ڊاڪٽر زيد پيرزادو جي ڪتاب خيال تي سرسري نظر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڊاڪٽر زيد پيرزادو جي ڪتاب "خيال" جو اڀياس.
    ساجد مسڻ


    سنڌ جي صدا حيات صوفي شاعر حضرت سلطان الااولياءُ خواجه محمد زمان قدس سره لواري شريف واري جو هي قول مونکي ڏاڍو وڻندو آهي ته "انسان قائم آهي خيال سان، خيال گم ته انسان گم".

    خيال بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي سنڌ جي راڻي، فخر ايشيا، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ٻڌائي ٿي ته "توهان ماڻهو کي قيد ڪري سگهو ٿا، پر خيال کي نه، توهان ماڻهو کي جلا وطن ڪري سگهو ٿا، پر خيال کي نه، توهان ماڻهو کي ماري سگهو ٿا، پر خيال کي نه. بلڪل ساڳي طرح سان پياري ڊاڪٽر زيد پيرزادو جا خيال به آزاد خيال آهن جيڪي هن دور جي چٽي عڪاسي ڪندڙ آهن.

    ائين به چيو ويندو آهي ته هي ڪائنات به خيال اچڻ جي ڪري ٺهي آهي.مطلب ته اهو خيال ئي آهي جيڪو انسان کي سوچرائي نيون نيون ڳالهيون يا خيال سامهون آڻيندو آهي.

    ماڻهو جو وڏ ماڻهپو يا سندس سڃاڻپ جو منفرد حوالو به سندس جا خيال ئي هوندا آهن، مثال طور جئين اسان روزمره جي زندگيءَ ۾ ضرورت موجب دنيا جي ڏاهن، سُقراط، ارسطو، لينن، مائوزي تنگ،البرٽ آئين آئنسٽائين، خليل جبران، محمد علي جناح، اقبال، انور پيرزادو، امر جليل، استاد مٺل خان مسڻ جا خيال مثال طور پيش ڪندا آهيون.

    پنهنجي پاران ۾ ڊاڪٽر زيد پيرزادو لکي ٿو ته: جيتوڻيڪ شاعري جي شروعات مون 1992ع ۾ ڪئي هئي، پر مون ڪڏهن به لکڻ لاءِ ناهي لکيو. هميشه ڪجهه چوڻ لاءِ لکيو آهي.
    انڪري ئي گهٽ لکيو آهي. جڏهن ڪو واقعو، ڪا خبر، ڪا پيڙا، ڪا انصافي، ڪو دوکو، ڪو مشاهدو، ڪو پيار اندر ۾ ٿرٿلو مچائيندو آهي ته قلم ان تي اظهار لاءِ ڪڏهن احتجاج لاءِ اٿي کڙو ٿيندو آهي.

    سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ پياري زيد جي ڪتاب "خيال" بابت پنهنجا ويچار هن طرح سان ونڊيا آھن ته:زيد پيرزادو پنهنجي شاعريءَ ۾ خيالن جي نواڻ ۽ اظهار جي جُداري دڳ تي هلڻ سان گڏ "روشن خياليءَ" واري منزل کي اکين جي ماڻڪين ۾ ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان سانڍڻ کان ڪٿي به غافل نه ٿو ٿئي، جيڪا هن شاعرن جي ڊگهي قافلي ۾ ٻه ٽڪا اڃا وڌيڪ نمايان ڪري ٿي.


    سنڌ جي سهڻي شاعر ڊاڪٽر زيد پيرزادو جا به پنهنجا ئي اعلي ۽ مقصد ڀريا خيال آهن، جنهن پنهنجي منفرد تخليق جو اظهار نثري نظمن طور ڪيو آهي.

    جئين هن پنهنجي هڪ نظم "آزادي" ۾ لکيو آهي ته

    پکين کي پڪريو
    پکين کي جهپيو
    ٽي سال قيد ڪيو
    انهن تي الزام هڻو
    آزاديءَ جو
    ڇڙواڳيءَ جو
    هٿرادو قدرن جي
    سرحدن جا
    ليڪا لتاڙڻ جو!!!

    اهڙو شاهڪار نظم پڙهي هر ماڻهو اک ٻوٽي چئي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر زيد، رحمدل انسان آهن جو کين انسانن کان علاوه ٻي مخلوق تي به رحم اچي ٿو.

    "جذباتي قدم" ۾ هن ڪيترو نه فراخ دلي ۽ گهرائي سان خيال پيش ڪيو آهي، چوي ٿو ته:

    "اسانجي سماج ۾
    ٻي هر غلطي معاف آهي
    پر
    نادان عمر ۾ کنيل
    ننڍڙي ڇوڪري طرفان
    هڪڙي جذباتي قدم جي سزا
    قابل معافي ناهي
    خطائن سان ڀريل
    " سمجهدار معاشري" جو فيصلو
    عمر ڀر جي ڌِڪار آهي!!!


    سندس نظم "ٻيو رُخ" ۾ هن جيڪا سماجي روين جي تلخ حقيقيت بيان ڪئي آهي، اها نه صرف قابل بيان آهي پر قابل غور پڻ آهي.
    سندس مشاهدو ڪيترو ته پڪو ۽ تيز آهي جو هي ڄڻ ماڻهن جي خيالن ۽ نظرين جو ايڪسري ڪري ٿو وٺي.
    ٻيو رخ نظم ۾ ٻڌائي ٿو ته:

    بظاهر سخت ماڻھو
    اندر جا ميڻ ماڻهو

    غصي جا تيز ماڻهو
    اندر جا صاف ماڻهو

    گهڻو کلندڙ ماڻهو
    ناخوش ماڻهو

    تنقيدي ماڻهو
    ڪجهه نه ڪندڙ واندا ماڻهو

    وڏن عهدن تي ويٺل
    ڪيترا ننڍا ماڻهو

    گهڻ ڳالهائو ماڻهو
    ڪجهه نه نه چوندڙ ماڻهو

    خاموش ماڻهو
    سوچيندڙ ماڻهو

    سخت ماڻهو
    ايماندار ماڻهو

    سنجيده ماڻهو
    مزاحيه ماڻهو

    اصول اصول ڪندڙ ماڻهو
    ميرٽ جو قاتل ماڻهو

    شريف نظر ايندڙ ماڻهو
    اندر جا بدماش ماڻهو

    رسمي ماڻهو
    بناوٽي ماڻهو

    مشهور ماڻهو
    کوکلا ماڻهو

    سوشل ماڻهو
    گهر کان لاتعلق ماڻهو

    بظاهر نرم مزاج ماڻهو
    اندر جا سخت گير ماڻهو.


    سندس هي نظم "دل منهنجي" ڪيترو نه دل کي ڇُهندڙ آهي، هن نظم ۾ ڊاڪٽر زيد پيرزادو سماجي بي حسي ، ناانصافي،ڏاڍ، جبر، وحشپڻو جو ذڪر ڪيترو نه کُليل دل سان ڪيو آهي.

    دل منهنجي
    اڄ نڪري
    وري زماني جي درد
    ميڙي آئي آهي
    ڏسي آئي آهي
    ته زندگي
    فُٽ پاٿن تي
    گهِلجي ٿي پئي
    پيٽ ڀرڻ ڪارڻ
    بيوس اکيون
    شڪار ڳولين ٿيون
    لنگڙي لولي معصوميت
    ٽه واٽي تي
    هٿ ٽنگيو بيٺي آهي
    آزادي
    پابندين جي ڄار ۾
    ڦٿڪي پئي
    انصاف
    هٿ ٻڌي بيٺو آهي
    پيار
    ڪارو ٿي
    ڪسجي رهيو آهي
    بس ائين ئي
    ڪڏهن ڪڏهن
    دل منهنجي نڪري
    زماني جا درد
    ميڙي ايندي آهي
    ۽ پنهنجي بيوسيءَ تي
    ڪُڙهندي رهندي آهي.


    ڊاڪٽر زيد پيرزادو جو هر نظم خيالن جي پختگي جي حوالي سان شاهڪار آهي.سندس جي خيالن جي گهرائي ايتري ته پڪي ۽ پُختي آهي جو هر ماڻهو کي متاثر ڪيو ڇڏيو.

    هتي جيڪڏهن سندن هر نظم تي لکجي ته سندس ئي ڪتاب "خيال" جيترو ٻن ڪتابن جيترو مواد تيار ٿي ويندو.

    هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ لکيو آهي، جڏهن ته ٻه اکر وري سنڌ جي مشهور ۽ بُرجستي سهڻي شاعر امداد حسيني لکيا آهن.

    هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر زيد پيرزادو پنهنجي والد محترم انور پيرزادو جي نانءُ ڪئي آهي، جيڪو ذات ۾ هڪ فرد نه پر اداري جيتري حيثيت رکندڙ هو.

    ھي ڪتاب "خيال" انور پيرزادو اڪيڊمي جي تعاون سان ڪونج اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي، هي ڪتاب 167 پيجن تي مشتمل هجڻ سان گڏوگڏ 300 روپين جي قيمت سان ڪونج اڪيڊمي ڪراچي، پيڪاڪ ڪتاب گهر ڪراچي ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي ٻلهڙيجي وٽان خريد ڪري سگهجي ٿو.
     
    lalamemon هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو