منهنجي جيجل ماءُ قزبانو! ساجد مسڻ. دنيا ۾ جيڪي به رشتا آهن، انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي لالچ، لوڀ مقصد ۽ مفاد ضرور شامل هوندو آهي. صرف ماءُ جو رشتو ئي بي پناه ۽ خالص محبت ڪرڻ وارو رشتو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي نه لالچ، لوڀ مفاد يا مقصد شامل هوندو آهي. وري هن سماج ۾ فطري طور رب پاڪ طرفان ايترو مقام جو جنت ان جي پيرن ۾ رکي ڇڏيائين. وري ماءُ جي ممتا پنهنجي اولاد لاءِ ايتري جو، جڏهن ڪنهن ماءُ کان پڇيو ته جيڪڏهن توهان کي هڪ ڏينهن جو اختيار ڏنو وڃي ته ڇا ڪندو؟؛ تنهن تي جيجل امڙ ڪيترو نه لاجواب جواب ڏنو ته "مان ان اختيار مان فائدو وٺندي پنهنجي اولاد جي تقدير لکڻ پسند ڪندس"، ڇا ته ماءُ جي ممتا آهي پنهنجي اولاد لاءِ. سبحان الله! تڏھن ته ڪنهن بزرگ ڪيترو نه سچ فرمايو آهي ته "مونکي ماءُ کان بغير گهر قبرستان لڳندو آهي". سياڻن سچ چيو آهي ته" پيءُ مري ته اڌ ڇورو ۽ ماءُ مري ته سڄو ڇورو". اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ ڀلاري مهيني ربيع الاول جي چوويهين تاريخ ۽ انگريزي جي 2 سيپٽمبر 1994ع منجهند جي جمعي جي نماز جو وقت هو، جڏهن اسان جي امڙ جيجل هميشه لاءِ اسان کي اڪيلو ڪري هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي. مان ان وقت تقريبن ساڍن پنجن سالن جو مس هيس، امڙ سان پنهنجون ساروڻيون بنه گهٽ آهن پر مان پوءِ عمر جي هر حصي ۾ وڏڙن کان امڙ جي شخصي تاريخ معلوم ڪندو رهيو آهيان، منهنجي سانڀر ۾ مون کي سندس سُريلا سهرا ياد آهن جن سان اسان جي گهر ۾ هر وقت شادماني جو ماحول هوندو آهي. وڏڙا ٻڌائن ٿا ته اسان جو خوشين ڀريو خاندان جنهن ۾ بابا سائين (مٺل خان مسڻ)؛جيجل ماءُ، اسان چار ڀائر ۽ چار ڀينرون شامل هئاسون ۽ بابا سائين جي نگراني ۾ هڪ ننڍڙي گهر ۾ وڏي وڻ بڙ جي گهاٽي ڇانو جيان جياپي جي راند ۾ مصروف هئاسين ۽ وقت تيزيءَ سان پنهنجي رفتار سان جاري ۽ ساري هو ۽سفر جي ساٿي جيان هڪ ٻئي سان ساٿ شامل هو، محبتن جي مهراڻ ۾ خشين جي خمار سان، اسان پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ چنهڙ لڳ نصير آباد ۾ چوڏهين جي چنڊ جي چٽي چانڊاڻ ۽ سج جي سخت ۽ صاف روشنيءَ ۾ پنهنجي گهر جي اڱڻ تي خوشين جا لمحا گهاري رهيا هئاسون ۽ موج مستي ۾ مصروف هئاسون، ٻاراڻي زندگيءَ ۾ ٻهڪي ۽ مهڪي رهيا هئاسون، دنيا کان بي خبر ۽ بي خوف پنهنجي مقصد ۾ مشغول هئاسون ته اوچتو وقت جي ويرين اسان جي ننڍڙي خوشحال خاندان ۽ ڪامياب ڪٽنب تي قهر نازل ڪيو؛ ڄڻ ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو اسان کان اسانجو وسيلو، اسانجو سهارو، ماءُ جي ممتا، شفقت ڀريو هٿ، ڇپر ۽ ڇانو، پيار ۽ محبت جو مسيح ۽ ٿڌڙي مٺڙي ڇانو ڇني ڇورو ڪري ڇڏيو. مالڪ ڪريم رحيم جي در دعا آهي ته منهنجي بابا سائين (مٺل خان مسڻ) کي وڏي ڄمار، ڪامل صحت ۽تندرستي عطا فرمائي جنهن اهڙي ماحول ۾ غم، ڏک ۽اڪيلائپ واري ماحول ۾ اسان جي پيءُ هوندي ماءُ بڻجي سنڀالي ورتو. دنيا جي هر عظيم ماءُ جيان اسان جي مٺڙي امان پڻ انهن مائرن وانگر پنهنجي اولاد جي، خوشين جا خواب دل ۾ سانڍي رکيا هئا ۽ انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ اسان جي سٺي تربيت ڪرڻ، پرگهور لهڻ سان گڏ انهيءَ وقت جو انتظار ڪرڻ لڳي ته ڪڏهن ٿا منهنجا ٻچڙا وڏا ٿي منهنجي خوابن جي ساڀيان ڪن،مالڪ سائين کين وڏي ڏاهپ ۽ سمجهداري عطا ڪئي هئي، جو جنهن طريقي اسان جي امڙ بابا سائين (مٺل خان مسڻ) سان گڏجي پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پرگهور ڪئي، صفائي سٿرائي جو خيال رکيو ۽ سٺيون سهڻيون نصيحت ڀريون ڳالهيون سمجهائيندي هئي، نه صرف ايترو پر اسان جي پاڙي وارن سان سهڻي سلوڪ سان پيش اچڻ، غريبن مسڪينن جي سار سنڀال لهڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ ۽ خاص طور عورتن جي عزت ڪرڻ جو سبق پڻ هر وقت ڏيندي رهندي هئي ۽ سمجهائندي هئي ته ڪڏهن به ڪنهن کي نه ايذائڻ کپي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا تڪليف ڏيڻ کپي، ڇو ته انسان ذات کي رنجائڻ سان رب پاڪ کي رنج پهچندو آهي۽ رڳو انسانن تي نه پر جانورن تي به رحم ڪرڻ گهرجي جهڙيون نصيحتون هن جي تربيت ۾ شامل هيون، مقصد ته ممتا جا مڙئي موتي منجهس موجود هئا ۽ امڙ جيجل کي پنهنجي اولاد جي سٺي تعليم ۽ بهترين تربيت جو هميشه اونو هوندو هئو ۽ هميشه انهيءَ سٺي سوچ سان سرخرو هوندي هئي ته ضرور هڪ ڏينهن منهنجي اولاد سٺي تعليم پرائي محنت ۽ مشقت سان مٿانهون مانُ، مقام ۽ مرتبو ماڻيندا. اسان جي جيجل امڙ کي نه صرف پنهنجي اولاد جو اونو هو پر غريب، مسڪين، لاوارث ٻارڙن جي پڻ همدرد هئي، ايتري قدر جو ڳوٺ جي مسڪين، يتيم، بيواهه ۽ لاچار عورتن لاءِ به فڪرمند رهندي هئي ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ خلاف انهن جي ٻانهن ٻيلي ٿيندي هئي ۽ انهن کي دلداري ڏيندي کين سمجهائيندي هئي ۽ خاص ڪري نياڻن جي تعليم لاءِ خاص توجھ ڏياريندي هئي. اسان جي جيجل ماءُ اسان کي هميشه صبر ۽ شڪر ڪرڻ جي هدايت ڏيندي هئي ۽ پاڻ به هميشه هر مشڪل گهڙيءَ ۾ همٿ ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي صبر اختيار ڪندي هئي. ماءُ هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪڏھن ان جو سمورو اولاد ان کي ڪيترو به سکيو ستابو ۽ خوشحال رکي، ڇو نه ان کي سونو تاج پارائي يا ڪلهي تي کڻي عمرو ۽ حج ڪرائي پوءِ به ماءُ جي خدمت جي هڪ گهڙي، هڪ دم جو به ٿورو نٿو لاهي سگهجي ۽ هر ماڻهوءَ جي اها خواهش هوندي آهي ته اهو وڏو ٿي پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري پر اها به سڀ ڪنهن کي نصيب نه ٿيندي آهي، شال مالڪ سائين سڀني کي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو نصيب فرمائي، آخر ۾ مان سڀني کي عرض ڪندس ته ماءُ پيءُ جي هميشه خدمت ڪيو، انهن کي ڪڏهن به نه رنجايو ۽ انهن جي دعا حاصل ڪيو ڇاڪاڻ ته حقيقي عبادت به اها ئي آهي. جن جا ماءُ پيءُ هن دنيا ناهن رهيا، انهن لاءِ دعاگو آهيان ۽ جن جا ماءُ پيءُ حال حيات آهن انهن جي وڏي ڄمار ۽ تندرستي لاءِ ڌڻي در دعا عرض آهي.