سر حسيني

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏27 سيپٽمبر 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر حسيني داستان پھريون
    1
    لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو؛ گُهتُون گوهِيُون ڇَڏِ
    لاهِه مَ لَڏو لَڏِ، تَه ڳاڙهي سِڄِ ڳالِهه مِڙين.
    2
    لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ،
    سِڄُ سامُهون مُنهَن ۾، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
    سُپِيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالِهه مڙين.
    3
    لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ،
    آهي ايءُ اُهڃُ، هاڙهي هَلَندِيَنِ جو.
    4
    اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،
    سَسُئِيءَ کي، سَيّدُ چئي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
    ڪُٺَلِ رَکِيو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
    5
    اُلَهِي سِڄَ اويرَ، مَ ڪرِ مَعذُورِيَنِ تي،
    پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرَ ٻاروچَنِ جا.
    6
    وِيو ٻاروچو نِڪَرِي، هاڻي ڪَرِيان ڪيئن؟
    سِڄَ اُلٿي سيئن، سَٽُون ڏينديَسِ سُڃَ ۾.
    7
    ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان،
    آئُون ڏورِيندِي ڪيتَرو، پَهَڻنِ پيرُ پيو،
    سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.
    8
    سَرَتِيُون! سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي،
    پاڻي ناهه، پَنڌُ گھڻو اَڳِيان رائو رُڳِي رُڃَ،
    مڇُڻ مَري اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پرينءَ کي.

    سر حسيني داستان 2
    1
    ڪِين ڌَرَتَتِي، ماءِ! ڪِين ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين،
    هَلي ۽ واجهاءِ، ٻنھِي ڄيرَن وِچَ ۾.
    2
    مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو،
    مون کي طَعنا تي ڏِيين، جيئن نه پَرُوڙِيين سَچُ،
    امڙ! اوري اَچُ، تہ سِٽَ سُڻايَئِين سُورَ جِي.
    3
    مَٿي مَنجهان مِينهُن، پسو! پاڻِيءَ جيئن وَهي،
    مُون ڀانئيو نينهن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.
    4
    مَنجهان منهنجي رُوحَ، جي وَڃي
    ساڄَنُ وِسَرِي،
    تَه مَرُ لَڳِي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿي مَران.
    5
    لَڳِي مُون کي لُوهَ، وِرِهَ واٽُون لائِيُون،
    رازُ جنهن سين روحَ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.
    6
    ٽِمَنِ نيڻَ، رَتُ وَهِي، چُئاڪا ڪِيو،
    مُون کي ڏَنءُ ڏِيو، اَئِين ٿا وَڃو، اوٺِيا!
    7
    امڙ وَڃِي آڻِ، چَرَخو آتَڻَ وِچَ مان،
    ڪتيُمِ جِنهِين ڪاڻِ، سو ڪوهِيارو.ڪيچ وِيو.
    8
    پَهِي ڪامَ پِڃاءِ، اَمڙ! منهنجي آسَري،
    ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،
    ڪتيُمِ جِنهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.
    9
    پَهِي ڪامَ پِڃاءِ، امڙ! منهنجي آسَري،
    ڏيئي ڪِين ڪَتاءِ، مون کي نينهن نِهوڙِيو.
    10
    ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاهُہ کوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون،
    ساڄَنُ منهنجو ساهُه، هاڃي مَنجِھ هَڻِي وِيو.
    11
    آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان، تَندُ نَه نِڪَري،
    پاڻان روئِي رَتُ، چَرَخو مُون چِڪَ ڪِيو.
    12
    کوءِ هاڙهو، ٻَنِ هوتُ، کوءِ پُنهون، ٻَنِ پِرِيتَڻُو،
    مادَرِ! مُون مَوتُ، پَسَڻا پِرائِيو.
    13
    کوءِ ٻولي، ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي،
    مون کي چَئِي لوچُ، پيهِي وِيا ڇَپرين.
    14
    جيئن جيئن تَپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻِيان پَنڌَ ۾،
    ڪو آڳانجهو نينهن، ٻانڀَڻِ ٻروچَنِ سين.
    15
    جيئن جيئن ڀِڄي راتِ، تيئن تيئن تاڻي پَنڌَ ۾،
    ڀورِيءَ ٻِي نَه تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.
    16
    نه ڪو ليکوئِي ٿِيو، نه ڪو تَتو ڏينهُن،
    تِهان اوري نينهُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
    17
    جان جِيين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ رِي،
    تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.
    18
    تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاهِه، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،
    مَتان ٿِئي اُونداهِه، پيرُ نه لَهين پرينءَ جو.

    سر حسيني داستان 3
    1
    ڪو گهمَندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو،
    ڇَڏيندِيَسِ ڀَنڀورَ، هِنيُون هِتِ نه وِندُري.
    2
    ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِيو،
    هاڻي ساڻ ڏُکَنِ، تان ڪِين ڏُونگَرَ ڏورِيان.
    3
    ڀينَر! ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَهو،
    اَڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِيَنِ سُورَ پِرائِيا.
    4
    ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون
    سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي.
    5
    ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،
    سَڄَڻَ جي سانگِ وِيا، سيئي ٿِي سارِيان،
    سي ڪيئن وِسارِيان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.
    6
    ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون! سَکَرُ ڀانئِيان،
    مُون سين تنهن پَهاڙُ، ڏُکان هَڏِ نه ڏورِيو.
    7
    اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون! سَکَرُ ڀانئِيان،
    آرِياڻيءَ اَتور، ڏِٺُم جِتِ اَکِيَنِ سين.
    8
    لَڳِي لاڳاپي، ڀورِي مُنڌَ ڀَنڀورَ جي،
    پِرِين وِڃايو تي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.
    9
    ڀُلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَلِيو،
    شَهَرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِين، آرِياڻِي اَتورُ،
    ماڻيو تَنِين مورُ، ديکِيو جَنِين دِل سين.
    10
    جَنِين ديکِيو دِل سين، پُٺِيءَ سي پيُون،
    تَه پُڻ ٿي ويُون، جي پُنهُونءَ پاڻُ لڪائيو.
    11
    بُرو هو ڀَنڀورُ، آرياڻِيءَ اُجاريو،
    لاٿو سَڀ لوڪَ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ،
    ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهُون ڪِيائُون پورُ،
    آيو سو اَتورُ، جِنهن ڏُکِيُون ڏِکَ وِهارِيُون.

