچون آهن، نيون راهون آهن ته نيون منزلون آهن. جاويد اقبال لاڙڪ جي بقول ته ”ڊاڪٽر صاحب مليشيا مان پي ايڇ ڊي ڪري اچڻ کانپوءِ چاهين ها ته پنهنجي قابليت کي انتظامي عهدن وٺڻ واري چٽاڀيٽيءَ ۾ صَرف ڪري پئي سگهيا يا پي ايڇ ڊي الائونس وٺي سڪون سان تدريس ۽ گھر جي ذميوارين کي نڀائڻ لاءِ وقت ڏئي پئي سگهيا، پر سندن اندر ويٺل هڪ شاگرد دوست ۽ عوام دوست استاد کين ائين نه ڪرڻ ڏنو، ڇو جو پاڻ به هڪ ننڍي وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا، ان ڪري کين احساس آهي ته غريب جي ٻار لاءِ يونيورسٽي پهچڻ به ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي!“ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طرفان هميشه سرگرم رهندي شاگردن لاءِ مفيد ڪتاب لکندو رهي ٿو، ”ڪامياب شاگرد“ به هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ شاگردن لاءِ زرخيز مواد لکيو ويو آهي، جنهن ۾ شاگردن کي ڪامياب بڻجڻ جا خواب ڏيکاريا ويا آهن. ڪتاب هميشه پنهنجي مواد سان پُر هوندا آهن، پر انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جي ضرورت آهي، انهن کي پڙهي ڪري انهن تي هلڻ جي ضرورت آهي.
    هي ڪتاب ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. هڪ حصي ۾ ”پنهنجي ڏات جي ڳولا ۽ ٻيو حصو ڪاميابي جا راز“ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي صفحي نمبر-24 ۾ هڪ ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا هن طرح آهي ته ”ڪنهن شخص پنهنجي پوري زندگي دنيا جي بهترين جنرل جي ڳولا ۾ گذاري ڇڏي ۽ هڪ ڏينهن گذاري ويو، پر جنت ۾ به هو بهترين جنرل جي ئي ڳولا ۾ اٿيو، جتي سندس ملاقات ڪنهن بزرگ سان ٿي، جنهن کي ان شخص ٻڌايو ته هو دنيا جي بهترين جنرل جي ڳولا ۾ نڪتل آهي، جنهن جي جواب ۾ بزرگ چيو جي ها! اسان کي خبر آهي ۽ اسان توهان مان ان ڳالهه پڇڻ جي ئي توقع پئي ڪئي، پوءِ ان بزرگ پاسي تي اشارو ڪندي کيس ٻڌايو ته ”عظيم جنرل هن پاسي تي ويٺو آهي“. بزرگ کان عظيم جنرل جي ان پاسي موجود هجڻ جي ڳالهه ٻڌندي ئي اهو شخص خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، پر جڏهن هن جي نظر ان شخص تي پئي ته رڙ ڪري چيائين ته ”هي ته اسان جي شهر جي گھٽي ۾ موچڪو ڪم ڪندو هو، هي وري ڪٿان ٿيو عظيم جنرل،“ جنهن تي کيس بزرگ جواب ڏنو ته ”ها! هي تنهنجي شهر ۾ موچي ئي هو، پر جي جنرل ٿئي ها ته دنيا جو عظيم ترين جنرل هجي ها، هن عظيم جنرل ۾ سموريون صلاحيتون هيون، پر هي بيخبر رهيو.“ هن ڪهاڻي مان معلوم ٿيو ته انسان جيڪڏهن خداداد صلاحيتن کي استعمال ڪندي محنت ڪري ته هن دنيا ۾ عظيم جنرل به ٿي سگهي ٿو ته عظيم انسان به بڻجي سگهي ٿو. اڳتي لکي ٿو ته دنيا ۾ موقعي، يا ماحول يا رهنمائي ملڻ سان دنيا ۾ ڪيترائي موچي، لوهار، واڍا ۽ ڌوٻي آهن، جيڪي عظيم جنرل به ٿي سگهن ٿا. ائين ئي ڪيترائي وري پنهنجي مرضي ۽ شوق سان موچي ۽ لوهار رهڻ پسند ڪندي بهترين ڪاريگر ثابت ٿي سگهن ٿا. صفحي نمبر- 28 تي عظيم سائنٽسٽ ٿامس ايڊيسن جو قول لکي ٿو ته ”مون زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن به ڪم نه ڪيو، بس پاڻ ونڊرايو آهي. اڳتي لکي ٿو ته ماڻهو سڄي زندگي ڳولا ۾ رهي ٿو. مختلف تجربا ٿين ٿا، تڏهن وڃي ماڻهو پنهنجو شوق سمجهي ٿو، هر معاشري ۾ مختلف ماحول هجي ٿو ۽ نوجوان جي ڪافي زندگي ڳولا ۾ رهي ٿي. ڪي حالتن سان سمجهوتو ڪن ٿا ڪي وري جاکوڙ جاري رکن ٿا. اڳتي لکي ٿو ته توهان جيڪڏهن ڪل وقتي شاگرد آهيو ته پنهنجي ان ڪردار ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري پنهنجي صلاحيت کي وڌايو. صفحي نمبر- 32 ۾ لکي ٿو ته ”انسان جي اندر ڪي نه ڪي خاص صلاحيتون موجود هجن ٿيون، جنهن جي بنياد تي سندس ڪي خاص شوق ۽ دلچسپيون ٺهن ٿيون، جيڪي اڳتي هلي ڪري سندن پيشي جي چونڊ ۽ رهنمائي ڏين ٿيون ۽ اهو پيشو سندس سڃاڻپ بڻجي وڃي.
    هڪ عظيم فلسفي جو قول نقل ڪندي لکي ٿو ته ”اچو ته سڀئي اهو ٿي وڃون، جنهن جي اهليت ڏئي اسان کي خلقيو ويو هو.“ هر انسان جي اندر ڪا نه ڪا خاصيت رکيل آهي، ڪي انسان فطري طور سماجي ورڪر ٿين ٿا، ڪي وري واپاري ته رانديگر، ڪي سپاهي ته ڪي ڊاڪٽر، وڪيل، استاد، سائنسدان، انجنيئر ته ڪي سياستدان، ڪامورا ته موسيقار، آرٽسٽ ۽ اداڪار وغيره، ائين هر انسان کي پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ گھرجي ۽ پنهنجي ان مطابق زندگي جو پيشو اختيار ڪرڻ گھرجي. صفحي نمبر- 35 ۾ لکي ٿو ته ”ڪنهن به انسان ۾ هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ به صلاحيتون ٿي سگهن ٿيون. ريسرچ جي مطابق 34 انساني صلاحيتن مان ڪيتريون ئي صلاحيتون هڪ انسان ۾ موجود ٿي سگهن ٿيون، پر انهن مان سندس طبيعت تي وڌ ۾ وڌ پنج صلاحيتون اثر انداز ٿي سگهن ٿيون ۽ شخصيت ۾ اهي خصوصيتون وڌ کان وڌ ملنديون. صحفي نمبر- 51 ۾ لکي ٿو ته ”ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان ترقي يافته ملڪن ۾ ته هر مرحلي ۾ ڪائونسلر مقرر هجن ٿا يا استاد ٽريننگس ٿينديون رهن ٿيون. هر شاگرد جي نفسيات مطابق کيس اعليٰ تعليم لاءِ ڪجهه شعبن ۾ وڃڻ لاءِ رهنمائي به ڪئي وڃي ٿي، پر اسان وٽ اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ ڪنسلٽيشن توڙي ڪائونسلنگ حوالي سان دلچسپي نه هجڻ جي برابر آهي، نتيجي طور شاگردن جي پنهنجي شعبي ۾ دلچسپي نه هجڻ، مايوسي، ڪاوڙ توڙي نفسياتي بيمارين ۾ شاگرد ڦاسي ٿا وڃن يا وري شاگرد جيئن تيئن ڪري پنهنجي دوستن توڙي وڏن جي مدد سان ڊگري حاصل ڪري وڃي ٿو، پر عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي پيشي ۾ به مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ بجاءِ روٽين جا ڪم ڪندو رهڻ جو عادي ٿي وڃي ٿو. تنهنڪري حڪومت اسڪولن توڙي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هر ڪلاس لاءِ هڪ ڪيريئر ڪائونسلر مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ مونجهارن ۾ رهنمائي ڪري سگهي.
    ڪتاب پڙهڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته پنهنجي شعبي جو تعليمي نصاب پڙهڻ سان گڏ ادب سان لاڳاپيل ڪتاب جن ۾ موٽيويشنل، آٽو بايوگرافيز، سفرناما، تاريخ ۽ فڪشن جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ انهن ئي ڪتابن مان نوجوانن کي انسپائريشن توڙي زندگيءَ سان لاڳاپيل عملي حقيقتن جي باري ۾ سماج ۾ پنهنجي ڪردار ۽ اهميت جي باري ۾ رهنمائي ملي ٿي، شخصيت سازي ٿئي ٿي، ائين کڻي چئجي ته نصاب جا ڪتاب شاگرد کي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ته وري ادب جا ڪتاب شاگرد کي عملي زندگيءَ ۾ ڪامياب رهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اڳتي لکي ٿو ته عام ماڻهو توڙي شاگرد کي هفتي ۾ هڪ ڪتاب ڪنهن ڪامياب انسان جي آتم ڪهاڻي توڙي يادگيرين جو يا وري فڪشن ۽ سفر نامن يا تاريخ جو ضرور شامل ڪرڻ گھرجي ته جيئن هڪ گهڻ طرفي شخصيت جا مالڪ ٿين ۽ پاڻ ۾ آدرشي سوچ پيدا ڪن. هي ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهي، تنهنڪري شاگرد طبقي کي گھرجي ته هي ڪتاب زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ضرور پڙهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري نوجوان لکاري جاويد اقبال لاڙڪ لکيو آهي، جڏهن ته ليکڪ ادريس لغاري ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري جا رايا لکيل آهن.
    sharfdinmarkhand@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو