بيت 22 داستان 1 سر ڪلياڻ شاهه جو رسالو ترتيب غلام محمد شاهواڻي شمارياتي تحقيق، ترتيب، تحرير: صراط بلوچ پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَهيِن هُئا اڳِهيِن(اڳهم) گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا. ******** معنيٰ: اها رمز جي تون پروڙين ته جيڪو پڙاڏو آهي(اهو آواز جيڪو موٽي ٻڌجي) اهو دراصل سڏ آهي. اصل ۾ اهي گڏ هئا(هڪ ئي هئا، هڪ ئي آهي) پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا آهن. ********* سمجهاڻي: هي بيت وحدت الجودي نظريه واري سلسلي جي بيتن مان هڪ بيت آهي، جنهن ۾ رهبر لطيف آواز ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سندس پڙاڏي جو مثال ڏيندي اسان کي سمجهائن ٿا ته جڏهن سڏ ڪبو آهي ته نتيجي ۾ پڙاڏو پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن سڏ وارو آواز نه هجي ته پڙاڏو به پيدا ٿي نه سگهندو، پڙاڏو سڏ واري آواز جي موٽ آهي اصل ۾ پڙاڏو ڪا الڳ شيءَ ناهي پر پڙاڏو اصل ۾ سڏ ئي آهي. جيستائين سڏ وارو آواز مخفي آهي ته اهو هڪ ئي آهي پر جڏهن سڏ جو آواز نڪتو ته ان سان گڏ اسان کي ان جو پڙاڏو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو. هن بيت ذريعي اهو سمجهايو ويو آهي ته جيستائين ذات باري تعاليٰ جي ذات مخفي هئي ته بس اها هڪ ئي هئي.(حديث مبارڪ ۾ آهي ته پهرين خالق جي ذات هئي جڏهن ذات باري تعاليٰ چاهيو ته مون کي سڃاتو وڃي ته هن پنجتن جي نور کي خلق ڪيو ۽ ان بعد ٻئي مخلوق خلق ٿي.) جڏهن پنهنجي مخلوق کي پيدا ڪيائين ته ان بعد دوئي جو تصور پيدا ٿيوِ (هڪ خالق ٻي مخلوق) پر دراصل اها دوئي اسان کي سڏ ۽ پڙاڏو جي مثال ڪري ڀانئجي يعني اصل حقيقت هڪ ئي آهي. پر ظاهر ٿيڻ ڪري ٻه الڳ الڳ شيون محسوس پيون ٿين. اصليت هڪ ئي آهي ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا آهن. ********* لفظن جي معنيٰ: 1- پڙاڏو-پڙلاءُ(موٽ کائيندڙ آواز)، 2- ور-رمز، پيچ، 3- سڏ-آواز 4-لهين- سمجهين، پروڙين 5- اڳهين-اصل، اڳيئي، پھرين ******** **بيت جي شمارياتي سمري** سٽون 2 لفظ 15 نقطن وارا اکر 11 بغير نقطن وارا اکر 9 اکر 20 ورجاءُ سان ڪل اکر 41