صراط بلوچ
سينيئر رڪن
سر ڪلياڻ داستان 1 بيت 16
شاھ جو رسالو ترتيب غلام محمد شاھواڻي
********
وَحدَه لاشَرِيڪَ لَه، ِايُ هيڪڙائيءَ حَق،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
**معني**
الله سائين ھڪ آھي ھن جو ڪوبه شريڪ ناھي، ھي وحدانيت جي ھيڪڙائي ئي حق آهي. جن ٻيائي کي ٻک وڌو سي ڀلجي ويا.
**سمجھاڻي**
ھي وحدانيت تي مبني بيت آھي رھبر لطيف جي ڪلام ۾ وحدانيت جي پرچار، وحدانيت جو درس ڪيترن ئي بيتن ذريعي ڏنو ويو آھي. ھن بيت ۾ رھبر لطيف درس ڏيندي اسان جي رھنمائي ڪندي چون ٿا تہ ھو (الله) ھڪ آھي ھن جو ڪو به شريڪ ناھي ھي وحدانيت واري ھيڪڙائي ئي حق آهي. واٽ بس اھا ئي آھي ان حق واري واٽ کان جيڪو ٻئي پاسي ويو، جنھن ٻي واٽ اختيار ڪئي، جيڪي وحدانيت کي ڇڏي ڪري ٻيائي کي ويجھا ٿيا سي گمراھ ٿي ويا، سي ڀلجي ويا.
**بيت جي شمارياتي سمري**
سٽون - 2
لفظ - 13
نقطن وارا اکر - 8
بغير نقطن وارا اکر -11
ڪل اکر - 19
ورجا سان ٽوٽل اکر - 44
سمجھاڻي، شمارياتي تحقيق، ترتيب، تحرير: صراط بلوچ