ماءُ ٻولي ۽ روشن خيالي ڊاڪٽر منظور اعجاز سال 2010ع ماءُ ٻولين جي عالمي ڏيهاڙي تي منهنجي خواهش هئي ته منهنجا پنجابي ڀائر ٻين مذهبن ۽ فرقن کي سهڻ سکڻ ۽ پوئتي وڃڻ بدران اڳتي وڌڻ. منهنجي هڪ خواهش اِها به آهي ته هو باضمير شهري هجڻ جو ثبوت ڏيڻ جيڪي معاشري ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ غريب طبقن سان تعاون ڪندا آهن. سوال اِهو آهي ته آئون اهڙي خيالن لاءِ ڪيترو تعاون ڪري سگهان ٿو؟ منهنجي ڳالهه جو ٻيو مطلب اِهو آهي ته هاڻوڪي تاريخي حالتن، مجبورين ۽ ڏکياين باوجود اُهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي منهنجي لاءِ گهربل خيالن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهنديون آهن؟ منهنجي خيال موجب اسين اِها ڳالهه تسليم ڪندا سين ته اسانجي زندگي جي ذاتي تجربي کانسواءِ اسين انهن ڳالهين کان متاثر ٿيندا آهيون جيڪي اسين ٻڌندا ۽ پڙهندا آهيون. ڇو ته اڄڪلهه اسڪولن جي تعليم ننڍي عمر کان شروع ٿي ويندي آهي انڪري اِها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته تحريري لفظن جي اهميت وڌي وئي آهي. انڪري اسين پنجابين ۽ پاڪستانين جي ڪاوڙيل رويي کي ڪنهن حد تائين تعليمي نظام سان جوڙي سگهون ٿا. بلڪ اِهو چوڻ گهرجي ته دهشتگردي جي اُڀرڻ ۽ اسڪول جي تعليم جي پکيڙ جو مضبوط رشتو آهي. انهيءَ جو ثبوت اِهو به آهي ته اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل لکيل ڳوٺاڻا اعلي تعليم يافته ماڻهن کان وڌيڪ سهپ ۽ بردباري جو اظهار ڪندا آهن. عام طور تي اسين هر پڙهيل لکيل ماڻهون کان جنهن سهپ ۽ برداشت جي اُميد رکندا آهيون ان جي متعلق ڳالهايون ٿا. جيڪڏهن باقاعده تعليم نه هجي ته ماڻهون کي پنهنجي عقل سان ٻين مذهبن ۽ رسمن جي ماڻهن سان ڪو واسطو رکڻو پوندو آهي. انهيءَ بابت ماڻهون عام طور تي وڏن جي حڪايتن ۽ مقامي طور تي ٻڌل ادب ۽ روايتن جي حوالي سان سوچيندو. پنجاب جي حوالي سان اِها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته مقامي ڪلاسيڪي ادب پڙهڻ ۽ ٻڌڻ. لکين پنجابي پنهنجي ٻولي پڙهي سگهندا هئا پر اُردو يا ڪا ٻي ٻولي پڙهڻ جي قابل نه هئا. هن ڪلاسيڪي ادب ۾ ڪجهه ماڻهن جي سوچ مذهبي يا صوفياڻي هئي جڏهن ته وڌيڪ ادب صرف رومانوي هو جنهن کي روايتي پنجابي تصوف معني علم معرفت جو نقاب پهرائيندا هئا. جيئن به هجي هو مقامي ادب خلقت جي رسمن جو سبق سيکاريندو هو ۽ سهپ جي سگهه پيدا ڪندو هو. اهڙي طرح جي ادب کي تعليمي نظام مان مڪمل طور تي ختم ڪري ان بدران اردو ۽ فارسي کي زبردستي لاڳو ڪري ماڻهن جي عقل کي اهڙي طرح بيگانو ڪيو ويو ته هو سهپ ڀلجي ويا. عام طور تي الاهي ماڻهون بيگاني ٻولي سمجهي نه سگهندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه لفظ سمجهي ويندا هئا ته پوءِ هن جي اصل معني تائين پهچي ڪونه سگهندا هئا. هاڻي انهيءَ خيال کي ڏسو ته ڪهڙو ذهن سيڪيولر رياست کي تسليم ڪري سگهي ٿو؟ ان جو مطلب اِهو آهي ته ماڻهون ان بنيادي تبديلي کي تسليم ڪرڻ ته هو هڪ ٻي کان مختلف آهن ۽ ڪنهن گهٽ انگ يا وڌيڪ انگ کي ٻين مٿان پنهنجا خيال مڙهڻ يا مسلط ڪرڻ جي اجازت ناهي. ان جو اِهو مطلب آهي ته رب سان تعلق کي ذاتي سمجهيو وڃي، اِهو گروه بندي يا هڪ گروه جو تعلق ناهي. ملا شاهي جو عقيدو آهي ته رب سان انهن جي گروه جو تعلق آهي انڪري انهن کي اِهو حق آهي ته هو پنهنجا خيال ٻين تي مسلط ڪن. ان جي برعڪس پنجابي صوفي ادب درس ڏيندو آهي ته ڪنهن به شخص جو رب سان تعلق ذاتي سطح تي آهي