چانڊڪا پرڳڻي جي باصلاحيت نوجوان شخصيت ساجد مسڻ نور محمد ڦرڙو سنڌ جنھن کي دنيا جي تهذيب جي ماءُ سمجهيو وڃي ٿو جتان تاريخ، تهذيب،ثقافت، تمدن، آرڪيالاجي، هنرمندي سان گڏوگڏ علم وادب جا اعليٰ مثال ملن ٿا. جاگرافيائي لحاظ کان يا تاريخي حقيقت ۽ حيثيت سان ڏسجي ٿو ته سنڌ جي مختلف پرڳڻن سان سنڌ جي تهذيب تاريخي حوالن سان ڀري پئي آهي. جنهن مان چانڊڪا پرڳڻي کي نمايان حيثيت حاصل آهي. جنهن جي شاهد موئن جي دڙي جي هزارين سالن تي ٻڌل تاريخ آهي، جنهن جي تعريفن جا ڍُڪ دني جي وڏن وڏن اسڪالرن ۽ تاريخدانن ڀريا آهن. چانڊڪا پرڳڻي جو بنياد ارغونن جي دور ۾ پيو. هن پرڳڻي جون حدون ڪڪڙ، دادو، ڪاڇي، لاڙڪاڻي، قنبر، شهداد ڪوٽ ۽ سکر تائين ڦهليل آهي، هي پرڳڻو عبدالرحيم خان خانان، آدم شاه ڪلهوڙي کي دعائن ڏيڻ ۽ فتحون حاصل ڪرڻ جي سبب ڏنو هو. جنهن کان پوءِ ڪلهوڙن جي حڪمران ميان شاهل 1550ع ڌاري گهاڙ واه جي ڪپ تي ميان شاهل جي مريدن مان لاڙڪ قبيلي جا ماڻهن هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٻڌو جنهن کان پوءِ هي پرڳڻو چانڊڪا مان لاڙڪاڻي طور مشهور ٿي ويو جيڪو تاريخي طور اصل ۾ چانڊڪا آهي جنهن جي جاگير پڻ چانڊيا قوم وٽ اڄ به آهن اهڙي تاريخي خطي مان نوجوان ليکڪ، بهترين ڪمپئئرنگ ڪندڙ نوجوان باصلاحيت شخصيت ساجد مسڻ به هڪ آهي. پيدائش : ساجد مسڻ ولد مٺل خان مسڻ پيدائش 12 سيپٽمبر 1990ع تاريخي ڳوٺ چنهڙ، تعلقه نصيرآباد ،ضلع قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٿي. تعليم : ساجد مسڻ شروعاتي تعليم پنهنجي والد مشهوراستاد مٺل خان مسڻ وت پرائمري اسڪول چنهڙ مان حاصل ڪئي.جڏهن ته مئٽرڪ 2006ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان حاصل ڪئي، انٽر 2008ع ۾ ڏوڪري سائنس ڪاليج مان پري انجنيئرنگ مان حاصل ڪئي. بي ڪام 2010ع ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪري، ايم اي انگلش 2012ع شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڊگري حاصل ڪئي. جنهن کان پوءِ ماسٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس 2015ع مان ڪئي. خاندان: ساجد مسڻ جو خاندان تعليمي شرافت توڙي علم و ادب جي لحاظ کان پنهنجي علائقي ۾ نيڪ خاندان مشهور هو جنهنڪري جوڻيجا قوم جي نيڪ مرد، جماعت لواري شريف جي معزز شخصيتن سان سندس خاندان جاگهرا ناتا رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو جوڻيجن جي ڳوٺ چنهڙ ۾ رهڻ ڪري سندس والد درگاھ عاليه لواري شريف جو مريد ٿيو، جنهن ڪري حضرت سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان قدس سره جي مشهور ثناگر شاعر عبدالغني جوڻيجي هن کي پنهنجي نياڻي ڏني، سندس سهري جي محبت جي اثر ڪري هي وڌيڪ درگاه لواري شريف سان محبت ڪرڻ لڳو، جنهن جو اثر ساجد مسڻ ۽ سندس سڄي خاندان تي اڄ به آهي. جنهن ڪري سندس خاندان اڄ به موجوده گادي نشين حضرت قبله پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن سان انتهائي گهڻي عقيدت رکن ٿا جنھن جي ڪري ساجد مسڻ جماعت لواري شريف جي تنظيم ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف جو باقاعدي ميمبر2008ع۾ ٿيو. ناجيه شاگرد تنظيم(نشات) جو بحيثيت ميمبر: ساجد مسڻ ڪاليج جي پڙهائي دوران سال 2008ع ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري ضلعي لاڙڪاڻي، يونٽ ڏوڪري جو بنيادي ميمبر ٿيو. سندس بهترين ڪارڪردگي جي ڪري تنظيم جي هيٺين عهدن کان مٿين عهدن تي فائز رهيو آهي .کيس 2012ع۾ بهترين پريس سيڪريٽري جو ايوارڊ تنظيمي ليول تي مليو هو، جنهن کان پوءِ نشات تنظيم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي به رهيو آهي. نشات اسٽوڊنٽس ويلفيئر ۽ ٽريننگ ڪميٽي طرفان استاد جي حيثيت سان نشات جي شاگردن کي ٽريننگ ڪرائيندو رهيو آهي جنھن جون خدمتون اڃا به باقاعدي طور تي ناجيه شاگرد تنظيم جي ڪئمپن ۾ ليڪچرار جا فرائض ڏيندو پيو اچي. ادبي دنيا ۾ لکڻ پڙهڻ جوسلسلو: ساجد مسڻ لکڻ جو سلسلو2008ع کان شروع ڪيو، شخصيتن تي خاڪا، سوانح حيات، ڪتابن تي جائزا، وغيره تي مختلف اخبارن رسالن ۾ باقاعدي لکندو پيو اچي سندس هن وقت به مواد اڻ ڇپيل ٻه ٽن ڪتابن تي مشتمل موجود آهي هي هر وقت پنهنجي قلم جي ذريعي مظلومن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ دو رهي ٿو سندس اهاڪِرت گهڻي وقت کان هلندي پئي اچي بقول شاھ لطيف جي پاڻهي ايندم هوت پر آءُ به ته اڳڀري ٿيان متان چوي ۾ خان بلوچ ڪميڻيء مان ڪين ٿيو . مصروفيتون : ساجد مسڻ هي اهڙو نوجوان ليکڪ آهي جنھن جو مطالعو مختلف موضوعن تي آهي جنھن ڪري سندس لکڻين ۾ تصوف، تاريخ، سوشلزم، ڪميونزم، شاعري جهڙا موضوع سندس لکڻين جا پسند جا موضوع رهيا آهن خاص طور تي تصوف لُواريه سندس پسند جو موضوع آهي. ان کان علاوه پاڻ غريبن، مسڪينن، بي پهچ ماڻهن جي واهر ڪرڻ، ڏکي وقت ۾ انسانيت جي خدمت ڪرڻکي پنهنجو نصب العين سمجهندي عام انسان جي خدمت ڪندو رهندو آهي .جنهن جو خاص سبب درگاھ لواري شريف جي گادي نشينن جي ڏنل سبق انسانيت جي ڀلائي وارا سبق شامل آهن جنهن لاءِ حضرت سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان قدس سره جي هن قول تي هل دي پنهنجي زندگيءَ بسر ڪري ٿو "معراج واري رات سواء انسانيت جي ڪو ٻيو پردو نه رهيو" سلسلي ۾ زهين ٻارڙن کان انٽرويو وٺڻ، سندس حوصلا افزائي ڪري، همت افزائي ڪرڻ ۽ انهن کي حوصلو ڏيڻ سندس ذاتي مصروفيتن ۾ شامل آهن. سماجي تعلقات ۾ ايترو ته اڳڀرائي ڪندو آهي جو جيڪڏهن رستي ويندي ماڻهن کي بريڪ ڏئي گاڏي تي کڻڻ کان به هيڙي دجالي دور ۾ نه گهٻرائيندو آهي . ڪنهن جو پيٽرول ختم ٿي وڃي، ان کي اتي پئٽرول ڏيڻ، جيڪڏهن ڪنهن جي موٽر سائيڪل پنچر ٿي پئي هجي ان سان فيملي ساڻ هجي ته ان کي بنا سڃاڻپ جي ئي پنهنجي موٽر سائيڪل ڏيڻ ۽ انهن جي گاڏي پاڻ ڪاهي پنچر ڳنڍرائي متاثر ماڻهن کي ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل وٺي پوءِ پان پنهنجي منزل طرف روانو ٿيندو آهي پاڙي وارن جي جائز مدد ڪندو آهي. جنهن ڪري سڄي پاڙي ته ڇا پنهنجي شهر ۾ هر هڪ کيس عزت جي نگاه سان ڏسندو آهي. وات ويندي جنهن سان به مسئلو هجي، ان سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ، جهڙا ڪم ڪرڻ لاءِ ڪير به کيس ڪنهن ڪم لاءِ چوندو آهي ته ان کي جواب ناهي ڏيندو. خاص طور تي غريب شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙهائڻ، غريب شاگردن کي ليڪچر ڏئي تعليم لاءِ اتساهڻ وغيره. ۾ ڪٿي به پٺتي نه هٽندو آهي سندس کان جڏهن ان سلسلي ۾ پڇيو ويو ته آخر توهان جو ايترو سماجي ڪمن ۾ مصروف رکڻ جو خاص سبب ڪهڙو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ چيائين ته منهنجي مرشد درگاھ لواري شريف جي موجوده گادي نشين حضرت قبله پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جو هي قول مونکي متحرڪ ڪري ڇڏي ٿو "مون کي ان وقت انتهائي گهڻي خوشي ٿيندي آهي جڏهن منهنجو مريد ڪنهن نه ڪنهن سماجي ڪم ۾ مان مصروف ڏسندو آهيان" ساجدمسڻ جي اهڙي ئي عمل لاءِتي علامه سقبال جو هڪ شعر آهي عمل سے زندگی بنتی جنت بھی جہنم بھی، یے خاکی اپنی فطرت میں نہ نوری ھے نہ ناری بے (علامہ اقبال) ادبي دنيا: ساجد مسڻ ادبي دنيا م پنهنجي سٺي ڪردار جي ڪري تمام گهڻو مقبول آهي ادبي لڏي م هلند ي ڪتابن تي جائزو ضرور وٺندو آهي. پيار سان رهڻ،محبت ڏيڻ وٺڻ. عزت ڪرڻ، ڪرائڻ وارو ماڻهو آهي. ادبي پروگرامن ۾وڏا وڏا پروگرام منعقد ڪرڻ سان گڏوگڏ اديب مقالا لکڻ.۽ بهترين اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سر انجام ڏيندو آهي جنھن جو خاص سبب ننڍي هوندي کان ئي هر پروگرام ۾ سدائين پهرين پوزيشن کڻندو آيو آهي. يونيورسٽي ليول تائين تقريرون ڪندي اول نمبر حاصل ڪندو رهيو آهي ادبي تعلقات، سماجي تعلقات: ساجد مسڻ جا ادبي سماجي تعلقات ناليوارين شخصيتن، عالمن اديبن اسڪالرن سان آهن جنهن ۾ ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر رضوان گل، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، سائين بخش قبولائي، ڊاڪٽر شرف الدین ٽالپر، اسڪالر نور محمد ڦرڙو ضراب پيرزادو فقير محمد سنڌي، مشتاق بخاري محمد عيسيٰ ميمڻ وغيره شامل آهن. ساجد مسڻ هن وقت پنهنجي نوڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ايمانداري سان ڪري رهيو آهي. سندس طبيعت ۾ سادگي علم شناسيءَ هئڻ ڪري ڊپارٽمينٽ ۾ پڻ هن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو سندس جنم ڏينهن ڏينهن تي هي مختصر مضمون لکندي هن نوجوان جي علمي ادبي خدمتن کي ڏسندي خاص طور سوشل ميڊيا تي سندس ڇپيل مضمونن کي پڙهڻ کان پوءِ يقين ٿي وڃي ٿو ته ساجد مسڻ جهڙا باشعور اسان جي ملڪ ۽ قوم ۾ موجود آهن ته هن ملڪ ۽ قوم جو نالو هڪ ڏينهن دنيا جي مڃيل قومن ۾ ضرور ٿيندو ۽ اسان جي ٻولي ۽ ادب دنيا جي وڏن ادبن ۾ ضرور شامل ٿي ويندو ۽ اسان پنهنجي اوچو ڳاٽ ڪري هلنداسين، جنهن ۾ ساجد مسڻ جهڙا باشعور نوجوان علم ادب سان گڏوگڏ سماجي ڪردار ۾ پڻ اعليٰ مقام رکندا هجن ته پوءِ يقيني طور اسان ان منزل تي ضرور پهچنداسين جنهن جي منزل هنن نوجوانن سان محبت ڪرڻ جي صورت ۾ بقول لطيف جي محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھائيو. (شاه لطيف)