    سر حسيني داستان 4
    1
    لَڄايا مُونهان، ساجُهرِ تي سيڻَ وِيا،
    پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ منهنجي ذاتِ جِي.
    2
    هُيَسِ جي آئُون، ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،
    هوند نه ڇَڏِيائون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.
    3
    آئُون جي هُيسِ هَڏُ، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،
    ساٿَ لَڏِيندي سَڏُ، مانَ ڪوهِيارا ڪَرِينِ مُون.
    4
    هُيَسِ جي سِياءِ، تَه ڪِيُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي،
    اَدبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهه نه ڪِيَمِ ڪاءِ،
    ذاتِ منهنجي ماءِ، ڪَچو ٿِي ڪيچِيَنِ کي.
    5
    اوٺِيَنِ اُمارو، مُون جَهلِيندي نه رَهيا،
    ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِيو ڪيچُ اَکِينِ ۾.
    6
    ساٿِي توءِ هَلَنِ، پَٿَرِ جي وارَ ڪَريان،
    جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏٺو عَيبُ اکين سين.

    7
    ساٿِيَنِ سَئِين نَه جاڳِيين، پوءِ ڪُڄاڙِيا روءِ؟
    اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ هوءِ، جيئن هو سانگِي، تُون سُمَهين.
    8
    ساٿِي نَه پَسان سي، جي هُيمِ هِينئين ٿُوڻِيُون،
    هاڻي ڪَنِين جي، وَڃِيو اَڱڻِ اُڀِيان؟
    9
    آن ڪي ساٿِي ڏِٺَ، جي مُون ويڙهِ وِڃائِيا،
    رُوئان رَتُ مَڃُٺَ، هاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.
    10
    مُون سَڏِيندي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏُ نَه ڏِينِ،
    وِلَهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَه تنوارِينِ،
    هيڏا هاڃا ٿِينِ، بُري هِنَ ڀَنڀورَ ۾.
    11
    ڪَهان، تان ڪيچان پَري، وِيهان تان وَٽِ مُون،
    ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.
    11
    ڪَهان، تان ڪيچان پَري، وِيهان تان وَٽِ مُون،
    ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي.
    12
    ڪَهان، تان ڪيچان پَري، سُمَهان، تان سِرَ هيٺِ،
    ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون! جيهِيءَ پَرِ ٿِي.

    حسيني داستان 5
    1
    ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي وِيا،
    وَٺِي وَرُ واٽُ ٿِيا، پُنهُون ڄامُ پَهَسَ،
    هُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
    2
    وَڏِي وَسَ هُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
    وَڃِي ڏُورِ پِيا، سانگينِ پُٺِيءَ سُپِرِين.
    3
    سانڍِ پنهنجي ساهَه، ٻانهِين ٿِي ٻورا ڪَريان،
    واڳِيُون جي وَرَنِ سين، تَنِ سَرَتِيَنِ سيڄَ سُهاءِ،
    مون کي طَعنا تي ڏِيين، مُون جيئن مُٺِينءَ نه ماءِ!
    آريءَ جِي آڪاهِ، رُلايس روهَن ۾.
    4
    ماءِ! وِهاڻو وارِ، کَڻُ پَٿَراڻِي پانهنجي،
    جيڪِي ڏنُئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
    وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهُونءَ جو.
    5
    ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيان،
    جِتي رَهان راتَڙِي، مِرُون منهنجا مِٽَ،
    سيڻَنِ جِي سَهَٽَ، ڏُونگَرُ ڏوئِلِي مُون ٿِيو.
    6
    ڏنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، ٻيلِياڻِي ٻَروچَ،
    لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيئِي پَهُچائي پُنهُونءَ کي.
    7
    مُسافِرِنَئُون ماءِ، وِرِهُ وِهايُمِ وِتَرو،
    اَچِي ٿِيَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
    جِيجان! جَهلَ مَ پاءِ، هِنيون هوتَ هَڻِي وِيا.
    8
    ڪيئن اَڙايُئي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيهِيَنِ سين،
    مَتِيُون مُوڙهُيئي، سَسُئِي! ڪِيُئي ڪوهِيارو ڪانڌُ،
    رُلِي! ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ! عِشقُ ٻَروَچ جو.
    9
    منهنجو پاڙيچَنِ، ڪَچو ڪونَه ڍَڪِيو،
    پاسي چَڙهِي پُنهُونءَ جي، ذاتَ سَلَتِي جَنِ،
    تيلانهن ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.
    9
    منهنجو پاڙيچَنِ، ڪَچو ڪونَه ڍَڪِيو،
    پاسي چَڙهِي پُنهُونءَ جي، ذاتَ سَلَتِي جَنِ،
    تيلانهن ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.
    10
    حُسينيءَ جِي هاڪَ مادَرِ! مارِي آهِيان،
    ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ،
    ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، مَتان پوئِم پرينءَ سين.
    11
    جيڪِي فِراقان، سو وصالان نه ٿِئي،
    اَچي اوطاقان، مون کي پِرِيَنِ پَري ڪيو.
    12
    ڦِرِي آءُ فِراقَ! مون کي وِصالان وِچُ پِيو،
    جي ٿي چِڪِيُمِ چاڪَ، سي پرينءَ گَڏِجِي پُورِيا.

    سر حسيني 6
    1
    آيا، آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
    پَسِي پَهَرَ پُنهُونءَ جِي، نَنهَن سينءَ نيڻَ ٺَرِيام،
    گوندرَ وِسَرِيامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
    2
    ڏيکارِيس ڏُکَنِ، گوندرَ گسُ پِرِيَنِ جو،
    سونهائِي سُورَنِ، ڪئي هيڪاندِي هوتَ سين.
    3
    ڪَنِين ڪَنِين ماڙُهوئين، گوندرُ وَڏِي وَٿُ،
    ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سُورَ جو.
    4
    سئو سُکَنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻِ ڏِيان سَٽِ،
    جي مُون مِڙي مَٽِ، تہ وِرِهُ وِهايان هيڪَڙو.
    5
    سَئو سُکَنِ ڏيئِي، وِرِهُ وِهايُم هيڪَڙو،
    مُون کي تنهن نيئِي، پيرُ ڏيکارِيو پرينءَ جو.
    6
    سُورَ مَ ڏي ڌُوڻ، آئُون آهيان اَڳِهين ڪاهِرِي،
    جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ، سا پَرِ منهنجي جندَڙي
    7
    سُورَ! مَ وڃيجاهُ، سَڄَڻَ جِيئن سانگِ وِيا،
    پرينءَ پُڄاڻاءُ، آئون اوهان سين اورِيان.
    8
    سُورَنِ سانگهارو، ڪَڏِهن تان ڪونَه ڪِيو،
    آيَلِ! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَهي.
    9
    سانگهارو سُورَنِ ڪڏِهن تان ڪونَه ڏِنو،
    ٻائِڙَ ٻوڙَ وَهَنِ، ڪالُهوڻِیان اَڄُ گَهڻا.
    10
    سُورَ نَه ساڱاهِينِ، ڏِينِ اُڌَما اوچِتا،
    مُون کي مُون پِرِيَنِ جا اَمَياآهِينِ،
    لَڄُون جي لاهِينِ، سيئِي ٿِيَمِ سامُهان.
    11
    سُورَنِ لَڌو سَجُهه، پاڻهي پيهِي آئِيا،
    ڪنهن کي ڏِيان مَنجُهه، مَرُ تان چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.
    12
    سُورَ! مَ مَٽِجِ ساءُ آئُون نَه وِڪَنِي آهيان،
    وَڃِجِ مَ ويلَ ڪِهِين، وِرِهَه! مُون وٽاءُ،
    تُون پُڻِ تڏھن جاءُ، جَڏھن ٿيان هيڪاندِي هوتَ سين.
    13
    سُورَ! په ڀَتو ڀَتِ، هِيءُ چِڻِڪِيو ڪِين ٻِيو،
    پِرِيَتَڻي پرينءَ جي، ماءِ! مُنجهايَم مَتِ،
    ڀينَرُ! ڀَلِي ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
    14
    لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِیا قَضاڪَ،
    اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ،
    اَکَڙِيَنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پُرَڏيهِيَنِ جو.
    15
    لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ! پَلِ مَ مُون،
    سَڀ رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
    مادَرِ! مَٿان مُون، لَڪَنِ لوڏوُن لائِيُون.
    16
    ڏُنءُ لَڳو، ڏُونگَرَ ٻَرِيو، ڀينَرُ! کاڻِي ڀُون،
    مَنان لاٿو مُون، سندو جِيئَڻَ آسَرو.
    17
    ڏُکويُون ڏيها، جيڪُس لَڏي وِيئيُون،
    هاڻي ڪَن مُلا، پُڇان پِرِيَنِ خَبَرُون.
    18
    ڏُکِيُون جان نَه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿئي،
    ٻِيُون هونهِين هَٿَ هَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون.
    19
    نَه ڪي رُوئَڻَ وارِيُون، نه ڪي اوسارِينِ،
    مُنهِين کي مارِينِ، مُنهِين سَندا ڏُکَڙا.
    20
    سُورَ وراهيان، سَرَتِيُون! جي ورهايا وَڃَنِ،
    ٻِيُون ڪوهُ ٻُجَهنِ، جَنِ سَندا تَنِ سامُهان.
    21
    مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪِنهن، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ،
    ڀَرِيُون ڪِيو ڀُڻانِ، وِيا وِهائو نِڪَرِي.
    22
    ڀيڙي ڀيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي سَندِرو،
    ڪيچَ اَڳانهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَن سين لَڳِي مَرين.
    23
    ڀيڙي ٻَنڌُ ٻِيهارَ، سُورائِتِي سَندِرو،
    ڏُونگَر توهان ڌارَ، ڪانَه ڏورِيندي ڏُکَ سين.

    24
    ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونهن، گهورِيا سُکَ ڏُکَن ري!
    جَنِين جِي وِرُونهن، سَڄَڻُ آيو مان ڳري.

    سر حسيني 7
    1
    پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهن تَڏهن پِرينءَ کي،
    ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.
    2
    پُڇِيوئِي تان پُورِ، ناتَ پُڇَڻُ هوءِ مَ پرينءَ کي،
    ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ، هَڏِ نَه اَهِينِ هوتَ کي.
    3
    ڏورِيان ڏورِيان، مَ لَهان شالَ مَ مِلان هوتَ،
    مَنَ اندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.
    4
    ڏورِيان ڏورِيان، مَ لَهان ساٿِي ڪولهُوڻا،
    لاهي لاڏوڻا، سَفَرِ ڪنهن سانگِ وِيا.
    5
    آئُون ڏورِيئين، شالَ مَ لهئين پِرِين هُئين پَري،
    هَڏِ نَه ساهَه سَري، تَنَ تَسَلّي نَه ٿِئي.
    6
    آئُون ڏورِيئين، شالَ مَ لهئين، تَنَ مَ مِلين تُون،
    لُونءَ لُونءَ مَنجهان مُون، لوچَ تنهنجي نَه لَهي!
    7
    آئُون ڏورِيئين، شالَ مَ لهئين، ساڄَن! مَڃ سُوالُ،
    سِڪَ تنهنجي، سُپِرين! ٿِي جانِ زَوالُ،
    وهاڻِيءَ وِصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.
    8
    ڇَڏِيَمِ حُجّ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا،
    اَدِيُون! آڙِيڪا، هينئَڙي پيم هوتَ سين.
    9
    ڇَڏِيَمِ حُجّ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪَنِ چَڙهِي،
    آڙِيڪَنِ اَڙِي، پيَسِ هوتَ پُنهُونءَ سين.
    10
    ڇَڏِيَمِ حُجّ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪا چَکيامِ،
    آرِياڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگَرِ ڏينهن لَڳامِ،
    پُڇجِ، پِرِين سَندامِ، ويٺِيَسِ، وِکَ نه اُپڙي.
    11
    ويٺَيَسِ وِکَ نَه اُپُڙي، اَڄُ آرِياڻِي تون آءُ،
    چُڪِيءَ تو سين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙهي.
    12
    جيڪا ڪَندِي نينهُن، مُون جيئن ٻَاروچَنِ سين،
    سِڪَڻُ سارو ڏينهن، چَڙَهَڻُ چاڙهِيڪَنِ تي.
    13
    جيڪا ڪَندِي سنگ، مُون جيئنءَ
    ٻاروچَنِ سين،
    اَنگُهنِ چاڙهي اَنگ رُوندِي سا رَتَ ڦُڙا.
    14
    جيڪا ڏِيندِي مَنجُهه، مُون جيئنَ ٻاروچَنِ کي،
    مَٿان ڳَلَنِ هَنجُ، ڪِينَ لاهِيندِي ڪَڏهن.

    سر حسيني داستان 8
    1
    آتَڻُ اورانگهي وِيا، آئُون ٿِي مَران ماءِ،
    پِٿُون ٿيندَيَسِ پيرَ تي، هَئي هَئي! ڪَري’هاءِ!‘
    جِيئَڻُ مُون نه جُڳاءِ، پِرِيَنِ تان پاسو ڪِيو.
    2
    آتَڻُ اورانگهي وِيا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ،
    ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃ ۾.
    3
    آتَڻُ اورانگهي وِيا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ،
    ويهُه مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هُنِ پُڄَندِينءَ هاڻِ،
    رائي مَنجِهه رِهاڻِ، هَلُ تَه ٿِئي هوتَ سين.
    4
    آتَڻُ اورانگهي وِيا، ڪَري ڪَميڻِي ڪيئن،
    هاڻِ گُهرجي هيئن، ته ڏِجي باهِہ ڀَنڀورَ کي.
    5
    آتَڻُ اورانگهي وِيا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
    آرِيچا اُٺَنِ تي، هِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
    ڪِين هَلي، ڪِين هَٿُ کَڻي، ڪِين رڙهي، ڪِين روءِ،
    ڪو پُنهُونءَ کي چوءِ، ته مُٺِيءَ ماتَمُ آئِيو.
    6
    ڄاڻِي سُڃاڻِي، مون کي ڇَڏِي هَلِيا،
    اَدِيُون! آرِيچَنِ لئي، آئُون کُوري جيئن کاڻِي،
    پاهَڻَ ۾ پاڻِي، هارِيُون! هارَڻُ آئِيو.
    7
    ڄاڻِي سُڃاڻِي، مون کي ڇَڏي هَلِيا،
    آئُون ڪيئن ڇَڏِيان پانهنجو، اَدِيُون! آرِياڻِي،
    ڀَرِيُمِ جو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَه آئِيو.
    8
    ڄاڻِي جي ڄاتومِ، تَه پُوندو فِلقُ فِراقُ جو،
    اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
    پوءِ تان ڪونَه ڪَيومِ، هوند ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
    9
    وارو! وَڃَنِ ٿا، سيڻَ تنهنجا سَسُئِي،
    هِهَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَهَندِيئن ڪي ٻِيا.
    10
    واري وَرائي، تو پنهنجا نه ڪِيا،
    ڀورِي! رَنجائي، هوند نه پيئِينءَ هيتَري.
    11
    جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِيا ڇُلِنگِيُون،
    مَٿي تنهن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نه ٿِيين؟
    12
    دُکائِيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻانِي وَڃَ،
    پِرِياڻُو مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهَندو لَڪِيين.
    13
    ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيين،
    مَڇُڻِ ٿِئين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نه لَهين.
    14
    ڪا جا ڪِيائُون، وائِي واري وِنگُڙِي،
    آيَلِ! تنهن آئُون، ٻولِيءَ ٻاتاڙِي ڪئِي.
    15
    وائي واري وِنگُڙي، ٻولِي ٻِي نه ڪَنِ،
    اَلا! ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پوءِ مَ مامِرو.
    16
    ڪا جا آندِي ڪيچِيين، وَڻِڪارا وائِي،
    سُڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊَ وِهُ ٿِي.
    17
    پُڇِيوئِي جان دوستُ، تان پاسي ڪَرِ پَرِهيزَ کي،
    جَنِين ڏِٺو هوتُ، تَنِ دِينَ سَڀيئِي دُورِ ڪِيا.
    18
    هَلو ۽ مَلهو، ڏُکُ مَ پَسو، ڏوٿِيا!
    سُونهون جو ساٿَ جو، سو مُون هوتُ سَلو،
    آن پُڻِ ٿِئي ڀَلو، آئُون پِه گَڏِجان پرينءَ کي.

    حسيني داستان نائون
    1
    ڪاتِيءَ تان نَه ڪهِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِيو،
    مارِيَسِ سُورَ تِهِين، جو نه جِياري جيڏِيُون.
    2
    ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءِ! منهنجو ڄِندَڙو،
    جنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نَه پَسان جُوءِ ۾.
    3
    جِيءُ منهنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِيو،
    پُڄاڻان پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَه ٿِئي.
    4
    اَچِيو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
    پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻي ماڙهُو ٿِئِي.
    5
    رَو، وِسانئي راندِ، پَهَه پَرَوڙِج ساٿَ جا،
    هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏينهَڙا.

    6
    رُوئڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري،
    ڪُٺَلِ کي قَلبَ ۾، قُربَ جو ڪاڙهو،
    هوتَنِ لَئي هاڙهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.

    7

    روئِي ڪَندِينءَ ڪوهُه، هاڻي ڪو هوتُ وَري،
    جيڏِيُون! جيڏِوئِي ڪيو، ساڻُسِ سيڻَ سِتوهُه،
    ڊوهِي اَٿِيان، ڊوهُه، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.

    8

    رُوئان تان راندِ، کِلان، کامي هِينئون،
    اَکَڙُيون ويساندِ، پرينءَ گَڏِجِي ڪَندِيون.
    9
    اَکِيَنِ ڪِينَ ڪِيو، رَتُ نه رنائُون،
    اُڀي ِٺائُون، ڦوڙائِبا سُپِرِين!
    10
    کاڻِيُون، لُوٺِيُون اَکِيون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ،
    مُٺِيُون ماٺِ نَه ڪَنِ، هَيُون رَهَنِ نه هوتَ ري.

    11
    وَسِي، وِساڻِيُون، رَتو روئِي پرينءَ کي،
    پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون،
    سي ڪيئن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو هوتُ نَه وَاريو.

    12
    وَسي، وَسِي مينهن، جيئن لَٽي وييَسِ کيهَه،
    توءِ پِرِيان جي ڏيهَه، پيئِي پُڇي خَبَرُون.

    13

    کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءُ مَنگَرُ مَ ڏِيو،
    هيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُهارَ جِيئن.
    14
    کاڻِي کيرِنِ هيٺِ، ويٺِي، روءِ رَتَ- ڦُڙا،
    ڪا مُون ٿيندي ڏيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروچَنِ سين.
    15
    پُنهُونءَ پيرَڙِيُون، گَهرِ گُهمَندي جي ڏِنيُون،
    سي مُون سيرَڙِيون، نِتُ نِهارَڻُ پيئِيُون.
    16
    مُيَسِ، مَرُ مَران، سُيَسِ وِچ سَرَتِيين،
    پورهَيتِ ٿِي پَران، پاڙي ڄامَ پُنهُونءَ جي.
    17
    مارِيو جي مَعذُورِ، ته هيڪارِي هُور لهي،
    ساڄَنَ! آهنجي سُورِ ڪِينَ جِيان ٿِي ڪيچِيا!
    18
    نه ڪِي ٿِي جِيان، نه ڪِي مُئِي آهِيان،
    ساڄَنَ ساهه ڏِيان، توکي سارِيو سُپِرِين!
    19
    تُون جي ڪالَهه مُئِي، ته ڪالَهه ئي گَڏِي پرينءَ کي،
    ڪَڏهن ڪانَه سُئِي، تَه ڪا سَگِهي گَڏِي سَڄَڻِين.
    20
    اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳَ ۾،
    مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ منهنجو جيڏِيُون.

    21
    مَرُ مٿا ڏيئِي، پُنهُونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾،
    تَه سَرَتِيُون سَڀِيئي، واکاڻِينِئِي ويٺِيُون.
    22
    سُتِي تان نه سِياءُ، جي ڪوهِيارا ڪيچَ جا،
    اَنگُهنِ چَڙهِيو آءُ، جي نالو ڳِيَڙُءِ نِينهن جو.
    23
    مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِيو، گهوري سَسُئِي،
    پازِي جي پُنهُونءَ جا، ڪارُون ڪَري تَنِ،
    ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جِي.

    سر حسيني داستان 10
    1
    واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهيو پير کڻي،
    سي نَه چڙَهَندِيُون ڏِکَ موڙي پيرُ مَرَنِ جي.
    2
    وِجُهه وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين،
    ڏُکُ تَنِين کي ڏِکَ، حُبَ جَنِين کي هوتَ جي.
    3
    واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مٿي سَڏَڙا،
    مانَ تنهنجِي ڪاءِ، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي!
    4
    سَڏنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو مَنجِهه وَڻين،
    سَڄَڻُ پَنڌِ گَهڻي، مانَ ڪوهِيارو ڪُوڪَ سُڻِي.
    5
    ڪوهِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آئِيو،
    هوءِ مَرُ هوتُ حَياتُ، آئُون مُيائِي گهوريِي.
    6
    وِهين ۽ ويلا ڪَريين، پُڇين ٿِي پانڌِي،
    هارِي! هيڪاندِي، ڪنهن پَرِ ٿيندينءَ هوتَ سين.
    7
    وِهين ۽ ويلا ڪَريين، اِيءَ نه اُڪَنڊ آهِه،
    سي لاڳاپا سَڀِ لاهِه، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.
    8
    وِهين ۽ ويلا ڪَرِين، سَڏِيين ساڱاتُو،
    هارِي! آپاتُو، تو سين سُونهَنِ نَه سَسُئِي.
    9
    پاڙي ناهِه پَرُوڙَ، ته ڪا راتِ رَنجائي گُذِري،
    ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گُهورَ،
    هِڪَ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
    10
    پاڙيچِيءَ روئِي، چاڪَ منهنجا چورِيا،
    پَگَهرُ وِجَهنديَسِ پِرينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
    ساڄَنَ سَڀوئِي، ساهه اوهان تان صَدَقو.
    11
    اَڄُ نَه مُون قَرارُ، ڏِٺُمِ سَئُنچو ساٿَ ۾،
    نَهِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻِيهَه سُپِرِين.
    12
    ڪِيا ويچارِيءَ وَسَ، ڪارَڻِ ڪوهِياري گَهڻا،
    گَهڻُو پُڇي پانڌِيين، سَندا ڏيرَنِ ڏَسَ،
    لَمُون ڏوري لَسَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.
    13
    تان ڪا ڪِجاهُ وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
    آئُون اوهان جي آهِيان، بَندِي بي سَمَرِ،
    اَچِي ڪوهِيارا! ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.
    14
    تان ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِي تي ڪيچِيا،
    آئُون اوهان جي آهيان، ٻانِهِي، ٻاروچا،
    دِلاسي، دوسا! متان مُون کي ڇَڏِيو.
    15
    هُوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مُون پِينگهي ۾ پِرائِيا،
    سانڍِيياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون!
    16
    سُورَنِ سانڍِيياس، پُورَنِ پالي آهِيان،
    سُکَن جي، سَيّدُ چي، پُکي نَه پيياسِ،
    جِيڪُسِ آئُون هُياسِ، گُرِي گُوندرَ- وَلِ جِي،
    17
    سِرِجِي، تان سُورَ، ساماڻِي، تان سُکَ وِيا،
    اِهي ٻَئِي پُورَ، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيا.
    18
    مُونهان مَهندِ ٿِيا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو،
    هَلو ته ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جي وِيا،
    ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِيا، هوتَ مَٽائي اَڳِيان.
    19
    پُڻِ وِهاڻِيَسِ راتِ، هَلي هاڙهي سامُهِين،
    پُنهُونءَ جا پِرڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَهِيَڙا.
    20
    نَه ڪا تاتِ، نَه تُوتِ ڪا نَه ڪا تاتِ تَنوارَ،
    ڪانهي پِرِتِ پَچارَ،* لَنئُونءَ ويچارِيءَ لَڏِيو.
    21
    ڪِينِهين طالِبَ تاتِ جا، نَه تَه آهي تاتِ تِيارُ،
    ورِيان، پِيو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِيا.
    22
    جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ پِه تَنِين وَٽِ،
    هڏهين ڪانهي هَٽِ، گهورِ، تَه گَهران ئي لَهين.
    23
    ڪنهن جنهن نينهن نَنڌاهه، جيئن مُون واجهائيندي نه وَرو،
    جيڪِين مُئي ڪَندا، سو، جانِبَ! ڪَرهوجِيئَري.
    24
    مَتان ٿِيين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهُون آهِيان،
    ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏُورُ، حَدَ ٻنهِي جِي هيڪَڙي.
    25
    اُن جي ڏِٺا هُونِ، اَللهَ ڪارَڻِ ڳالهه ڪَرِيو،
    نيڻَ منهنجا رُونِ، راتوڏينهان اُنِ کي.
    26
    اَڃا راتِ رتومِ، ڪوڏِ ڪوهِياري ڪَنجُرو،
    ڀينَرُ! ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.
    27
    سَرَتَينِ سَهجَ مَنجهاءِ، ٿي ڪوڏِ وَراهيا ڪَپِڙا،
    تَڏِهن منهنجيءَ ماءُ، ٿي پَهَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.
    28
    ڪڏهن ڪَڏِهن جيڏِيُون! ڪو پَهُه اَچِيو پوءِ،
    سو پُڻ ساڙو هوءِ، هِي جو اهُه سَرِيرَ ۾.
    29
    ڪِجي جيئن ڪيچِيَنِ لَئي، تو تان ڪِينَ ڪِيوءِ،
    وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَه کنيَئِي هيڪَڙِي.

    سر حسيني داستان 11
    1
    سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، رُڳو رَنجائو،
    ڏُونگَرِ ڏولائو، ڏِيندا مُون ڏيرَ ويا.
    2
    آريءَ اُتُنِ جيئن، اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَه ڪيو،
    ڪيچ پَهُچِبو ڪيئن، اِهَڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.
    3
    جيئن اُتُنِ آريءَ ڄامَ، اُونءَ تان اوٺِيَنِ نَه ڪِيو،
    ٻَڙَڪِي ٻاهَرِ نِڪَتِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،
    ساهُه ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.
    4
    لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِي ڪوهِيارا وِرَميا؟
    جَنِين سَندِيءَ سِڪَ، رُنمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.
    5
    ”لڪِيُون! آن لڳا، ڪي پَلئَه پانڌِيَئڙَنِ جا؟“
    ”توهان گَهڻيرو، ماءِ! روندا اُوءِ رَتُ وِيا!“
    6
    ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، ڪيچِيَنِ جي قُربَ جو،
    ٿِي نِماڻِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساهَه جو
    7
    ڏوٿِيَنِ چيُسِ، ”ڏُور، ڪيچُ اَڳانهون پَنڌُ ٿِيو،“
    پاڻان چَڙهِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
    8
    ڏوٿِيا! ڪو اوٺِيَنِ جو، مون کي اُهڃُ ڏِهو،
    سَچُ ڪِ ساٿَ نِهو، پُنهُون منهنجو پاڻَ سين؟
    9
    ڪو جو اُٺُسِ مينهن، آرِيءَ جيءَ اُڪيرَ جو،
    ٻاروچاڻُو نِينهن، مَنان ماٺو نَه ٿِئي.
    10
    جيڏِيُون! ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيهُه ٻاروچَنِ جو،
    پُنهُونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينهن جو.
    11
    سَسُئِيءَ جِي سِرِيءَ سان، ڪيچَ- ڌَڻِي ڪانڌِي،
    پَسَڻَ ڪارَڻِ پرينءَ جي، مُنڌَ هُئِي ماندِي،
    لَڪَنِ تان، لَطيفُ چي، آرِياڻِيءَ آندِي،
    پُنهُونءَ پيراندِي، نماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِي.
    12