انڪري هو مولوين جي مذمت ڪندا هئا. ڪيترا ئي صوفي پنهنجا در غير مسلمان ۽ ادني ذات وارن نون مسلمانن لاءِ کليل رکندا هئا جن کي حڪمران طبقو شودر سمجهندو هو. ماڻهن ۽ رب جي تعلق کي ذاتي سمجهندي صوفي، رياست جي سياست ۽ مذهب کي ڌار ڌار رکندا هئا. اڄ به آمرڪيا سميت دنيا جي سيڪيولر رياستن ۾ الاهي ماڻهون مذهبي آهن. انڪري چئي سگهجي ٿو ته صوفي ويچار پنهنجي وقت کان به اڳ جي ڳالهه هئي..... مطلب اِهو آهي ته هو ويچار جنهن تي يورپ ۾ طويل عرصي کانپوءِ ۽ پاڪستان ۾ هينئر تائين عمل نه ٿيو آهي. مذهبي حلقن ۽ نظريه پاڪستان جي مهندارن تعليم جي نظام ۾ بيگاني ٻولين کي لازمي طئي ڪري يقين ڏياريو آهي ته ماڻهن کي سندن قومي تعليمي وسيلن کان پري رکيو وڃي. انهن کي صوفي ازم جي سيڪيولر روح جي چڱي طرح خبر هئي. انڪري جيڪڏهن اسانکي روشن مستقبل گهرجي ته پوءِ اسانکي پنهنجو طريقو تبديل ڪرڻو پوندو. اسانکي پنهنجي ماءُ ٻولين کي تعليم جو وسيلو ٺاهڻو پوندو ته جيئن مستقبل ۾ اسانجون نسلون انسان پرست رسمن سميت اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪري سگهن. تاريخي تجربو به ساڳئي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته ماءُ ٻولين کي تعليمي ذريعو بڻايو وڃي ڇو ته ان کانسواءِ ماڻهن کي نه بهترين تعليم ميسر ڪري سگهندا سين نه وري رسمن تي عمل ڪري سگهندا سين. ماءُ ٻولي کي تعليم جو بنيادي ذريعو بڻائي اسين مقداري ۽ معياري تبديليون آڻي سگهون ٿا. جناب ماجب شيخ صاحب به تاريخي سند سان اِهو ثابت ڪيو آهي ته جڏهن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو تڏهن لاهور ۽ ان جي ارد گرد تعليم جي شرح 80 سيڪڙو هئي جيڪا 2010ع ۾ 10 سيڪڙو کان گهٽ آهي. تڏهن تعليم جي شرح وڌڻ جو ڪارڻ اِهو هو ته پنجابي ماءُ ٻولي تعليم جو ذريعو هئي جنهن کانپوءِ اُردو ٻولي مسلط ڪئي وئي. انهيءَ دور ۾ ڪجهه انگريز آفيسرن اڳڪٿي ڪئي هئي ته جيڪڏهن ماءُ ٻولي کي تعليمي ذريعو نه بڻايو ويو ته ماڻهن کي اعلي تعليم ميسر ڪرڻ جو مقصد حاصل نٿو ڪري سگهجي. سندس دليل هو ته جڏهن برطانيا ۾ لاطيني ٻولي تعليم جو بنيادي ذريعو هئي ته ماڻهن ۾ گهٽ شعور هو. جڏهن اُن بدران فرانسيسي ٻولي لاڳو ڪئي وئي ته تعليم جي شرح ۾ واڌ ٿي پر وڏي سطح تي ماڻهن جي تعليمي معيار ۾ واڌ تڏهن ٿي جڏهن سيلٽڪ ٻولي کي انگريزي ٻولي جو درجو ڏئي ڪري تعليمي نظام جو ذريعو بڻايو ويو. مٿي ڄاڻايل تبديلين کانسواءِ ماءُ ٻولي کي تعليمي ذريعو بڻائڻ سان معياري تبديلي ٿيندي آهي. پهرين ڳالهه اِها آهي ته الاهي ڀيرا جاچ ڪئي وئي آهي جنهن سان اِها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته جيڪو ٻار سندس ماءُ ٻولي ۾ هوشيار هوندو آهي هو ٻيون ٻوليون به آساني سان سمجهندو آهي. ٻي ڳالهه اِها آهي ته تاريخي لحاظ سان ڏسجي ته ماءُ ٻولين کي اپنائيندڙ ملڪ علم حاصل ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سڀ کان اڳتي آهن. اوڀر ايشياء جي ملڪن جيئن ته چين، جاپان، ڪوريا ۽ ڏکڻ هندستان جتي ماءُ ٻولين کي تعليم جو بنيادي ذريعو بڻايو ويو اُهي پاڪستان ۽ اُتر هندستان کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي ۽ انهن کان الاهي اڳتي آهن. ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته سهپ ۽ برداشت پيدا ڪرڻ لاءِ ماءُ ٻولين کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ ٻين شرطن مان صرف هڪ شرط آهي. ان کانسواءِ مختلف شرط آهن جن جي وضاحت يا خلاصو انهيءَ ڪالم ۾ ممڪن ناهي