مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
غزل. مجيب سنڌي
دم بدم هر قدم يار اڳتي وڌون
ساٿ ڏي ڪر نه غم يار اڳتي وڌون
روشني روح جي سوچ جي آ بقا
ٻاٽ ٿيندي ختم يار اڳتي وڌون
ڇڏ جفا ڪر وفا، ٿي نه مونکان جدا
ڪر نه هاڻي ستم يار اڳتي وڌون
واٽ ڏاڍي ڏکي عشق جي پر مٺا
پيار جو ٿي جنم يار اڳتي وڌون
ساٿ تنهنجو مجيب آهي هي خوبتر
آ خدا جو ڪرم يار اڳتي وڌون.