وڏيرو خدا بخش جوڻيجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڪو ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو!

    ساجد مسڻ

    وڏيرو خدا بخش جوڻيجو خان املھ ڪردار

    جڏهن کان مان سماجي طور اٿڻ ويهڻ، لکڻ پڙهڻ ۽ ماڻهن جي نظرين، عملن، فعلن ۽ قولن کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته هن وقت تائين مون کي ائين ئي لڳو آهي ته ماڻھو چوندا هڪڙو آهن ۽ ڪندا ٻيو آهن.
    جڏهن ته حضورِ سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفي' ﷺ جو قول مبارڪ آهي ته "ماڻهن سان اها تبليغ ئي نه ڪيو، جنهن تي توهان عمل نه ٿا ڪيو" انهيءَ قول تي جڏهن مان غور و ويچار ڪندو آهيان ته مونکي پنهنجو چاچو خدا بخش جوڻيجو جي زندگيءَ وارو نمونو ياد ايندو آهي.

    هن وقت تائين مان جن به "وڏن ماڻهن" سان مليو آهيان ته انهن ۾ اڪثريت خود ثنائي ڪندڙ ۽ هر وڏو ڪم ۽ ڪارڪردگي مفت ۾ (بنا تڪليف جي) پنهنجي نالي ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪندڙ ڏٺا آهن.

    مونکي حيرت لڳندي اٿم ته مون وارو چاچو الائي ڇو ڏکيو ڪم به پنهنجي حصي ۾ کڻندو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ وري خود ثنائي ڪندڙن جي نالي ڪندو آهي،ان راز جي مونکي اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي.
    هن کي ڪنهن به قسم جي نه سستي شهريت جو شوق آهي، نه ئي پاڻ وڻائڻ جي ڪا عادت ئي اٿس.

    پنهنجي دنيا ۾ مصروف رهندڙ هي خوددار، ڏاهو ۽ پنهنجي اصولن جو مالڪ ٻين کان مختلف انسان، ڪنهن کي پاڻ سمجهڻ به ناهي ڏيندو، پر جيڪڏهن ڪير خوش قسمتي سان هن کي سمجهي به ويو ته اهو ماڻهو هن کان ڪڏهن به پري نه ويندو نه ئي هن کان پاڻ کي زندگي ڀر الڳ رکندو.
    سندس طبيعت جو هي پهلو بظاهر گهڻن ماڻهن کي نه به وڻندو هجي پر پاڻ پنهنجي اصولن جي سوديبازي هر گز ناهي ڪندو؛ مثال طور دوستن جي دوستن سان نوان تعلق رکڻ، نئين ماڻهوءَ سان جلدي فري ٿيڻ، ان سان تعلقات وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ، دنيا جي ڪنهن وڏي ماڻهو سان تڪڙو ملڻ يا ان وٽ هلي وڃڻ، غير ضروري خرچ ڪرڻ يا ڏيکاءُ ۽ سکڻي خوشامند ڪرڻ، ڪنهن جون دعوتون ڪرڻ يا پاڻ وڙائڻ جي غير ضروري ڪوشش ڪرڻ وغيره واريون خوبيون هن ۾ شامل آهن.

    جڏهن ڪنهن حقيقي ضرورتمند ۽ مجبور انسان کي مصيبت يا پريشاني ۾ ڏسندو آهي ته انهن جي خدا ڪارڻ مدد ڪندو آهي، سندس اهڙو نظريو "نيڪي ڪري کوه ۾ وجهه" قابل داد ۽ قابل فڪر ۽ قابل ذڪر آهي.
    شروع وارن ڏينهن ۾ مان جڏهن هن کي ڏسندو هيس ته پاسو ئي مٽائي ويندو هيس، هن کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي، گهران ئي نڪري ويندو هيس، صرف ان ڪارڻ ته هي ابتا سبتا سوال ڪري پرکيندو هيو ته هن ۾ ڪيتري برداشت آهي، ڪيترو صبر آهي، وقت ۽ حالات کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي.
    پاڻ يارن جو يار آهي،دوستن جو وقتائتو ۽ مهلائتو مددگار ثابت ٿيندڙ انسان آهي. وڏن جي عزت ڪرڻ ۽ ننڍن جو ڀرم رکڻ ڪير هن کان سکي.
    سندس پهلو جا ٻيا ڪيترائي ئي حوالا آهن،جن تي لکي ۽ ڳالهائي سگهجي ٿو.

    اڄ سندس جنم ڏينهن آهي،جنم ڏينهن جي موقعي تي سندن لاءِ کوڙ سارين دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو دلي اظهار ڪجي ٿو. اميد ڪجي ٿي ته پاڻ ھميشه وانگر غريبن ۽ ضرورتمندن جي واهر ڪندو رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو