سرڪلياڻ داستان 1 بيت 23 سمجهاڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سرڪلياڻ داستان 1 بيت 23
    شاهه جو رسالو ترتيب غلام محمد شاهواڻي
    شمارياتي تحقيق، ترتيب، تحرير: صراط بلوچ
    23
    ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون
    جيڏانهن ڪريان پَرکِ تيڏانهن صاحِبُ سامُهون.
    ******
    معنيٰ:
    محل هڪ آهي، جنهن کي درلک ۽ ڪروڙين دريون آهن. جتان به ڏسان اتان صاحب سامهون آهي.
    **********
    سمجهاڻي:
    هي بيت رهبر لطيف جي وحدانيت واري نظريه جي بيتن جي سلسلي جو بيت آهي. جنهن ۾ رهبر لطيف هڪ محل جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته هي ڪائنات هڪ محل مثل آهي جنهن کي لکين در آهن ۽ کيس ڪروڙين دريون آهن، جتان به ان محل ڏانهن نظر ڪجي ته هر جاءِ هر در هر دري مان صاحب سامهون آهي. هر طرف کان صاحب سامهون پيون نظر اچي.(هي ڪائنات سراسر خالق ڪائنات جي قدرت جو مظهر آهي. وڻ ٽن، زمين آسمان، خشڪي پاڻي، پکي پکڻ، مال متاع، انسان جانور سڀ جا سڀ خالق جي قدرت تي شاهدي ڏيندڙ آهن، هر شيءَ خالق جي تخليق آهي جنهن کي به ڏسبو ۽ غور ڪبو ته حقيقت انسان کي خالق ڏانهن متوجهه ڪندي. بس صرف حقيقي نظر سان، معرفت واري نظر سان ڏسڻ شرط آهي. اوهان کي هر طرف هرجاءِ تي صاحب( الله پاڪ جي قدرت) نظر ايندي.
    ********
    لفظن جي معنيٰ:
    1) ايڪ - هڪ، 2) قَصَرُ- محل، 3) ڪوڙين- ڪروڙين، 4) ڪَڻِسِ کيس، 5) ڳِڙکِيُون- دريون 6) َپرکِ- نظر
    **بيت جي شمارياتي سمري**
    سٽون 2
    لفظ 13
    نقطن وارا اکر 11
    بغير نقطن وارا اکر 12
    اکر 23
    ورجاءُ سان ٽوٽل اکر56
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو