سنڌو ماٿر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پهرين ڪڪڙ آئي يا آنو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2021۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪڪڙ جي تخليق ۽ پالنا تي چارلس ڊارون کان جاري بحث جي پرولي ڀڃڻ لاءِ هڪ نئون دڳ کُلي ويو!


    [​IMG]
    [​IMG]

    دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ کيتن، باغن، تانبيلن- ٻهراڙي جي هر گهر ۾ هي جاندار نه رڳو پاليو وڃي ٿو، بلڪه دنيا ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي لاءِ حيواني (اينيمل) پروٽين حاصل ڪرڻ جو هي واحد وسيع ترين ذريعو پڻ آهي- تڏهن ته اِن کي دنيا جو سڀ کان عام پالتو جاندار ڪوٺيو ويندو آهي. پنهنجي نمايان جسامت سان اٽڪل 24 ارب سخت جان پکين کي به شهه ڏئي ويٺو آهي. پر گذريل ٻن صدين کان چوٽيءَ جا حياتياتي ماهر ۽ محقق اها پرولي ڀڄڻ ۾ لڳي ويا آهن ته نيٺ ڪڪڙ- ڪڪڙ ڪيئن ٿيو؟ اهو ئي لاڏلو جانور آهي، جنهن ماهرن کي اِنهي سوال- ڪڪڙ جي پهريون ڀيرو تخليق ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟- تي نور نچوئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پکين جي ڳرڀ جين (فُل جينوم) تي ٿيل هڪ ڳوڙهي اڀياس مان پهريون ڀيرو اهو نتيجو نڪتو آهي ته “اهو اٽڪل ساڍا 7 هزار سال قبل مسيح کان ٿورو پوءِ جو دور هو، جڏهن ڏکڻ- اوڀر ايشيا جي اُترين علائقن يا ڏاکڻي چين جي قبيلن کان خوبصورت رنگن وارو پکي گُگهه يا چڪور پالڻ شروع ڪيو، گُگهه پکيءَ جي سونهن تي لاڏائو قبيلا ۽ وڻجارا ايترو ته موهجي ويا، جو نه رڳو سڄي ايشيا پر- انٽارڪٽيڪا کان سواءِ - دنيا جي سمورن کنڊن ۾ هي پکيءَ کڻي ويا.

    پکين جي توليدي جينز تي سائنسي تحقيقي دستاويز سيل ريسرچ نالي مئگزين ۾ پڌرو ٿيو آهي، جيڪو چين جِي اڪيڊمي آف سائنسز جَي ڪُن مِنگ انسٽيٽيوٽ آف زولاجي سان تعلق رکندڙ تحقيقي ماهر مِنگ-شين وانگ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽيم تيار ڪيو. دستاويز ۾ لکيو ويو آهي ته ”اسان جي اڀياس جا نتيجا ماضيءَ جي اُنهن سمورين دعوائن جي اُبتڙ نڪتا آهن، جِن ۾ چيو ويو ته ڪڪڙ جي پالنا جي ابتدا چين جي اُترين علائقن ۽ سنڌو ماٿر ۾ ٿي هئي”. کين اهو به معلوم ٿيو ته جديد ڪڪڙ جو اباڻو يا اوائلي نسل ريڊ جنگل فائول جو تحت نوع يا ذيلي جنس آهي، جنهن کي گيلس گالس اسپيڊِيسِيوئس نالو ڏنو ويو،

    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي آرڪيالاجسٽ ڊوريئن فُلر چئي ٿو ته بلڪل، اهو بلڪل تاريخي طور هڪ غيرمعمولي اڀياس آهي، جنهن جا نتيجا اوائلي زراعت جي اُسرڻ ۽ اوائلي وڻج واپار جي نيٽ ورڪ تي روشني وجهي سگهن ٿا، ۽ اُهي ڪهڙيون مُکيه ڳالهيون يا خدو خال، جِن پکين کي ماڻهن لاءِ ايڏو پُرڪشش بڻايو.