    گهوڙَن هَنيُون گَهڻِيُون، اُٺَنِ هَنِئي آءٌ،
    جا نِينهن ڳِنَهندِي نانءُ، سا مُون جيئن پُوندِي مامِري.
    13
    لڪڙِيارِيُون آڱرِيُون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ،
    اَچِي پَسو، جيڏِيُون! تازو پُنهُونءَ پيرُ،
    ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِيو.
    14
    لُڇَڻُ نه لاهِينِ، گوندر هِنَ غَرِيبَ تان،
    پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان! جوشَ جَتَنِ جا.
    15
    هَئي ٿو وَڃي هوتُ، آئون ڪِ اَڳَڀَرِي ٿِيان،
    مَتان چوءِ بَلوچُ، ”ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو.“
    16
    ڪَمِيڻِنِ هَٿان، ٿِينِ مُورائِين مَدِيُون،
    تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
    17
    نَه ڪِين ٿِيانَ سَڱ ۾، نَه ڪِين سَڱِيڻِي،
    آهِيان ڪَمِيڻِي، ذاتِ، ٻَروچيءَ نَه جُڙان.
    18
    ڪيچ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ منهنجي زاتِ جِي،
    مَتان پُنهُونءَ پوءِ، لَڄَ منهنجِي لوءِ ۾.
    19
    لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي هَلِيا مُون،
    اَللهَ آهِيين تُون، هوتَنِ تان هيڏِي ڪِئي.

    سر حسيني داستان ٻارهون
    1
    ڏِٺان جي ٻَروچَ، مُون جيئن هوتَ اَکِيَنِ سين،
    مون کي چَيان ”لوچُ“، پاڻان پيٺِيُون ڇَپَرِين.
    2
    هوتُ نَه ڏِٺائُون، ڏوهُه نه ڏِيان جيڏِيين،
    مُون جيئن رُنائُون، مَٿي ڪِيو هَٿَڙا.
    3
    ٻاروچو ٻييءَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين،
    مُون جيئن مُوڙِهينِ مَتِ، پَسنديئِي پُنهُونءَ کي.
    4
    ٻاروچو ٻيءَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏِٺو جيڏِيين،
    سَنجهي ۽ صُبُوحِ، هوندَ نَه وِيَئڙُنِ وِسَرِي.
    5
    آن جي ڏِٺِي، جيڏِيُون! پُنهُونءَ جِي پاٻوهَه،
    سَنجهي ۽ صُبُوحَ، سُورَنِ ٿي سَجَڪِيُون.
    6
    جي هُيان هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون جيئن مُلاقاتَ،
    ٻانهُنِ وِجِهي واتَ، رِيهُون ڪِيان رُڃُنِ ۾.
    7
    جي تو ڳالهائِي ماءِ! ٻاروچا پُڇِيا،
    اُنِين جي وائِي، هوند نه وييان وِسَرِي.
    8
    اَڄُ مَعذُورِ هُئان، اَلا! چَڱِي مَ ٿِيان،
    رِڙهان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرِ ساٿَ جي.
    9
    جي ڏُونگَرَ! مُون ۾ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پرينءَ ري،
    ويهَڻُ مُون وِهُه ٿِيو، ڪيرَ سانڍِيندِي سُکَ،
    هُيَم هوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان.
    10
    ٻِيُون سَڀِ سَڱِيِڻيُون، سَرَتِيُون! مُون چُکَ سين چاءُ،
    اَندَرِ آهيمِ ڳالهڙي، ڪوهِياري جِي ڪاءُ،
    لَڳُمِ ذَرو واءُ، سڄو سَڱُ نَه سارِيان.
    11
    ”ووءِ! ووءِ!“ ڪَندِي وَتُ، مَچُڻ ”ووءِ!“ وِسارِيين،
    پاڻِي هارِ مَ پَڌَرو،، رو مَنجهائِين رَتُ،
    صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها مِيڙي سُپِرِين.
    12
    ووءِ ووءِ وِڏُوڙا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِيا،
    مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا؟
    لاٿُمِ نه توڙا، ماءِ! اوسيئڙو اُنِ جو.
    13
    ووءِ ووءِ پُڻِ ويئِي، رَنُن ڪارَڻِ جا هُئِي،
    پُنهُونءَ کي پيئِي، رُوندِي ڪيرَ رَتَ ڦُڙا؟
    14
    گهوڙا! گَهڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِيا،
    مادَرِ! مٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِهِين.
    15
    ماٺِ مارينديَئي پرينءَ جِي، مَڇُڻِ رنّين رَتُ،
    ڇورِي! ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمِتَ هوتُ وِڃائِيو.
    16
    جَڙَ جيئري جَنِ سين، مُئي پُڻِ سين تَنِ،
    جي هِتِ نَه هوتُ پَسَنِ، سي ڪنهن پَرِ ڪيچ پَسَندِيُون؟
    17
    جيئن جيئن جَهلي جَڳُ، تيئن تيئن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،
    ڳَهريو ٿو ڳالهيون ڪَر، وِهُسي ڀُڻو وَڳُ،
    لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، پُٺِي لالَنَ لَڳُ،
    آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي.
    18
    اَوَجَهڙِ وَتان آءٌ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿَ جي،
    جا نِينهن ڳِنهندِي نانءُ، سا مُون جيئن پوندِي مامِري.
    19
    ماڳهِين جي مُئِي، ته هوندِ نه پيئِي مامِري،
    ڇِڏِيو جي ڪُهِي، ته هيڪارِي هورُ لَهي.
    20
    ٻَڌو ڪنهن ٻَنڌاڻِ، هينئڙو هوتاڻِيءَ سين،
    ڪا جا پيَيس ڪاڻِ، نبيريانسِ نَه نِبِري.
    21
    ڪُهُه ڄاڻان، ڪُهُه ٿِيو، ڪيڏانهن ٿِي وَڃان،
    هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيُون، موڙِيو سڀ ڀَڃان،
    ٻِيَن گهرِ ڳهڃان، مُون هارِيءَ هوتُ وِڃائِيو.
    22
    چان ڪِ آيَسِ اَڳاهِين، تان اُتَهِين اُڀي آهِيان،
    پِرِتِ پَراهِين، هڻي مَران مَ جِيان.
    23
    سَرَتِيُون! سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،
    ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِيو.
    24
    ڏُونگَرَ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارَکُو پُڇِيا،
    هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سندِي تُوڻِ،
    اِيءَ اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَنِ رِيءَ نَه سُٿِرِي.
    25
    لَکين لوڙائُو، سَهَسين آهِنِ سُڃَ ۾،
    بَرَ ۾ بورائو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.
    26
    ٻاروچا ٻِيا گهڻا، منهنجو پُنهُون سِرُ سَڀَنِ،
    چانگي تي چَڙهِي ڪَري، ڪَندو وَرِ وِلَهِيَنِ،
    مَٿي مَعذُورِيَنِ، هوتُ ڌَرِيندو هَٿَرا.
    27
    ٻَاروچا ٻِيا گهڻا، منهنجو اَجهو آرِياڻِي،
    چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
    جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تنهن جو موٽَڻُ ڪو مَسُ ٿِئي.
    28
    هُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تنهن کي چرِي چُونِ،
    اُگهاڙِيُون آتڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هُونِ،
    پَرا تَنِين پُونِ، ڏِٺو جَنِ اکيَنِ سين.
    29
    ڏِٺَمِ اُٺُ اکين سين، مانَ ٻاروچا هُونِ،
    جَنِين ڌارانُ پُونِ، موريسر، اَکيَنِ ۾.
    30
    سَڄَڻُ ڏِٺو جِن، موٽَڻُ تَنِين مِيهَڻُو،
    اِي مَرَڪُ مَعذُورِيَنِ، جيئن مَرَنِ پِرِيان جي پيرَ تي.
    31
    وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
    اَمڙ! جي تُون آڇِيين، سي ڪَمِ نَه اَچَنِ ڪوڏ،
    هِينئين منهنجي هوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
    32
    ڪو جو آيس ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،
    جي هو چُوِنسِ ”ٻوڏُ“، تَه ”جِيءُ“ سُڻائي جَڳَ کي.
    33
    ڀَلِي ڪَري ٿِيومِ، هِيءُ سَڱُ ٻاروچَن سين،
    وَڃِي ڪيچُ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لڳِي جَنِ جي.
    34
    اَدِيُون! ڪا ايندِي؟ ڇَپَرِ مُون سَڱُ ٿِيو،
    لائِيندِيَسِ لِڱن کي، مَلِيرا مِيندِي،
    وِندُرِ آئُون وِيندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
    35
    وَڃَڻُ تو واري، پُرَڻُ پُنهُونءَ پُٺِ ۾،
    ڪَرَهه ڪوهِياري، سُتي تو سَڀِ وِيا.
    36
    مُون کي نَٿا نِينِ، جَتَ مُلڪِ پانهنجي،
    جي گهگهيرِيَنِ گَڏِينِ، ته ٻِينِ کان نِيڻُو ڪَرِيان.
    37
    اَڳي ايئن هُياسِ، جيئن پُنهُونءَ ڌوتَمِ ڪَپڙا،
    هاڻي ايئن ٿِياسِ، جيئن جتَ نه نِينِم پاڻَ سين.
    38
    ڪوهِيارو ڪيڻانِ، ڪِيڻِ وَڃِي، ڪاڏي وَڃان،
    مُون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.
    39
    ڪوهِيارو ڪاري، پَنَ اَڙانگا پَٽِين،
    سي ڏيهَه ڏيکاري، جي اَڳَ نه ڏِٺا ڪَڏِهِين.
    40
    ڏُکويِنِ اُهِڃاڻُ، ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجُرو،
    وَڃَنِ گُوندر گَڏِيُون، لوڪَ ن آڇِنِ پاڻ،
    سُورَنِ اَسان ساڻُ، نَنڍيئِي نِينهن ڪِيو.
    41
    ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجُرو، مٿَو اُگهاڙو،
    ڀينَرُ! ڪُڄاڙو، منهنجو هِنَ ڀَنڀورَ ۾؟
    42
    کُٽِيءَ لَئي! کاڻِي! رکيَئي پِرِتِ پُنهُونءَ سين،
    سُهِيو سُکِيو ڄِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
    توسينِ هاڃو هوتاڻِي صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
    43
    ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، اَمَڙِ! مُون اُماڻِ،
    مَڇُڻِ ڪا رِهاڻِ، مُون تو موٽِي مَسِ ٿِئي.
    44
    ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، مُون جي ڪِيا سَڏَ،
    ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سَويلا لَنگِهيا.
    45
    ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماءِ!
    ڪوهِياري جِي ڪاءِ، ڳِنهيو ڀُوڻان ڳالَهڙِي.
    46
    نينهن مَ نالو ڳِنُ، پِرِيَتَڻي پيرَ ٻِيا،
    سُورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُ، وِرِهُه وِهائِجِ وِتَرو.
    47
    سَڄَڻُ ڏٺو جَنّ، تَنِ ڳِچِيءَ سِرِ ڳَهُه ڪِيو،*
    ٻِيُون ڪوهُه ٻُجَهن، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو.
    48
    هارِي! هينئون مَ لوڏِ، سُکَنِ پوندِينءَ، سَسُئِي،
    ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَه قَطارِيو.
    49
    حُسيني حُسينَ لئي، بِيبِيءَ پاڻَ چَئِي،
    تِهان پوءِ ٿَئِي، خَبَرَ ٻِيءَ خَلقَ کي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو