يوم سهداءِ سنڌ پوليس

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ساجد مسڻ

    اڄ جو ڏينهن 4 آگسٽ جو ڏينهن آهي،هي ڏينهن پوليس جي انهن دليرن، جوڌن، جوانن،سپوتن،بهادرن ۽ سورمن سنڌ پوليس جي آفيسرن توڙي جوانن جي نانءُ آهي، جن پنهنجي قيمتي زندگي، جيڪا صرف هڪ دفعو ئي ملي ٿي، هن پياري ملڪ پاڪستان ۽ هن ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني عوام جي خاطر شهادت جو جام پي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ڪردار بڻجي ويا آهن.

    اسان جي هن سماج ۾ ڪجهه مخصوص ذهن ٺهيل آهن، جيڪي غير ضروري تنقيد جا هيراڪ بڻيل آهي، ائين کڻي چئجي ته جڏهن هو ڪنهن فرد يا اداري تي جڏهن اجائي سجائي تنقيد جا تير ناهن وسائيندا ته سندن کاڌو ئي هضم ناهي ٿيندو، ڇاڪاڻ جو غير ضروري تنقيد ڪرڻ سندن ڪرت ۾ شامل ٿي چڪو آهي.،اهڙن ماڻهن کي هر هنڌ اونده، نااميدي، مايوسي ۽ نفرت انگيز عمل ئي نظر ايندو آهي.

    اسان هميشه پنهنجو نامناسب، غير ضروري ۽ غير اهم بچاءُ هي جملو چئي ڪندا آهيون ته "مان سچ ٿو ڳالهايان انڪري ڪنهن کي نه ٿو وڻان".
    اهڙي قسم جي ماحول ۽ سوچ جي عڪاسي ڪندڙ سنڌ جو تعليم دان استاد مٺل خان مسڻ ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته :
    "اسان سچ چوڻ بدران سچ ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ سکي وٺون ته ڪيترا نه ڪامياب ٿي وڃون".

    سو اسان هميشه پاڻ سُڌارڻ بدران ٻين کي خراب چوڻ يا ثابت ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن دير جي سرٽيفيڪيٽ ڏئي ڇڏيندا آهيون،جيڪو سراسر غلط عمل آهي.
    پوليس ڊپارٽمينٽ کي جيڪڏهن اسان اسلامي نقطه نگاهه کان ڏسون، پرکيون يا جانچون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هن محڪمي کي" عدل و انصاف ڏيڻ جو محڪمو يا نظام" چئبو آهي. جنهن جو بنياد اسلام جي ٻئي عادل خليفي حضرت عمر فاروق رضه وڌو ۽ پنهنجي دور حڪمراني ۾ اهڙي طريقي سان ثابت ڪري ڏيکاريو جو پوري روءِ زمين تي باقاعده عدل و انصاف وارو ماحول پيدا ٿي چڪو هو، ايتري قدر جو پاڻ هن دنيا ۾ اڄ تائين عادل، حق پسند ۽ اصول پرست حڪمران طور ملڪان ملڪ مشهور آهن.

    خير اچون ٿا پنهنجي اصل موضوع شهداءِ سنڌ پوليس ۽ اڄ جي پوليس ڏانهن ته اسان جي سنڌ پوليس جي جوانن پنهنجن قيمتي جانن جا نظرانه ڏئي ھن ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اسان هن ملڪ ۾ آزاديءَ سان بنا ڪنهن ڊپ جي گهمي ڦري سگهون ٿا.
    سنڌ پوليس جي بهادري جو هي مثال تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکجي ويو آهي، جڏهن ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ڪميشن تي ڪالعدم تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي طرفان ڪيل دهشتگردي کي سنڌ پوليس جي شاخ ريپڊ ريسپانس فورس (آر-آر-ايف) منهن ٽوڙ جواب ڏئي دشمنن جي ڪمزور ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو،جنهن عمل تي قوم کي اڄ به پنهنجي جوانن (سنڌ پوليس) تي فخر آهي.

    سنڌي ۾ چوڻي آهي ته هٿ جي پنجن آڱرين ۾ به سندو آهي يعني' اهي پنج آڱريون به برابر ناهن، مڃون ٿا ته پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪارون رڍون به موجود آهن،پر سڀني لاءِ گڏائي اجتماعي طور هڪ راءِ قائم ڪرڻ به ته سراسر غلط آهي، يا وري اسان (عوام) پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سڀني آفيسرن ۽ جوانن مان اها ساڳي اميد رکون ته سڀ هڪجهڙا آهن ته اها به اسان جي سوچ جي گهٽتائي چئبي.