    چارلس ڊارون جو خيال آهي ته ڪڪڙ ريڊ جنگل فائول جي نسل مان نِسريو آهي، ڇاڪاڻ جو پکي پاڻ ۾ هڪ جهڙائي رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان جنسي ميلاپ ڪري نسل به ڄڻي سگهن ٿا. سندس راءِ هئي ته پکي پالڻ جي ابتدا انڊيا مان ٿي. ليڪن گگهه يا چڪورجون پنج جنسون وڏي پئماني تي آباد آهن، اُهي انڊونشيا جي ٻيلن کان پاڪستاني هماليا جي پيراندي وارن علائقن تائين ڦهليون هيون. پر اها پڪ تڏهن به نه ٿي هئي ته ڪڪڙ جي تخليق ڪهڙي جنس مان ۽ ڪٿي ٿي هئي؟

    آرڪيالاجي ماهرن ڪڪڙ جي فرضي هڏين جي بُنياد تي مختلف طريقن سان دعوائون ڪيون ته، اُترئين چين ۾ 9 هزار سال ۽ موجوده پاڪستان ۾ 4 هزار سال اڳ لوڪ پکي پالڻ شروع ڪيا هئا.

    ڊي اين اي تحقيق هي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ رهنمائي ڪئي، پر ماهرن کي پکين جي جهنگلي مائٽن يا جنسن جي تمام ٿورا نمونا ملي سگهيا هئا. سو جيانلِن هان، لائيو اسٽاڪ اينڊ فوريج جينيٽڪ ريسورسز تي هڪ گڏيل ليبارٽري جي جينياتي ماهر آهي، جنهن مقامي ڳوٺن مان ڪڪڙن، ۽ سڄي ايشيا ۽ آفريڪا جي 120 کان وڌيڪ ڳوٺن مان جهنگلي جنگل فائول (ڪڪڙ جو بنيادي يا اباڻو نسل) جا نمونا هٿ ڪرڻ جو 20 سالا منصوبو هٿ ۾ کنيو. (سائنس، 23 نومبر 2012، پي پي. 1020 ۽ 1022.)

    وانگ جي ٽيم 863 پکين جي ڳرڀ جين يا توليدي جُزن جي ترتيب ٺاهي ۽ پوءِ اُنهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي. اُن جي نتيجي مان معلوم ٿيو ته موجوده ڪڪڙ جو نسل بُنيادي طور اهڙن پالتو ۽ جهنگلي جنسن مان نِسريو آهي، جيڪي هاڻ ميانمار، لائوس، ٿائلينڊ ۽ ڏاکڻي چين ۾ آهن، جيئن نقشي ۾ بيان ڪيل آهي. اوليويئر هانوٽي يونيورسٽي آف ناٽنگهم جو جينياتي ماهر آهي ۽ هي تحقيقي دستاويز ٺاهيندڙ ٽيم جو حصو به رهيو، سندس چوڻ آهي ته ڄاڻايل خطو پالنا جو مرڪز آهي، تحقيق مان مليل نتيجا اِن ڀانيي (هائيپوٿيسز) جي تصديق ڪن ٿا، جيڪو جاپان جي ڪرائون پرنس يا فرمانروا اڪيشينو مٽوڪونڊريال ڊي اين اي جي بُنياد تي 1994ع ۾ ڏنو- اڪيشينو هڪ اعليٰ پائي جو آرڪيالاجي ماهر به هو.

    وانگ جي ٽيم کي ثابتيون مليون آهن ته ڪڪڙ جي گهريلو پالنا ۾ ڏکڻ ايشيا حصو وڌو هو. هندي ننڍي کنڊ جو رهاڪو جنگل فائول ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پنهنجي اوائلي پالنا کان پوءِ ڪڪڙ سان جنسي ميلاپ ڪيو هوندو. نئين ڊي اين اي ڊيٽا پالتو ڪڪڙ جو ڏکڻ اوڀر ايشيائي ذيلي جنسن جي- جي سان گهرو رشتو نروار ڪري ڏيکاريو آهي. ٻئي پاسي ماهرن جو رايو آهي ته جنهن نسل مان اڄ ڪلهه جو ڪڪڙ ٿيو آهي، اُهو 6200 ۽ 12800 سالن جي وچ ڌاري پالنا سان جنگل فائول مان ئي جنميو هو، اهڙي پالنا يا ڊوميسٽيڪيش گهڻو ڪري نسلن ۾ ڦڙڦوٽ يا نون نسلن جي تخليق بعد ٿيندي آهي. فُلر جو خيال آهي ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ساڍا چار هزار سال اڳ سارين ۽ جوئر جي پوڇي اڃا نه پهتي هئي- پکين جي پالنا تڪميل جي درجي تي هئي، يعني پالنا عام ٿي چڪي هئي. هانوٽي مڃيو ته “اسان کي آڳاٽن آثارن جي ماهرن جي مدد گهربل هوندي، جيئن اُنهن انساني واقعن کي سمجهي سگهجي، جِن سان پکين جي پالنا جي لاڙي ۽ عادت جا بُنياد پيا.

    ليڪن جوناٿن ڪينوئر کي لڳي ٿو ته ڪڪڙ جي تخليق ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ئي ٿي هئي، جوناٿن هڪ سينيئر آرڪيالاجسٽ ۽ يونيورسٽي آڦ وسڪونسن ۾ سنڌو سڀيتا بابت ايڪسپرٽ/ماهر آهي. سندس راءِ آهي ته کين آڳاٽا ڊي اين اي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن سندن دعوائون يا شاهديون ثابتين جي لحاظ کان سگهاريون ٿي سگهن. ڇاڪاڻ جو ممڪن آهي ته موجوده دور جي پکين جا توليدي جِين ڪڪڙ جي ارتقا ۾ پيش آيل اوائلي واقعن جي باري ۾ بنهه محدود شاهديون ڏئي سگهن- نه ئي ڊي اين اي ذريعي واضح ٿي سگهيو آهي ته اُها بُنيادي ڪهڙي ڳالهه، واقعو يا شئي هئي، جنهن ماڻهن کي پکي پالڻ تي هيرايو. ڪڪڙ جا اوائلي نسل بنهه سنها ۽ سِيپڪڙا هوندا هئا، ۽ اڄوڪي صنعتي نسل جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورا آنا ڏيندا هئا. شڪاري سينائون سندن شڪار ڪنديون هيون. ڪجهه محققن جي راءِ آهي ته اوائل ۾ پکي ڦرلٽ يا تحفي طور- يا وري ويڙهه جي مقابلن لاءِ ڏيساور نيا ويندا هئا. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي علائقن ۾ اڃا به ڪڪڙ ويڙهائڻ ۽ اُنهن تي انعام رکڻ کي هڪ ڪاروبار طور جاري رکيو ويو آهي. ڪڪڙ جي مهانگي اگهه به وڻجارن کي ڏورانهن علائقن تائين کپائڻ تي راغب ڪيو.

    سِمٿسونين انسٽيٽوٽ جي آرڪيو- زولاجسٽ (آڳاٽن آثارن جي حياتياتي ماهر) ميلنڊا زيدر هن تحقيق کي جادو قرار ڏيندي چئي ٿي ته جيترو اسان سوچيو هو، ڪڪڙ جي پالنا ۽ ڦهلاءُ جي ڪهاڻي اُن کان به اڃا گهڻي پيچيده آهي، اِن ڪهاڻي جي پرولي ڀڃڻ لاءِ جينياتي ۽ آرڪيالاجي جي ڊيٽا کي پاڻ ۾ ملائڻو پوندو. آڳاٽن آثارن جا ماهر ۽ محقق هاڻ پکين جون اُهي هڏيون گڏ ڪري رهيا آهن، جيڪي شاهدي ڏين ٿيون ته ڏاکڻي چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هارين ۽ ڪُڙمين ساڍا 3 هزار سال اڳ سڀ کان پهرين پکي پاليا هئا- اهڙيون کوجنائون جينياتي تحقيق جي ڪم لاءِ مددگار هونديون. ٻئي پاسي هانس جو گروپ تحقيقي مواد جو هڪ وڏو مجموعو سهيڙي رهيا آهن، جيڪا ايشيا، افريڪا ۽ يورپ مان 15 سئو جديد ڪڪڙن مان ورتل ڳرڀ جينز تي ڪئي وئي. گروپ جي تحقيقي ماهرن ڪڪڙ جي پالنا جي ايشيا ۽ آفريڪا تائين پکيڙ جو سائنسي مشاهدو ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي، اُن سان گڏ بيمارين سان ويڙهه ۽ وڌيڪ آنا ڏيڻ سوڌو ڪڪڙ جي ٻين خاصيتن پويان موجود جينياتي فرق تي به تحقيق ڪئي پئي وڃي. گروپ جي سربراهه هان چواڻي هي اڀياس ڪڪڙ تي توليدي جينياتي تحقيق لاءِ بنهه نوان باب کولي ڇڏيندو.

    ( اينڊريو لالر جو هي تحقيقي مقالو 26 جون 2020ع تي سائنس مئگزين ۾ ڇپيو هو.)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو