هڪ دراوڙي ٻوليءَ جو سنڌو ماٿر تمدن سان رشتو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2021۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    اسپرنگر نيچر گروپ جي پير – رِويُوڊ جرنل جي تحقيقي دستاويز ۾ هڙپا تهذيب جي ٻولي جي تمدن بابت دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ پهلوئن تي نظر

    [​IMG]

    هڪ دراوڙي ٻوليءَ جو سنڌو ماٿر تمدن سان رشتو

    سنڌو ماٿر تمدن جي رهاڪن يا ماڻهن ابلاغ/لهه وچڙ لاءِ ٻولي مان ڪيئن ڪم ورتو يا ٻولي لهه وچڙ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ اهڙا سوال آرڪيالاجي ۽ تاريخ جي ماهرن جي دماغن کي تڏهن کان جهنجهوڙڻ لڳا، جڏهن جڏهن 19هين صديءَ جي وچ ڌاري ڌاتو دور جي تهذيب اسان جي اڳيان نروار ٿي، ليڪن سنڌو ماٿر جو رسم الخط يا اسڪرپٽ اڃا حل ٿيڻو آهي.

    اسپرنگر نيچر گروپ جي پير – رِويُوڊ جرنل ۾ جيڪي تحقيقي دستاويز ڇپيا آهن، تن ۾ هڙپا تهذيب جي ٻوليءَ جي تمدن جي باري ۾ نه رڳو دلچسپ، پر حيران ڪندڙ ۽ نوان پهلو ڳولي بيان ڪيا ويا آهن. سنڌو ماٿر ۽ ٻين سڀيتائن جي ماڻهن ۾ ڳالهائڻ يا لهه وچڙ دوران جِن لفظن جي ڏي وٺ ٿي هئي، تحقيقي دستاويز ۾ اُنهن مان ڪجهه لفظن جا اشارا کڻندي سندن ٻوليءَ جو ڌاتو پروٽو درواڙي ٻولين ۾ ڳوليا ويا آهن. پروٽو يا بُنيادي درواڙي ٻولي کي سمورين جديد درواڙي ٻولين جي ماءُ يا بُنيادي ٻولي طور ليکيو ويندو آهي.

    “سنڌو ماٿر جي تهذيب ۾ اوائلي يا بُنيادي دراوڙي ٻوليون: ڏندن لاءِ انتهائي محفوظ ٿيل دراواڙي لفظ، لساني بُنيادن کي گهرائي سان نروار ڪندڙ ۽ جينياتي مددگار” جي عنوان سان ڇپيل تحقيقي دستاويز کي سافٽ ويئر ڊولپرز ۽ آزاد محقق يا وگياني ماهر بهاتا انسُومالِي مُکوپَڌيايي لکيو آهي. دستاويز ۾ سنڌو ماٿر تهذيب جي مسوپوٽيميا ۽ خليج فارس سان واپاري لهه وچڙ يا لاڳاپن جو تحقيقي اڀياس ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مُکوپَڌيايي ويجهي- اُلهندي عبارتن ذريعي ڌارين يا پرڏيهي لفظن جا ڌاتو سنڌو ماٿر جي لکيت ۾ ڳوليا آهن. تحقيق ۾ جيڪي دليل يا استدلال بيان ڪيا ويا آهن، تِن پٽاندڙ اها حقيقت آهي ته جيڪا شئي مقامي سطح اُسرندي يا ٺهندي نه آهي، اُن کي ڌارئي نالي سان ئي سڏيو ويندو آهي، جتي اُسرڻ يا ٺهڻ بعد اُن جو نالو رکيو وڃي. اُنهي دليل سان ٿيل تحقيق ۾ پتو لڳايو ويو آهي ته اڪادين ٻولي، جيڪا قديم ميسوپوٽيميا ۾ ڳالهائي ويندي هئي، اُن ۾ هاٿي لاءِ پِيري (pīri)، پِيرُو (Pīru) ۽ اُنهن جي ڦيرين گهيرين وارا لفظ، جڏهن ته عاج لاءِ آڳ
    [​IMG]
    اٽي فارسي لفظ پِيرُس (pīrus) جو ڌاتو ممڪنه طور سنڌو تمدن ۾ ملي ٿو.

