• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرڪلياڻ داستان ٻيون بيت 1 سمجهاڻي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
سرڪلياڻ داستان 2 بيت 1
شاهه جو رسالو ترتيب غلام محمد شاهواڻي
شمارياتي تحقيق، ترتيب، تحرير: صراط بلوچ
******************************
اگهِي اَگهائي رَنجُ پريان کي رَسِيو
چَکِيَمُ چڱائي سورانگَهي سُورِيءَ تان.
*******معنيٰ
پرين کي پڻ ڏک پهتو منهنجي اڻ چاڪائي(بيماري) انهن در قبول پئي. سوري تي چڙهي صحت جو ذائقو ورتم.
******سمجهاڻي
تمام اعليٰ مفهوم و معني رکندڙ بيت جنهن ۾ رهبر لطيف ڪنهن عاشق ڪنهن اعليٰ منزل جي طالبو جو ذڪر ڪندي چون ٿا ته منهنج3 اڻ چاڪائي اگهامي وئي اڻ چاڪائي قبول پئي. جيستائين صحت مند هئس ته پرين مون کان بي پرواهه هئا پرين کي منهنجو ڪو به ڪهڪاءُ نه هو. جڏهن بيمار ٿيس، تڪليفون ويجهو آيون ، مصيبن منهن ڏيکاريو ته انهن ئي مون کي پرين جي در قبول ڪرايو. منهنجي اگهائي جي حالت پرين کي مون ڏانهن متوجهه ڪيو، منهنجي لاچاري، بيماري پرين کي به محسوس ٿي. جيڪا اڻ چڪائي واري منهنجي حالت هئي ڪيفيت هئي اها ڄڻ ته سوري مثل هئي ان ڪيفيت کي ائين چئجي ڄڻ سوري تي چڙهڻو پيو، سوري تي سوار ٿيڻو پيو. ان تڪليف مان گذري ڪري ان ڪيفيت مان پار پوڻ بعد ئي اصل چڱائي حاصل ٿي اصل چڱائي جو ذائقو نصيب ٿيو. بغير تڪليفن بغير پريشانين بغير مصيبن جي انسان کي سک جي قدروقيمت جي خبر ئي نه ٿي پوي. منهنجي اگهائي جا ٻه نتيجا نڪتا هڪ ته پرين مون ڏانهن متوجهه ٿيا ٻيو وري سکن جو قدر، صحت جي اهميت جو پتو پئجي ويو.
*******لفظن جي معنيٰ:
1)اگهِي-قبول پئي 2) اگهائي-ناچاڪائي، بيماري
3)رنجُ-ڏک،تڪليف 4)سورانگهي – اورانگهي، لنگهي
*****بيت جي شمارياتي سمري
سٽون 2
لفظ 11
نقطن وارا اکر - 7
بغير نقطن وارا اکر 8
اکر 15
ورجاءُ سان ڪل اکر 45
 
Back
Top