گهڻ صلاحيتو نوجوان ساجد مسڻ.. جنهن جي آجيان لاءِ سڀ رستا کليل آهن زرار پيرزادو On ستمبر 12, 2020 Share اڄ جا اُهي نوجوان جن جي گهڻ صلاحيتن کي ڏسندي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن تن مان ساجد مسڻ به هڪ آهي، جنهن جو اڄ جنم ڏينهن آهي. 12 سيپٽمبر 1990ع ۾ پيدا ٿيل هي ٻالڪ اڄ جواني جي هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي جتان روشني، خوشحالي ۽ ترقي جا سڀ رستا کيس ميڇون ڏئي پاڻ ڏانهن سڏي به رهيا آهن ته واجهائي به رهيا آهن. هي نوجوان هڪڙي ئي جنم ۾ الائي ڪيترن جنمن جيتري ڪم جي صلاحيت رکي ٿو. هن ۾ هڪ بهترين استاد ٿيڻ جي صلاحيت ته سمجهه ۾ اچي ٿي ڇاڪاڻ ته سندس والد تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو آهي جيڪو ساڳي وقت سندس آئيڊيل به آهي. سو هڪ رستو مستقبل جي استاد طور کيس پڪاري رهيو آهي. ساجد مسڻ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمنٽ جو سند يافته شاگرد هئڻ ناتي تمام وڏو سرڪاري آفيسر، بيورو ڪريٽ ۽ اعليٰ منتظم به ٿي سگهي ٿو، سندس ڪيريئر جو هڪ رستو ايڏانهن به وڃي رهيو آهي. سماجي خدمت ۽ غريب غربي جي مدد وارو به هڪ رستو ساجد لاءِ واجهائي رهيو آهي. هن ۾ سماج سڌارڪ جا به وڏا جراثيم موجود آهن. هي جيڪڏهن اين جي اوز جي کيتر ۾ هليو وڃي ته اِهو رستو به وڏي ڀاڪر سان سندس آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. “تصوف” سندس پسند جو موضوع آهي، ان رستي تي جيڪڏهن ساجد مسڻ هلي پوي ته هي صوفي فلاسافر به ٿي سگهي ٿو. سندس تقريرن ۽ ليڪچر ڏيڻ واري صلاحيت جو هڪ رستو ايڏانهن به ڪر موڙي رهيو آهي. ايڏين صلاحيتن سان مالا مال هن نوجوان ڪجهه عرصو پرائيويٽ ٽيچنگ جو به تجربو ڪيو آهي. پر وقت ۽ حالتن في الحال کيس پوليس ڊپارٽمنٽ جي حوالي ڪيو آهي، ان ۾ هڪ تمام وڏي، ذهين ۽ فرض شناس پوليس عملدار ٿيڻ جون به سڀ صلاحيتون موجود آهن. هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ ڏسجي ته هي هميشه پوزيشن هولڊر ۽ استادن لاءِ فخر جو سبب بڻيو آهي. هن ۾ هڪ ذهين، چالاڪ ۽ سڀني علمي سرگرمين چٽا ڀيٽين ۽ تقريري مقابلن ۾ نمايان رهندو آيو آهي. ۽ هيءُ هر معاملي ۾ نمايان ئي رهڻ چاهيندو آهي، هر خالي محاذ سنڀالڻ ۽ هر چيلينج قبولڻ جو خواهشمند رهيو آهي. علم ۽ عقل جي واڌ ويجهه جو قائل ۽ پانڌيئڙو رهيو آهي. ادبي ۽ علمي تقريبن، پروگرامن، سيمينار ۽ ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ کي پنهنجي بهترين ڪرت ڄاڻيندو آهي. ساجد مسڻ هڪ بهترين ڪمپيئر به ٿي سگهي ٿو، هو ليکڪ جي حيثيت ۾ به پنهنجو منفرد رستو ٺاهي سگهي ٿو، ڪالم نگاري کي سنجيده وٺي ته ان کي به نوان گس ڏيکاري سگهي ٿو. ان ۾ اهي سڀ صلاحيتون آهن جن جو هو نماءُ ڪندو به رهيو آهي. پر سندس جيڪا صلاحيت مون لاءِ ڇرڪائيندڙ رهي آهي سا آهي ميڊيا جو ماڻهو نه هوندي به سندس ميڊيا وارا پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪرڻ. هن کي صحافت جي ڪا به ڊگري ناهي نه ئي صحافتي اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو تجربو اٿس پر هن پنهنجي دلچسپي سان جيڪي به پريس ريليز يا رپورٽون لکيون، خط لکيا، مضمون ۽ شخصي خاڪا لکيا، ٻارن ۽ نوجوانن جا انٽرويوز ڪيا، سي پروفيشنل صحافين وانگر ڪيا. باوجود ان جي ته کيس ڪو صحافتي پسمنظر به ناهي. سو ميڊيا جو به هڪ رستو سندس لاءِ ٻانهون ڦهلائي بيٺو آهي. ننڍي کنڊ جي مشهور اداڪار اميتاب بچن کان هڪ انٽرويو ۾ پڇيو ويو ته جيڪڏهن کيس ٻيو جنم ملي ته ان ۾ به ڇا هو اداڪار ٿيڻ پسندو ڪندو ته اميتاب جواب ڏنو هو ته ٻئي جنم ۾ مان صحافي ٿيڻ پسند ڪندس. سو مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ ساجد مسڻ ڪنهن جنم ۾ ڪو ناليواري وارو صحافي هو جنهن جي جهلڪ سندس موجوده صحافتي ڪم ۾ نظر اچي ٿي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته اها سندس ڪيڏي نه غير معمولي صلاحيت آهي جنهن کي ڏسندي زندگي جا سڀ روشن رستا کيس ڀليڪار ڪرڻ لاءِ آتا آهن ۽ پاڻ کي اها پڪ آهي ته هي نوجوان جنهن به شعبي کي پنهنجي ڪيريئر طور چونڊيندو جنهن به رستي ڏانهن مڙي ويندو سو رستو کيس سندس اتانهين منزل تي ضرور رسائيندو.
ڊاڪٽر عبدالحميد جوڻيجو:سماج دوست ۽ محبتي مڻياردار ماڻهو! ساجد مسڻ الله سائين هر انسان کي قدرتي صلاحيتن سان مالامال ڪري پيدا ڪيو آهي، ڪي الله پاڪ جا ٻانها رب پاڪ جي ڏنل نعمتن کي ڀرپور استعمال ڪري وڏو نالو ڪمائيندا آهن ته ڪي وري جانور وانگر زندگي گذاريندا آهن، مطلب هو کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ سمهڻ ۽ نسل وڌائڻ کي ئي زندگي سمجهندا آهن. دنيا جي امير ترين ماڻهو بلگيٽس جو قول آهي ته "جيڪڏهن توهان غريب ٿي پيدا ٿيو ٿا ته اها توهان جي غلطي ناهي، پر جيڪڏهن توهان غريب ٿي مرو ته اها توهان جي غلطي آهي"؛ انهيءَ قول کي ذهن ۾ رکندي ڊاڪٽر عبدالحميد جوڻيجو زندگيءَ ۾ وڏي محنت، جاکوڙ، جدوجهد ۽ جستجو ڪئي آهي، سندس شروعاتي وارو وقت ڏاڍو غربت وارو گذريو آهي، پر مسلسل محنت و مشقت واري عمل سان اڄڪلهه پاڻ مڇي ماني لائق آهي. تڏهن ته اهڙن ڪردارن لاءِ شاھ صاحب فرمايو آهي ته کَرِڪَڻا لَاهَي، سُکُ نه سُتَا ڪڏهِين، اَوسِيئَڙَو آهَي،کَاهَوڙِيُنِ کي پَنڌَ جَو. انسان اهو آهي، جيڪو ٻين ڪارڻ جيئي، جيڪو ٻين جي ڪم اچي، جنهن جي عمل مان ٻين کي فائدو رسي، جنهن جي زندگي ٻين لاءِ مثال بڻجي، جيڪو ٻين جي خوشيءَ جو سبب بڻجي، جنهن کي ٻين جي خوشيءَ جو احساس هجي، جيڪو پنهنجون خوشيون ترڪ ڪري، ٻين جي غمن ۾ پهچي، هونهن به چيو ويندو آهي ته زندگي سائنس جي وصف وانگر نالو ئي مشاهدن ۽ تجربن جو آهي، پر وڏڙا چئي ويا آهن ته ابا علم تجربي جي اڳيان ٻار آهي، يعني اسان کي جيترو به علم هجي پر تجربي واري انسان اڳيان اهو بيڪار آهي، بي معني آهي، بي مقصد آهي، ڪنهن ڪم جو ناهي، ڇاڪاڻ جو اسان کي تجربو ناهي. خوشي انهيءَ ڳالھ تي ٿيندي آهي جو پاڻ انسان دوست ۽ سماج دوست ڪردار رهيو آهي. پاڻ غريبن، مسڪينن، مستحقن،بي پهچ ماڻهن، عزيزن، عقاربن، مٽن مائٽن کي ڏکي وقت ۾ ناهي ڇڏيندو، جڏهن به کيس کي ڪنهن مظلوم يا مستحق جي پيڙاه جي خبر ملندي ته بنا دير جي انهن وٽ پهچي ويندو آهي ۽ سندن مسئلا حل ڪندو آهي توڙي جو کيس ڪيترا به پئسه ڀرڻا پون. انهيءَ ڳالهه تي مونکي خوشي به ٿي ته فخر به، جڏهن پاڻ ڪراچي کان لاڙڪاڻي آيو هيو، سندس اها خواهش هوندي آهي ته پاڻ وڏڙن کان ڪجهه سکجي، وڏڙن جون ڳالهيون، ريتون، رسمون ۽ رواجن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪجي، انهيءَ تڙپ جي ڪري پاڻ پنهنجي وڏي سوٽ الهداد عرف دادن جوڻيجو کي چيائين ته ڇڏ يار اڄ دڪان کي، ويھ ته ڪچهري ٿا ڪيون، آءُ ڪراچي کان آيو آهيان ۽ توهان وري دڪان کولي ويهندو، تنهن تي دادن فقير مرڪي چيو ته يار ٻه ٽي روپيه ملي وڃن ها ته اڄ ڏينهن سجايو ٿئي ها، تنهن تي پاڻ مرڪندي چيائينس ته خير آهي ٻن ٽن روپين جو، الله وڏو آهي، فقير دادن به توڪلي ماڻهو هو، انهيءَ به چيو ته ڀلا ماشاءالله ويھ ته ڪيون ٿا ڪچهري. جڏهن شام جو وقت ٿيو ته ڊاڪٽر عبدالحميد جوڻيجو کيس سڄي ڏينهن جو معاوضو ڏنو ته هي توهان جي دڪان جي سڄي ڏينهن جي ڪمائي آهي،(اهو معاوضو سڄي ڏينهن جي ڪمائي کان گهڻو هيو)، انهيءَ عمل تي فقير دادن ڏاڍو خوش ٿيو. سچ پچ اسان کي به انهيءَ عمل تي ڏاڍي خوشي سان گڏ فخر پڻ ٿيو. سندس طبيعت مظلومن جو ساٿ ڏيڻ، ظالم سان ٽڪراءُ کائڻ،غريبن ۽ يتيمن سان گڏ بيهڻ کي هو پنهنجي زندگيءَ جو اصول سمجهندو آهي. سندس زندگي تجربن سان ڀري پئي آهي، پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ٻاهرين ملڪن ۾ رهيو آھي،جن ۾ ايران، دبئي، روس، ازبڪستان،انڊونيشيا، ملائيشيا ترڪي ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. ٻولين ۾ پاڻ سنڌي، اردو،پنجابي، سرائڪي، ڪڇي انگريزي کان علاوه بلوچي ٻولي به چڱي طرح ڄاڻيندو آهي. سندس ٻي شادي ايران مان ٿيل آهي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي. سندس هي خاصيت اسان کي ڏاڍي متاثر ڪندڙ هوندي آهي ته پاڻ جنهن سان به ملندا آهن ته سندن ٻوليءَ ۾ ئي ڳالھ ٻولهه ڪندا آهن، ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته سندن اها ئي مادري زبان آهي، جنهن ۾ هو روانگيءَ سان ڳالهائيندو آهي. پاڻ فطرتي نظارن ۽ مخلوق سان پيار ڪندڙ اعلي انسان آهن، گهر ۾ گل ٻوٽا پوکڻ، جانور پالڻ، انهن جي چڱي طرح سار سنڀال لهڻ، انهن کي وقت تي کاڌو خوراڪ ڏيڻ، وهنجارڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ سندن مالڪي ڪرڻ سندس ڪرت ۾ شامل آهي. نه صرف ايترو پر سندس پاليل جانورن سان به بي حد پيار به ڪندو آهي، ايتري قدر جو انهن سان گڏ سمهي به پوندو آهي، ڇيلڙن کي ڀاڪر پائي انهن سان ڳالهايون ڪرڻ، پيار ڪرڻ، توڙي جو اهي ڇيلڙا ڪڏهن ڪڏهن سندس جهولي ۾ پيشاب به ڪندا اٿس،پر ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪندو آهي. جڏهن سندس مهمان ساڻس موجودگي جو پُڇندا آهن ته کين اهو ٻڌايو ويندو آهي ته جانورن جي وٿاڻ تي کيس ڳولهيو، اتي ئي هوندو، جڏهن اهي مهمان پيرا کڻي وڃي کيس اتي ڏسندا آهن ته هو جانور سان پيار ڪندي نظر ايندو آهي. سندس شخصيت جو چٽو پاسو يا حوالو پنهنجي مرشد ڪريم سان بي پناهه محبت ڪرڻ آهي،ڇاڪاڻ جو سندس وڏڙا پيڙهين کان درگاھ عاليه لواري شريف جا سچا مريد، مجاهد ۽ خادم رهندا