    مُکوپَڌيايي پنهنجي تحقيقي ليک ۾ لکيو آهي ته “مان اِن راءِ تي پهتي آهيان ته ڇاڪاڻ جو آرڪيالاجيڪل ڄاڻ/ڊيٽا 20 هزار سال ق. م ۾ ويجهي اُلهندي جي عاج وارين شين يا سامان جو سٻنڌ ايشيا جي هاٿي ۽ سنڌو سڀيتا جي وڻجارڻ سان ڳنڍي ٿي، ۽ ڇاڪاڻ جو قديم مصر ۾ عاج (جيڪو پراچين يا تاريخ کان اڳ واري زماني جو مُکيه ۽ هيڪلو ذريعو پڻ آهي) جي نالن لاءِ ڪتب آيل لفظن (جهڙوڪ آب (ab)، آبُو (abu)، اب (ȧb)، بَيهُو (beḥu)، نيتچيهه- ت (netcheḥ-t) جو پَروُ (pīru) سان ڪوبه صوتياتي يا اُچاري سٻنڌ نه آهي، تڏهن به اُهي پروُ وارا (pīru-based) لفظ امڪاني طور سنڌو ماٿر جي تهذيب مان اُسريا ۽ نسريا هوندا.

    اُن کان علاوه تحقيقي ليک ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته اهڙيون کوڙ دراوڙي ٻوليون آهن، جِن ۾ پِيلُو، پيلا، پالا، پالاوا، پِيلُووام ۽ پيلورو pīlu’, ‘pella’, ‘palla’, ‘pallava’, ‘piḷḷuvam’, ‘pīluru’هاٿي جي نالي يا اُهڃاڻ طور ڪتب آندا ويا آهن. مُکوپَڌيايي هندي يورپي يا انِڊڪ ٻولين ۾ ‘l’اڪادين ۽ آڳاٽي فارسي ٻوليءَ ۾ ‘r’جي استعمال ۾ فرق ڏيکاريو آهي ۽ چئي ٿي ته “آڳاٽي فارس (پرشيا) جي ماڻهن سنڌو سڀيتا جي عاج جو ڏيساور واپار ڪرڻ وقت جڏهن ميسوپوٽيميا ۽ سنڌو تهذيب جي وڻجارن وچ ۾ ثالثي وارو ڌنڌو متحرڪ ڪيو، تڏهن انِڊڪ ٻوليءَ ۾ هاٿي جو نالو (‘piru’ ‘pilu’)به ميسپوٽيميا تائين ڦهلايو. تحقيق پٽاندڙ اُنهن لفظن جو وڌيڪ اشتقاق يا ڌاتو ڳولڻ سان پتو پئي ٿو ته اُهي دراوڙي ٻولين ۾ ڌاتو وارن لفظن سان جُڙيل هئا. - پال، پيلا، پالُو (pal’, ‘pella’, ‘pallu)، جيڪي لاشڪ اهڙن لفظن سان تعلق ۾ آيل آهن، جِن جي معنيٰ هاٿي يا هاٿي جا ڏند آهي. اُهي لفظ آهن پِيلو، پِلاڪا، پالا، پيلا ‘pīlu’, ‘pillakā’, ‘palla’, ‘pella’.

    سنڪسرت ۾ هاٿي جو هڪ ٻيو نالو دانتن يا ٽوٿ- هوور ڪيئن پيو، جنهن جو ڌاتو هند آريائي ۽ هند ايراني ٻوليءَ ۾ ڏند واري لفظ دانتا ۾ آهي؟ تحقيق ۾ اِن نقطي تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي وضاحت ڪئي وئي آهي ته ڏند جو پروٽو دراوڙي لفظ ۽ دراوڙي ۾ پال، پِيل ‘pal’/‘pīl’ تي ٻڌل هاٿي جا لفظ وچ ۾ تعلق حادثاتي نه پر ڌاتن جي لحاظ کان هوندو. پِلُو ‘pilu’جي پروٽو دراوڙي ۾ ڏند لاءِ ڪتب آيل لفظن سان تعلق يا رشتي جون ثابتيون به ڏنيون ويون آهن. پيرون يا کبڙ Salvadora persicaجي وڻ جي ٽارين کي ڏند صاف ڪرڻ لاءِ جڏهن فطري ڏندڻ طور ڪتب آندو ويو، تڏهن کان اُلهندي دُنيا ۾ اُن کي ٽوٿ ٽري يا ڏندڻ طور سڃاتو ويندو هو، عربي ديسن ۾ وري اُن کي مسواڪ سڏيو ويو. انڊڪ ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ اُنهي وڻ سان سلهاڙيل آهن، جيئن پِلو pilu. انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هاٿي جي لفظ پِلو pilu وانگر وڻ لاءِ ڪتب آيل انهي نالي جو ڌاتو ڏندن لاءِ پروٽو دراوڙي جي لفظن سان جُڙي ٿو.