    اها عالمِ آشڪار حقيقت آهي ته فورس جي نوڪري ٻين سڀني نوڪرين کان ڏکي، گهڻو وقت وٺندڙ ۽ ٿڪائيندڙ نوڪري آهي، جنهن ۾ قانون مطابق فورس جي نوڪري ڪندڙ ملازم 24 ڪلاڪن تائين ٻڌل هوندا آهن.

    ظاهر آهي فورس جي نوڪري ڪندڙ به هن سماج جا فرد آهن، هن سماج جو حصو آهن، انهن کي به جذبا آهن، اهي به خواهشون رکن ٿا، اهي به هن سماج ۾ عزت آبرو ۾ برابر جا شريڪ آهن،جيڪڏهن انهن جي عزت النفس ۽ جذبن کي اسان مجروح ڪنداسين ته سامهون ڪو ته ردِ عمل ضرور ايندو نه...

    جيڪڏهن اسان پوليس جي آفيسرن توڙي جوانن سان خوش اخلاق ۽ خوش گفتار سان پيش ايندا سين ته اهڙي عمل سان اسان کي جيءَ ۾ جايون ملنديون، ضروري قانوني ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ اسان کي (عوام) کي باعزت طريقي سان آزاد ڇڏيو ويندو، ڇاڪاڻ جو پوليس جو اولين فرض ئي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي.

    پوليس جا جوان جڏهن توهان کي هٿ ڏئي بيهارن، توهان جي چيڪنگ ڪن ته توهان انهن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ قانوني طور پابند پڻ آهيو.

    توهان کي پنهنجي ۽ سامان جي چيڪنگ ڪرائڻ گهرجي، ان قانوني گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ توهان کي معتبرائپ يا هٺ ڌرمي ڏيکارڻ جي ڪائي ضرورت ڪانهي، جيڪڏهن اتي توهان اره زورائي، بداخلاقي، بد انتظامي ۽ بد نظمي جهڙو ماحول پيدا ڪيو ٿا ته ان عمل جا اوهان (عوام) پاڻ ئي ذميوار آهيو، نڪي پوليس فورس جو عملو، اهڙي ناسازگار ماحول پيدا ڪرڻ کانپوءِ ظاهر آهي ڪجهه ته رد عمل ايندو.

    پوليس جڏهن پنهنجون سڀ قانوني گهرجون پوري ڪري توهان کي باعزت طريقي سان ڇڏي ٿي ته ان عمل پٺيان اوهان جو وري اجايو ۽ غير ضروري رينگٽ اچڻ اھو اوهان جي سکڻي انا جي ثابتي ڏئي ٿو ته پوليس اسان کي ڇو بيهاريو، اسان جي ۽ اسان جي سامان جي چيڪنگ ڇو ڪئي؟ اهڙي عمل کانپوءِ هر باشعور ۽ باذميوار فرد نندا ڪندو آهي.

    حقيقت ته ڏسو ته هن ڪرونا جهڙي موذي مرض واري ماحول ۾ سخت گرميءَ هجڻ جي باوجود ڏسو ڪئين پوليس وارا گرم ورديون ۽ لانگ بوٽ پائي هن ملڪ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن، اوهان (عوام) وري گهري ۽ بي ڊپ سڪون واري ننڊ ستل آهيو.

    پوليس ۾ ھزارين فرشتا صفت انسان پڻ موجود آھن، جن جي ڪري هي محڪمو قائم ۽ دائم آھي، جيڪي پنهنجي جانين جي پرواھ ڪرڻ بنا هر وقت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندا آھن ۽ اڪثر اهڙا ئي دلير جوان مون شھيد ٿيندي ڏٺا آھن، ٻئي طرف چند عوام آزار ڪارين رڍن جي ڪري حقيقي حلالي جوڌن جوانن سان عوام ۽ ميڊيا زيادتي ڪندي انهن کي شھيد چوندي به شرمائيندو آ، ۽ انهن جي شھادت بعد انهن لاء مشڪوڪ مقابلو قرار ڏئي انهن کي ڏوهارين سان مقابلي ۾ مارجي ويل ڄاڻائيندا آھن.

    جڏهن ته هر پوليس جو جوان هن معاشري جو فرد هجي ٿو، جنهن جا به احساسات هجن ٿا، ان جا به مٽ مائٽ، رشتيدار، ڀاءُ ، پيءُ ۽ اولاد هجن ٿا، اهو پنهجون سموريون خوشيون، خواهشون، تمنائون ۽ حسرتون عوام خاطر قربان ڪري ٿو ڇڏي،توهان اڪثر ڪري سڀني عيدن تي ته پوليس کي عيد گاهن ۽ مسجدن ٻاهران نمازين جي حفاظت ڪندي ڏٺو هوندو، آهي پوليس وارا عيدون به پنهنجن گهرن ۽ گهر وارن بنا ڪن ٿا پوء به چند ڪارين رڍن سبب انهن کي عزت ۽ اهميت نه ملي ته اها زيادتي ناهي ته ٻيو ڇا آھي؟
    نيٺ اشراف ۽ شرافت سان نوڪري ڪندڙ پوليس جا جوان عوامي روين ۽ حق تلفين کان بيزار ٿي ڪري سائيڊ تي لائين ۾ حاضر هجڻ واري يعني ٽائيم پاس ڪرڻ واري نوڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.

    ڪاش ھي عوام پنهنجي حقيقي محافظن جي سڃاڻ ڪري سندن کي جائز عزت ۽ احترام ڏئي؛ پوليس وارا به انسان آھن، اهي ٻين کي انصاف ڏياريندي ڏياريندي اڪثر خود نا انصافين جو شڪار ٿي وڃن ٿا، خدارا اگر اوهان انهن جي خدمتن عيوض انهن جي عزت ۽ احترام نٿا ڏئي سگهو ته بغير ڪنهن ثبوت جي انهن تي اجائي تنقيد ڪري سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جو حق به اوهان کي حاصل ناهي.
    وري جيڪڏهن سياري جي موسم جو جائزو وٺون ته انهن ۾ به پوليس عملو سخت سيءَُ هجڻ باوجود به پنهنجو فرض خوش اصلوبي سان نڀائيندي نظر ايندو آهي.
    بدقسمتي سان جڏهن عوام پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندو آهي، تڏهن به پوليس جو سهارو وٺندو آهي، ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي ته :"جيڪڏهن پوليس فورس نه هجي ها ته عوام هڪٻئي کي جيئرو ئي کائي وڃي ها"؛ هر ڳالھ ۾ عوام کي مقامي سطح تي پوليس جي ضرورت پوي ٿي، وري اهو ئي عوام ڪم وٺڻ کانپوءِ پوليس کي گهٽ وڌ ڳالهائي پنهنجي اصليت جو ثبوت ڏيندو آهي.
    جڏهن سياري جي ڊگهي اوندھ گهگهه رات ۾ ڊپ واري حالت ۾ سفر ڪندي اوهان جي نظر پوليس موبائيل تي پوندي آهي ته ڄڻ اوهان جي جان ۾ نئون ساه پئجي ويندو آهي ۽ اميد جو ڪرڻو سامهون اڀري ايندو آهي ۽ ٿڌو ساه ڀري ٻي ساخته اهي لفظ نڪري ويندا آهن ته پوليس بيٺي آهي اڳتي امن امان جي صورتحال آهي.

    اڄ تائين پوليس ۾ ڪيترائي سڌارا ۽ واڌارا اچي ويا آهن،پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نئين ڀرتي ٿئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جو شعور شامل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ نوجوان پڙهيل لکيل، انسان دوست، روشن خيال، ترقي پسند سوچ رکندڙ،سماج دوست، سائنسي سوچ جا مالڪ، همٿ ڀريا، سهڻا، سيبتا ۽ سگهارا پوليس آفيسر توڙي جوان سنڌ پوليس جو حصو بڻجي چڪا آهن.

    جيڪڏهن اڄ (عوام) سڄي پوليس عملي کي گڏائي هڪ فتوي' ڏئي ته اها اسان (پوليس عملي) لاءِ زيادتي، ناانصافي، ناجائزي ۽ سراسر غلط ڳالهه آهي.

    اچو ته اڄ هن شهداءِ سنڌ پوليس واري ڏينهن تي وچن ڪيون ته اسان هڪٻئي (پوليس ۽ عوام) جا ساٿي بڻجون، هڪٻئي جا همراز ٿيون، پوليس جي عزت ڪيون، هڪٻئي کي مڪمل طور تي سمجهون، هڪٻئي جي عزت ڪيون، هڪٻئي جو قدر ڪيون، ڏوهن جو خاتمو آڻڻ لاءِ پوليس جا مددگار ۽ وسيلا بڻجون، ملڪ دشمن عناصرن جو خاتمو آڻيون، انهن جو گهيرو تنگ ڪيون، انهن کي اتي ئي مات ڏيون ۽ سنڌ پوليس جو ساٿ ڏيون.
    اسان سنڌ پوليس جي شهداءِ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي والدين ۽ وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اسان کي پنهنجي پوليس جوانن جي وطن خاطر ڏنل قربانين تي اڄ به فخر آهي، ڪالھ به فخر هو ۽ سڀاڻي به فخر رهندو.
    مالڪ سائين جي در دعا آهي ته رب پاڪ انهن شهيدن جو اڃا وڌيڪ شان اوچو ڪري ۽ جنت ۾ اعلي' مقام عطا فرمائي.
    آمين ثم آمين.

    سنڌ پوليس زنده آباد پاڪستان زنده آباد.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو