تعليم جو عالمي ڏينهن: سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير؟؟؟ ساجد مسڻ علم اھو لفظ آهي جيڪو الله تعالي' جي زبان مان عطا ٿيو آهي,ٻنهي جھانن جي سردار کي به ھن دنيا ۾ معلم يعني' استاد ڪري موڪليو ويو. جڏهن ته پھرين وحي جون جيڪي پنج آيتون نازل ٿيون انهن ۾ پھرين آيت اقرا يعني' پڙھ جي نالي سان نازل ٿي آهي,نه صرف ايترو پر پاڻ سڳورن جي پسنديده دعا "رب زدني علما" معني' اي پروردگار! منهنجي علم ۾ اضافو فرماءِ واري آهي. تڏهن ته رحمت اللعالمين علم جي اھميت و افاديت جي باري ۾ فرمايو آهي ته "علم پرايو چاهي ان لاءِ اوھان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي";ان وقت چين وڃڻ ايترو سولو ڪم نه ھو,پر پاڻ علم جي اھميت کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ علم جي اھميت تي زور ڏنائون. جڏهن جنگ بدر ۾ ڪافرن کي قيد ڪيو ويو ته انهن جي آزادي جو ھڪڙو شرط ھڪ پڙھيل ڪافر ڏھن مسلمانن کي علم پڙھائي ته آزادي ٿي سگھي ٿو, وارو شرط به شامل ھو. علم کي انسان جي ٽئين اک به چيو ويندو آهي,ٻه ظاهري اکيون ته ھر عام ماڻهو کي ٿين ٿيون,ور علم واري ٽئين اک صرف علم پرائڻ وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. ھڪ ٻي حديث مبارڪ آهي ته "علم پرايو پينگھي کان وٺي قبر تائين" ان حديث مان اسان کي علم جي اھميت جي ڪيتري سولائي سان ڄاڻ ملي ٿي ته اوھان علم, عمر جي ڪھڙي به حصي ۾ پرائي سگھو ٿا,ان لاءِ ڪا به عمر جي حد مقرر ناهي. علم جي دولت ڪيتري نه ڀاڳ ڀري آهي جو اھا ورھائڻ سان وڌندي رهي ٿي, ۽ دولت ڪيتري نه پريشان ڪندڙ آهي جو اھا خرچ ڪرڻ سان گھٽبي آهي. نه صرف ايترو پر علم واري جا دوست گھڻا ۽ دولت واري جا دشمن گھڻا ٿين ٿا. حضرت علي جو قول آهي ته "علم انبيائن ۽ اوليائن جو ورثو آهي,جڏهن ته دولت فرعون ۽ قارون جو ورثو آهي". استاد عبدالحليم سومرو جو قول آهي ته "علم صابڻ وانگر آهي,جيڪو انسان جي جھالت ۽ مير کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏي ٿو". تعليم جيڪو انسان جو پيدائشي حق آهي,تعليم ذريعي ئي قومن جون تقديرون بلدبيون آهن,تعليم جي عروج سان ئي اڄ يورپي ملڪ دنيا جي نقشي تي حڪمراني ڪندي نظر اچن ٿا. ماھرِ تعليم استاد مٺل خان مسڻ جو قول آهي ته "انسان علم جي ذريعي ئي ڪائنات جي ڳؙجھ\راز کي ڇھي چڪو آهي" ان قول جي اھميت کي نظر ۾ رکندي,اڄ جيڪا سائنس جي ناقابلِ يقين ترقي ٿي آهي,اھا به علم جي ذريعي ئي ٿي آهي ۽ اڃا ته وڌيڪ حيرت انگيز ايجادون ٿيڻون آهن,جنهن سان انسان جو ذھن ۽ حواس ٽڪرائجي ويندا. ھن وقت ته اسان گھٽ ۾ گھٽ يورپي ملڪن جي ترقي جي راز جي باري ۾ ڄاڻي چڪا آھيون ته علم ئي ترقي جو واحد ذريعو آهي,پر جيڪڏهن اسان علم جي اھميت کي اسلامي نظريي جي نقطه نگاه سان ڏسون ته اسان کي ھي مشهور حديثِ نبوي ملندي ته "علم جي طلب ھر مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي". ڇا اسان جنهن اسلامي جمھوري ملڪ ۾ رھون ٿا ان ۾ عورتن کي تعليمي ميدان ۾ برابري جا حق ملن ٿا؟ يا اسان جي اسلامي جمھوري پاڪستان ۾ عورتن لاءِ ڪي مخصوص اعلي' سائنسي تعليمي ادارا موجود آهن, جتي عورتون پنهنجن بي مثال صلاحيتن جو اظھار کليل نموني سان ڪري نيون نيون تحقيقون ڪري عالمي برادري سان سائنسي ميدان ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلڻ جي قابل ٿي سگهن؟ پر افسوس جو اسان وٽ عورتن لاءِ اھڙي قسم جو ڪو به ادارو موجود ڪون نه آهي. پاڪستان جي تعليمي نظام ۽ سؙڌارن جي حوالي سان جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته اسان کي سڀني صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي تعليم جو معيار وڌيڪ ئي ڪريل نظر ايندو. سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار جو ذميوار ڪير ؟ سنڌ جا سرڪاري استاد پنهنجون پگھارون لکن ۾ کڻن ٿا,انهن جي ڀيٽ ۾ ويچارا پرائيويٽ استاد 5000 ھزارن کان 10000 ھزارن تائين معاضو وٺن ٿا ۽ دل و جان سان پڙھائين ٿا,جيڪڏهن تعليم جي معيار جي ڀيٽ ڪجي ته پرائويٽ اسڪولن جي تعليم جو معيار اسان کي وڌيڪ ملندو,ڇاڪاڻ جو پرائيويٽ اسڪولن ۾ نظم و ضبط ۽ حساب ڪتاب واري پاليسي سخت آهي,جنهن جو چٽو ثبوت خود سرڪاري استاد پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. جيڪڏهن اسڪولن جي عاليشان بلڊنگ,سرسبز باغ باغيچن,صفائي سٿرائي ۽ راندين جي لاءِ ڪشادي ميدان جي ڀيٽ ڪجي ته به سرڪاري اسڪول پھرين نمبر تي ايندا,پر افسوس جو انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙھائيندڙ استاد اسان کي چانھ جي ڪوپ تي سکڻا حوال ڪندي نظر ايندا,جڏهن ته ڪلاس خالي نظر ايندا ۽ شاگرد جيڪي صبح سوير علم جي طلب کڻي اسڪول اچن ٿا,پاڻ ۾ ڪچھري ڪري واپس (نااميد) ٿي ھليا وڃن ٿا. سنڌ جي تعليمي جي تباهي جا ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر جيڪو وڏو سبب تحقيق ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي اھو آهي, استادن جون تعليم دشمن تنظيمون. جيڪڏهن ٿورڙو به استادن جي تعليم دشمن تنظيمن جو جائزو وٺون ته اسان کي مڪمل خبر پئجي ويندي ته انهن تنظيمن جو اصل نصبؙ العين ڪھڙو آهي؟ ھي جيڪي استادن جا اڳواڻ آهن ۽ سالن کان ھڪ ھٽي قائم ڪندا اچن ٿا,ھر ڀيري جبري طور پاڻ کي ڪامياب ڪرائيندا اچن ٿا,ائين کڻي چئجي ته لاڳاپيل عھدن ته عمر ڀر جو ٺيڪو سندن حوالي ٿيل آهي,ٻئي ڪنهن کي موقعو ئي ناهي ڏيڻو ڄڻ عھدا سندن خانداني وراثت ۾ مليا ھجن. عھدن کڻڻ جو مقصد تعليمي ادران ۾ بھتري آڻڻ,استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ,شاگردن تي مڪمل توجهه ڏيڻ,پابندي سان ڪلاس وٺڻ,شاگردن کي گھرو ڪم ڏيڻ ۽ ڪلاس ورڪ ڪرائڻ,انهن کي ڪلاسن ۾ مختلف ذھني ڪرت ۾ شامل ڪرائڻ بدران, گوسڙو ثابت ٿيڻ,ھڪ به پيرڊ نه وٺڻ جو قسم کڻڻ,ايماندار بالا آفيسر جيڪو سندن احتساب جي ڳالهه ڪندو ھجي,ان خلاف جلسا جلسو ڪڍي نعري بازي ڪرڻ,ان کي بليڪ ميل ڪري من پسند ڪم وٺڻ,گوسڙو ۽ نا اھل استادن کي پناهه ڏيڻ ۽ جيڪو استاد حق سچ جي ڳالهه ڪري ان جي بدلي ڏوراھن علائقي ۾ ڪرائي انتقامي ڪروائي ڪرڻ,جيڪي استاد ميرٽ جي بنياد تي پروميشن ۾ اچن ٿا,انهن کان ئي رشوت وٺي پنھنجا ذاتي کيسا گرم ڪرڻ,ڊي پي سي ۾ وري پنهنجن من پسند ماڻهن کي شامل ڪرائڻ,ٻين بي پھچ ۽ عادل استادن جو حق کائڻ, سالانه امتحان ٿيڻ کان پوءِ مسڪين ٻارڙن کان رشوت وٺي پوءِ سرٽيفيڪٽ ڏيڻ,سرڪار جي پاليسي مطابق مفت داخلا ڏيڻ بجاءِ کين کان پئسه وٺي پوءِ داخلا ڏيڻ انهن نام نھاد استاد اڳواڻن جو منشور بڻجي چڪو آهي. ھا البته ڪجهه استاد علم دوست,سماج سڌارڪ,ادارن کي ٺاھيندڙ,سينگاريندڙ ضرور آهن,انهن جي ڪوششن کي ھن تعليم جي عالمي ڏينهن تي سلام پيش ڪجو ٿو, اھڙن استادن تي قوم کي ڪالھ به فخر ھو,اڄ به فخر آهي ۽ سڀاڻي به فخر رھندو. سندي ۾ چوڻي آهي ته پنج آڱريون برابر نه آهن,سڀئي راشي,بدعنوان,ڊيوٽي چور,فسادي ۽ وڳوڙي نه آهن,پر اڪثريت اھڙن استادن جي آهي,جنهن جي ڪري نه صرف سنڌ جي تعليم تباهه ٿي آهي,پر ساڳي وقت سندن پيغمبري پيشي جي ساک به متاثر ٿي آهي ۽ اھڙن بدافعالن جي ڪري ٻين اھل ۽ تعليم دوست استادن تي به ان جو اثر پوي ٿو. اھڙن بي ضمير استادن کي گھرجي ته ھو وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪن ۽ سنڌ جي باشعور ۽ اھل نوجوانـن کي موقعو ڏين,جيڪي سنڌ جي ڪرندڙ تعليم جو ٻيڙو ترڻ ۾ پنهنجو ڪليدي ڪردار ادا ڪري سگهن. ھڪڙا ته اھڙا به سرڪاري استاد آهن, جيڪي ڪاروبار ڪرڻ ۾ پنهنجو وقت وڃائين ٿا,باقي پڙھائڻ کان کين تپ ٿئي ٿو,اھڙا استاد نه صرف حڪومت تي بار آهن, پر ساڳي وقت ھن قوم لاءِ ناسور پڻ بڻيل آهن,جنھنـجي جيتري مذمت ڪجي ايتري گھٽ آھي. جيڪڏهن ھتي تعليم جي بھتري لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم "الف اعلان" جي ڪيل سروري کي ظاھر ڪجي ته سنڌ صوبي جي تعليم سڀني کان پؙٺِ تي پيل نظر ايندي. ھن سال 2019ع جي ڪيل سروي مطابق سنڌ جي 57℅ پرئمري;37℅ مڊل ۽ 15℅ ھاءِ اسڪولن ۾ بجلي جي سھولت ناھي.جڏهن ته 60℅ سرڪاري اسڪولن جون عمارتون ناقابل استعمال آهن,ان کان علاوه ℅66 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن جيڪو نه صرف اسان سنڌ وارن لاءِ وڏو مسئلو آهي, پر ساڳي وقت چيلينج پڻ بڻيل آهي. اھو آهي سنڌ جي تعليم جو معيار ۽ اسان جي استاد تنظيمن جو ڪردار,ڇا اھڙي عمل ۾ سان سنڌ جي تعليم جو معيار وڌندو يا ڪرندو؟ ڇا اھڙي عمل سان استاد تنظيمون سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪليڌي ڪردار ادا ڪنديون يا صرف نالي ماتر تعليم جي عالمي ڏينهن تي صرف نالو ڳڻائڻ لاء ھٿن ۾ بينر کڻي, ٻه نعرا ھڻي تعليم جي بھتري جو خواب ڏسنديون رھنديون. اسان سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ استاد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جا حمايتي آھيون, اسان سنڌ حڪومت کان گؙھر ڪيون ٿا تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڀني استاد تنظيمن تي يڪدم پابندي لڳائي وڃي,اھو ئي سنڌ جي تعليم بچائڻ جو واحد ۽ مستند حل آهي.