    مُکوپَڌيايي لکيو آهي ته “هندي ڪٿا مهاڀارت (گنگولي 96-1883) پيلو pīluوڻ جو سنڌو درياهه جي ڪنارن تي آباد خطن سان ويجهو رشتو ڏيکاريو آهي، اِن مان ثابتي ملي ٿي ته پراچين يا قديم زماني کان سنڌو ماٿر ۾ پِلو (شايد پيرون يا کبڙ جو وڻ) وڻ عام طور موجود هو. تحقيق ۾ ثبوتن جي گهڻ رُخن حصن جو مطالعو ۽ معائنو ڪندي اهو نتيجو اخذ ڪيو ويو آهي ته سنڌو سڀيتا ۾ هڪ مُکيه يا اهم آبادي جا شين لاءِ بُنيادي لفظي ذخيرا يا ته پروٽو دراوڙي ٻولين جا رهيا آهن، يا وري اوائلي دراوڙي ٻوليون سنڌو ماٿر جي خطن ۾ ئي ڳالهيون پئي ويون.

    تحقيق جون دريافتون ۽ کوجنائون سنڌو جي سڀيتا جي باري ۾ خيالن ۽ سوچن کي ڪيئن وڌائين ٿيون؟

    مُکوپَڌيايي پنهنجي تحقيق ۾ ڪجهه ماهرن خاص ڪري، هيلسِنڪي يونيورسٽي جي چوٽيءَ جي وگياني ماهر يا انڊولاجسٽ آسڪو پارپولا جي خيالن ۽ نظرين جي تائيد يا پُشتي ڪئي آهي. آسڪر پارپولا جي تحقيق ۽ علم اللسان ۾ ڪيل قلمي پورهيو 2010ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هُن سنڌو ماٿر جي رسم الخط يا لپي ۾ ڪتب آيل علامتن يا نشانين جي نقشبندي ڪئي ۽ پوءِ اُنهن کي جديد دراوڙي ٻولين ۾ استعمال ٿيل لفظن سان ڀيٽيو يا ڳنڍيو. اُن جي بنياد تي پارپولا نتيجو ڪڍيو ته سنڌو لکت جون بُنيادي يا اساسي ٻوليون پروٽو دراوڙي هيون.

    مُکوپَڌيايي جي تحقيق 2019ع ۾ پير رويو جرنل سائنس ۾ ڇپيل جينياتي تحقيق کان جلد پوءِ آئي آهي، جنهن ۾ هندستان جي اُتر اولهه جي علائقن کان ڏکڻ پروٽو دراوڙي ٻولين جي ڦهلاءُ جو هڪ ڪيس ٺاهي پيش ڪيو ويو. دِي فارميشن آف هيومن پاپوليشن اِن سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشيا جي عنوان سان جينياتي تحقيق ۾ راءِ ڏني وئي آهي ته سنڌو ماٿر تهذيب جي زوال بعد ڀارت جي اُتر ۽ اُتر اولهه مان پروٽو دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ قبيلا يا گروهه ڏکڻ ۽ اوڀر طرف لڏپلاڻ ڪري ويا هئا. جينياتي ڄاڻ/ڊيٽا کي آرڪيالاجي ۽ لساني علم سان جوڙڻ بعد هڪ امڪاني منظرنامو پيش ڪيو ويو آهي ته سنڌو ماٿر تهذيب جي ماڻهن ڏکڻ هندستان جي اصلوڪن يا اي ايس آءِ (Ancestral South Indian)جي سنڌو درياهه جي ڪناري وٽ ساڳين خصوصيتن جي اوائلي جُزن يا مرڪبن سوڌو پروٽو دراوڙن کي ڦهلايو. درواڙي ٻولين جي سنڌو سڀيتا واري اصل نسل يا بُنياد لاءِ غير جينياتي مدد سان موجوده دور ۾ اُنهن ٻولين جي جاگرافيائي ورڇ (هندستان جو ڏکڻ ۽ پاڪستان جو ڏکڻ اولهه) کي شامل ڪيو ويو ۽ راءِ ڏني وئي آهي ته سنڌو ماٿر جي ڪجهه آڳاٽين مهرن تي نشانيون ۽ علامتون درواڙي لفظن يا نالن جا اهڃاڻ ڏين ٿيون.

    ٽوني جوزف جو تحقيقي ڪتاب آڳاٽا هندستاني يا ارلي انڊين 2018ع ۾ ڇپي پڌرو ٿيو، ٽوني جوزف مُکوپَڌيايي جي تحقيق جو مطالعو ڪندي چيو آهي ته “علم اللسان، جينيات ۽ آرڪيالاجي جي علم ۾ شاهين توڙي ثابتن جو جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ويو آهي، اُن جي بُنياد تي ڪوبه ماڻهو چئي سگهندو ته هندستان ۾ دراوڙي ٻولين جي ڦهلاءُ لاءِ عقلي ۽ مختصر تشريح اها آهي ته اُهو ڦهلاءُ اُتر اولهه انڊيا کان ڏاکڻي انڊيا تائين ماڻهن جي لڏپلاڻ جو نتيجو آهي. جوزف وڌيڪ چئي ٿو ته هڪ عام سمجهه يا راءِ آهي ته اها چرپر يا لڏپلاڻ 1900 سال ق.م ۾ هڙپا تهذيب جي زوال کانپوءِ ٿي هئي، ليڪن، جوزف پنهنجي ڪتاب ۾ پُڇيو آهي ته ابتدا يا اوائل ۾ اها ٿوري گهڻي لڏپلاڻ ڇو شروع ٿي هوندي يا اُن جي آغاز جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟

    مُکوپَڌيايي موجب اها حقيقت آهي ته پروٽو دراوڙي شايد اُنهن انيڪ ٻولين منجهان هڪ آهي، جيڪي سنڌو ماٿر جي خطي ۾ ڳالهايون وينديون هيون. هوءَ حوالو ڏيندي چئي ٿي ته دراوڙي سٿ جون ٻوليون جيتوڻيڪ ڏکڻ انڊيا ۾ خاص ڪري ڳالهايون وينديون هيون، تڏهن به اُنهن کي هندستان جي اُتر اولهه (بروهي)، اُتر اوڀر (ڪُروڪس مالٽو) ۽ وچولن حصن (جهڙوڪ، ڪولامي، نائڪي، پرجي، اولاري، گدابا) ۾ جيڪا ٽڙيل پکڙيل نمائندگي آهي، تنهن مان اشارو ملي ٿو ته سنڌو ماٿر تهذيب جي خطن سوڌو هندستان جي اُتر ۾ تاريخ جي زماني کان اڳ به درواڙي ڳالهائيندڙ ممڪنه طور گهڻي کان گهڻا هئا.

    جوزف هڙپا تهذيب ۾ ڳالهايون ويندڙ درواڙي ٻولين لاءِ تحقيقي مواد ۾ ڏنل راين جي تشريح ڪندي چيو آهي ته تازي جينياتي اڀياس ۾ اِن ڳالهه جي تصديق يا انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هڙپا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ڪجهه قبيلن جا ڊي اين اي سنڌو جي آسپاس مليا آهن، جيڪي وائي ڪروموسم، هيپلو گروپ ايڇ ون اي ون ڊِي ٽو تي ٻڌل آهن، اُهي هاڻي بُنيادي طور ڏاکڻي انڊيا ۾ لڌا ويا آهن. اِن کوجنا يا تحقيق جو امڪاني مونجهارو هي آهي ته هندستان جي اُتر اوڀر جي علائقن کان ڀارت تائين هڪ آبادي جي ڪا لڏپلاڻ يا چُرپر ٿي هئي. جوزف جو اهو به چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ تحقيق ۾ هند - يورپي ٻولين جي باري ۾ ڪابه راءِ نه ڏني وئي ، تڏهن به اُنهي غالب علمي سمجهه يا راءِ سان ٽڪراءُ ۾ نٿي اچي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڙپا تهذيب جي زواليت بعد جڏهن هند يورپي ڳالهائيندڙ قبيلن ڀارت ۾ لڏپلاڻ ڪئي، اُهو 2 هزار ۽ 15 سئو قبل مسيح جو دور هو. ٻين لفظن ۾ اِن جي معنيٰ آهي ته آريا- سنڪسرت- ويدڪ ڪلچر هڙپا تهذيب کانپوءِ آيو، هڪ پاسي هندستاني تهذيب جو اهو بُنيادي توڙ اهم نڪتو آهي، تڏهن به اُن جو اوائلو ترين ذريعو به نه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو