آڌيءَ رات ڀُليءَ جي ڀاڻ، ٿي اَچُ چوڏھينءَ جي چانڊاڻ.! اوھيري جي اوڪَ تہ ڏس،! سياڻو ٿيءُ، صُراحي آڻ. ڏي جنت سان جام ڀري، ٻيءَ دنيا جي ڪنھن کي ڪاڻ.! منھنجيء َ چانئٺ تي ´خيام`، ´روميءَ`سان ڪئي روحِ رھاڻ. ''اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ، جيڪي آھ ھِتي آ ھاڻ.“ رات ملي وينجھر جي ڏيءَ، جنھن جون اکڙيون ھِيري کاڻ. جنھن جو مندر روپ سريرُ، ٺاھيو آ ڪنھن پوڄا ڪاڻ. ڪارو ساگر جنھن جو روحُ، جنھن جو جسم چٽي چانڊاڻ. اونھي جي بي اَنت صدا، توکي ڪوٺي، ترُھو تاڻ. ٽڙندِي ٽانگر آھي پيارُ، جنھن سان ساسيءَ ۾ سرھاڻ. ٻيو سڀ پاڇي جو پيڇو، جانِي،! آءُ، جواني ماڻ.! باغي شاعر، شيخ ´اياز،` آيو ڪيئن ڀٽائيءَ ڀاڻ.!