آيا آهن، سندس روحاني تعلق اڄ تائين درگاھ عاليه لواري شريف سان جڙيل آهي. جڏهن به کيس ڪا سڌ پوندي آهي ته منهنجا مرشد ڪريم رحيم جن هتي آيا آهن ته پاڻ اڏامي اچي اتي پهچندا آهن، سندن هر شيءَ مرشد ڪريم جي طرفان مليل نعمت ۽ رحمت سمجهندو آهي ۽ هر شيءَ مرشدن ڪريمن تان قربان ڪري ڇڏيندو آهي. پاڻ مرشدن ڪريمن جي خليفن، مريدن،معتقدن ۽ عقيدتمندن سان به وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملندو آهي، انهن کي به جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي. جڏهن به پاڻ مرشدن ڪريم لواري شريف واري يا سندن جي پار جي ڪا خبر ٻڌندو آهي ته سندس يڪدم توجهه ڇڪجي ويندو آهي، ٻيا سڀ ڪم بند ڪري پنهنجو مڪمل ڌيان ۽ ايمان ڳالھ ڪندڙ ڏانهن ڪندو آهي. سندن مرشد ڪريمن سان وفاداري جو اهو ئي ثبوت ڪافي آهي ته پاڻ هر عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاهه عاليه لواري شريف، درگاهه عاليه قاضي احمد ۽ اسلام ڪلب ڪراچي فيملي سميت پهچي ويندو آهي ۽ مرشدن ڪريمن جي ديدار پاڪ لاءِ پيو واجهائيندو آهي. پاڻ صحبت به جماعت لواري شريف وارن مريدن ۽ معتقد سان گهڻي ڪندو آهي، ٻين سان ملڻ بدران پنهنجي طريقتي دوستن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهي. پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت بلوچستان ۾ گذاريو آهي، کيس بلوچستان جي جاگرافي جي به ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، پاڻ جڏهن ڪراچي کان نڪرندو آهي ته حب سٽي، گڊاني (بندرگاه) کارڻي سٽي، وندر سٽي، اوٿل، لسبيله، جائو، وڍ، خضدار، قلات، مستونگ، تربت، جيوڻاڻي ۽ گوادر تائين سڀئي شهر گهمندو آهي ۽ جماعت وارن سان صحبت اختيار ڪندو آهي. سندس پسنديده موضوع تصوفِ لُواريه آهي، پاڻ طريقتي ڪچهري ڪرڻ جو ڪوڏيو آهي، پاڻ تصوفِ نقشبنديه جي علم جو پانڌيئڙو آهي. ڊاڪٽر عبدالحميد جوڻيجو پيشي جي لحاظ کان هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر آهي، پاڻ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ چيف ڊسپينسر 16 گريڊ جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتي آهي. اڄڪاله پاڻ پنهنجي زندگي سير و سفر ۾ سيلاني فقيرن وانگر گذاريندو آهي، پنهنجن همعصرن سان روح رهاڻ ڪرڻ، مٽن مائٽن سان قرب ڀريون ڪچهريون ڪرڻ، ننڍن سان پيار ۽ شفقت سان پيش اچڻ، ڪاڏي به ويندو آهي ته پنهنجي ڪار ٻارڙن سان ڀري نڪرندو آهي، ڪنهن کي به جواب ناهي ڏيندو ته مون وٽ جاءِ ناهي. سندس آخري خواهش آهي ته پاڻ ٺٽي شهر ۾ رهائش پذير ٿئي، جو اتي سندن مرشدن ڪريمن جو در آهي ۽ کيس صبح شام ديدار نصيب ٿيندو. اسان جي دعا آهي پاڻ ھميشه جيان وانگر انسان ذات جي خدمت ڪندا رهن ۽ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي مالڪي ڪرڻ واري جذبي سان اڳ کان اڳڀرا رهن. جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو، جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو، مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جيڪو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.